سانچو:مُک صفحو/چونڊ مضون
ڏيک
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي 18 سيپٽمبر 2024ع تي ميرپور خاص جي سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ توهين الزام هيٺ ماورائي عدالت پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو. 17 سيپٽمبر تي شاهنواز ڪنڀر مٿان بنا تصديق جي فيسبڪ پوسٽن ذريعي توھين رسالت جو الزام لڳايو ويو. جنهن سبب مقامي امام، صابر سومرو پاران هڪ آيف آئي آر داخل ڪرائي وئي. ايف آئي آر کان پوءِ شاهنواز کي عمرڪوٽ جي سول اسپتال ۾ سندس عهدي تان معطل ڪيو ويو. پوليس تي تنقيد تڏهن شروع ٿي، جڏهن ال خدمت فائونڊيشن پاران شاهنواز جي قتل ٿيڻ کانپوءِ عمرڪوٽ ۾ مذهبي جماعتن ۽ وڳوڙين سان گڏ پوليس آفيسرن، ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي چوڌري اسد، ۽ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي پير امير بخش جيلاني تي 5 مڻ کان وڌيڪ گل نڇاور ڪيا ويا. ان کان علاوه، ايس ايس پي آفيس ۾ ريڊ ڪارپيٽ وڇائي، انهن مٿان گل وڇايا ويا ۽ گلن جا هار پارايا ويا.