سريماوو بندرانائڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Sirimavo Bandaranaike, Prime Minister of Ceylon 1960

سريماوو بندرانائڪي (انگريزي ٻولي: Sirimavo Bandaranaike) (پيدائشن اپريل 17، 1916، رتناپورا، سيلون [هاڻي سري لنڪا10 آڪٽوبر 2000، ڪولمببو، سري لنڪا)[1]،سندس پورو نالو ڪماري شيريمائو رتواتي دياس بندرانائڪي آهي، ۽ کيس سيريماوا آر.ڊي.بندرانائيڪي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي.[2] 1960 ۾ دنيا جي سڀ کان پهرين عورت وزيراعظم بڻي هئي،[3][4][5][6] جڏهن هو 1960 ۾ سري لنڪا جي وزيراعظم (ان دور ۾ سيلون جي حڪمران) بڻجي وئي هئي.[7][1] هو سري لنڪا جي سياستدان هئي. هوءَ دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم طور سڃاتي وڃي ٿي.[7] هن ٽن دورن: 1960کان1965 ، 1970کان1977 ۽ 1994کان2000 تائين خدمتون ڏنيون.

هوءَ هڪ اميراڻو ڪُٽنب ۾ پيدا ٿي هئي، بندرانائيڪ ڪيٿولڪ، انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي، پر هيءُ ٻُڌسٽ رهي ۽ سنهالا ٻولي سان گڏوگڏ انگريزي پڻ ڳالهائيندي هئي. سيڪنڊري اسڪول مان گريجوئيشن ڪرڻ تي، پنهنجي شادي ۽ خاندان پرورش کان اڳ هن مختلف سماجي پروگرامن ۾ ڪم ڪيو. هيءَ پنهنجي مڙس ايس ڊبليو آر ڊي بندرانائڪ[1] سان گڏجي مهماندارڻ (هوسٽيس) بڻجي کيڏندي، جيڪو سياست ۾ شامل هو ۽ بعد ۾ وزيراعظم ٿيو، هن هڪ غير رسمي صلاحڪار جي حيثيت سان سندس اعتماد حاصل ڪيو هيو. هن جو سماجي ڪم سري لنڪا جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ تي ٻڌل هيو. 1959 ۾ پنهنجي مڙس جي قتل کانپوءِ، بندارانائڪي سياست ۾ داخل ٿي، سري لنڪا جي فريڊم پارٽي جي چيئروومين بڻجي وئي. هن جولاءِ 1960 جي اليڪشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ پارٽي جي قيادت ڪئي.

Sirimavo Ratwatte Dias Bandaranayaka (1916-2000) (Hon.Sirimavo Bandaranaike with Hon.Lalith Athulathmudali Crop)

بندرانائڪي بئنڪنگ، تعليم، صنعت، ميڊيا ۽ واپار جي شعبن ۾ تنظيمن کي قومي قبضي ۾ وٺي سيلون جي اڳوڻي برطانوي ڪالوني کي سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. انتظامي ٻولي کي انگريزي کان سنھالا ۾ تبديل ڪرڻ سان، ھن مقامي تامل آبادي، ۽ اسٽيٽ تاملن، جيڪي 1948 جي سٽيزن ايڪٽ تحت بي وطن ٿي ويا ۾ ڳڻتي کي وڌايو. بندرانائيڪ وزيراعظم طور پهرين ٻن مُدن دروان، ملڪ وڏي مهانگائي (افراط زر) ۽ ٽيڪس، سندس سنهالي قوم پرست پاليسين جي سبب سنهالين ۽ تامل آبادين جي وچ ۾ عوام کي کاڌو کارائڻ جي درآمد تي انحصار، وڏي بيروزگاري، ۽ مخالفت (پوليرائيزيشن) جي آزار ۾ ورتل هيو.

