ساز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ساز __(Musical Instrument):

اهڙو اوزار ، جنهن سان سنگيت ۽ سريلن آوازن جي لئي نڪري. ساز، سازيندا، راڳين جي ڳائڻ وقت استعمال ڪندا آهن. اهڙيءَ ريت راڳيءَ جي آواز، گيت ۽ سازن جي سنگم سان وڻندڙ فضا جنم وٺندي آهي. سازندا، اڪيلا ساز به وڄائيندا (solo play) آهن. سنڌ جي مشهور سازن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: الغوزو، بوڙينڊو، يڪتارو، دهل، پڪواز، چپڙيون، تنبورو، دنبورو، مٽڪو/گهڙو، مرلي، سرندو، بانسري، شرناءِ، ڪماچ، بينون، نڙ، نڙانڊي، جهانجهه، ڇير، نورا، گهنگهرو وغيره.[1]انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي، جتي هر ملڪ کي پنهنجا پنهنجا راڳ آهن، اتي هر ملڪ کي پنهنجا ساز به آهن، پر ڪن کي گهڻا. انهيءَ ڏس ۾ سنڌ ملڪ به غريب ڪونهي. جتي سنڌ کي سدا ملوڪ راڳ آهن اتي وڻندڙ ساز به آهن. سنڌي راڳن جو ذڪر ٻئي باب ۾ ڪبو، هتي رڳو سنڌ جي سازن جي باري ۾ پڇا ڪجي. چون ٿا ته سڀ کان پهرين حضرت آدم عيله السلام جي ڇهين پٺ ۾ هڪ ماڻهو يوبل (جوبل) ٿي گذريو آهي، جنهن پهريون ساز اوغون (آرگن) ٺاهيو ۽ وڄايو پوءِ حضرت دائود عليه السلام جن چنگ ايجاد ڪيو، جنهن کي پاڻ وڄائيندا به هئا ۽ زبور جون دعائون، مٺي آواز سان به پڙهندا هئا. ان کانپوءِ ساز ويا ٺهندا. ارجنيٽنا جي غارن جي تصوير موجود آهي جنهن ۾ اڌ اگهاڙي عورت هڪ ئي وقت تي ٻه بينون (الگرزا) وڄائي رهي هئي. انهن بينن مان هڪ نر ٻي مادي هئي. ممڪن آهي ان وقت هتي جو ۽ اتي جو تمدن هڪڙو هجي. خير الگرزن تي بحث اڳتي ڪبو.، هتي صرف اهر ٻڌائڻون آهي ته ائين ساز ايجاد ٿيندا ويا. هندستان ۾ امير خسرو ستار ايجاد ڪئي ۽ پکاوجه کي وچان وڍي، ان کي طبلو بنايائين. مطلب ته ائين دنيا ۾ ساز وڌيندا رهيا. سنڌ ۾ به نڙ، الگرزا، دنبوريون، گهاگهرو، ڏنڊو، بوڙيندا وغيره ايجاد ٿيا، جن جو ذڪر جدا جدا ڪبو. سنڌ ۾ مشهور آهي ته دائم فقير يڪتارو ايجاد ڪيو، پر دائم فقير کان اڳ هندستان ۾ ميران ٻائي جو يڪتارو مشهور آهي. اهو يڪتارو ترقي ڪندي پنجاب جي هڪ درويش سائين مرنا تائين پهتو، جنهن انهيءَ يڪتاري ۾ سر لاءِ ٻيون به ڪي تاريون هيٺان لڳايون، ۽ ان کي وچتر وينا وانگر وڄائڻ لڳو. سائين مرنا ويهين صديءَ جو سدا ملوڪ يڪتاره نواز هو، سندس مرڻ سان سچ ته يڪتارو مري ويو. راقم الحروف سائين مرنا سان گهڻيون ڪچهريون ڪيون. ائين لطيفي دنبورو به ستار ۽ تانپوري جي وچ جي ايجاد آهي، وري جي کڻي ڪيمري کي سنڌي ساز چئجي ته اهو به سارندي جو هڪ نمونو آهي،انڪري انهن سازن کي ڇڏي باقي سازن جو ذڪر ڪبو. سنڌ ۾ ڪي اهڙا ساز ايجاد ته ٿيا، جيڪي اڳتي هلي نه سگهيا، ان ڪري رهجي ويا ۽ ڪي اهڙا نڪتا جو اڄ تائين هلندا اچن ٿا..[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)}