ان آزار کان بچندڙن 1962 ۾ بغاوت جي ڪوشش ڪئي ۽ 1971 ۾ بنياد پرست نوجوانن جي بغاوت تي قابو پاتو ويو، ان سان 1972 ۾ هن هڪ نئين آئيني مسودو جي جوڙجڪ ۽ سري لنڪا جي جمهوريت جي قيام جي نگراني ڪئي. 1975 ۾، بندرانائڪي آخرڪار عورتن ۽ ٻارن جي معاملن جي سري لنڪا واري وزارت بڻجڻ سان ئي، سري لنڪا ڪابينا ۾ پڻ خدمتون ڏيندڙ پهرين عورت مقرر ڪيو ويو. بندرانائڪي جي دور حڪومت ۾ قومي سطح تي گهٽ ۾ گهٽ معاشي ترقي جي نشاندهي ڪئي وئي. هن غير لاڳاپيل قومن ( Non-Aligned Nations) جي ۾ مذاڪرات ڪار ۽ اڳواڻ جي حيثيت سان هن ٻاهرين ملڪ پڻ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

شروعاتي زندگي (1916-1940)[سنواريو]

The Mahawalatenne family, including Mahawalatenne Rate Mahattaya (back row right) and Agnes Mahawalatenne (née Ellawala, front row right), the maternal grandparents of Sirima Ratwatte.

بندرانائڪي 17 اپريل 1916ع تي رتناپور ۾ ايلوالا والواوا ۾، برطانوي سري لنڪا ۾ پيدا ٿي هُئي.[8] [9] ھن جي ماءُ روزالند ھلادا مهولاتين ڪماري[10]، هڪ مشھور آيورويدڪ فزيشن هئي[11]، ۽ ھن جو پيءُ بارنس رتواتي هڪ سياستدان ھو. هن جو نانو، مهاولتين، ۽ بعد ۾ سندس پيءُ، بالنگوڊا جي راتي مهاتمايا جي حيثيت سان ديسي نمبردار يا مکيه طور ڪم ڪيو.[12]

وفات[سنواريو]

هن 10 آڪٽوبر 2000، تي 84 سالن جي ڄمار ۾ ڪولمببو، سري لنڪ وفات ڪئي.[13]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "Sirimavo Bandaranaike | Biography & Facts". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2020-11-26. 
  2. "Sirimavo Bandaranaike". Britannica Presents 100 Women Trailblazers. حاصل ڪيل 2020-11-26. 
  3. Pruitt, Sarah. "7 Women Leaders Who Were Elected to Highest Office". HISTORY. حاصل ڪيل 2020-11-26. 
  4. "Sirimavo Bandaranaike | The World's First Female Prime Minister's Official Website". Sirimavo Bandaranaike | The World's First Female Prime Minister. حاصل ڪيل 2020-11-26. 
  5. Rettie, John. "Obituary: Sirima Bandaranaike". the Guardian. حاصل ڪيل 2020-11-26. 
  6. "Sirimavo Bandaranaike | Wikigender". حاصل ڪيل 2020-11-26. 
  7. 7.0 7.1 "Sirimavo Bandaranaike". The Economist. 19 October 2000. https://www.economist.com/obituary/2000/10/19/sirimavo-bandaranaike. Retrieved 21 July 2020. 
  8. Thompson, Clifford (2001). Current biography yearbook, 2001. Internet Archive. New York : H.W. Wilson. http://archive.org/details/currentbiography1961thom. 
  9. "Centennial retrospection | Daily News". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-11-26. 
  10. "“Stateswoman” Sirimavo made history as the world’s first woman prime minister - Daily Mirror - Sri Lanka Latest Breaking News and Headlines". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-11-26. 
  11. "Feature". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-11-26. 
  12. "REMEMBERING DR. SIVALI RATWATTE". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-11-26. 
  13. Dugger, Celia W. (2000-10-11). "Sirimavo Bandaranaike of Sri Lanka Dies at 84; First Woman Premier (Published 2000)" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/2000/10/11/world/sirimavo-bandaranaike-of-sri-lanka-dies-at-84-first-woman-premier.html. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]