الغوزو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
تونبو ۽ الغوزو

الغوزو وات سان وڄائڻ وارو ڦوڪ جو ساز. هي اصل ۾ بينن جو جوڙو آهي، جيڪي گڏ وڄائبيون آهن. عام طور تي هن کي بينون ۽ الگوزا چوندا آهن. ٻن بينن تي مشتمل هن ساز جي ننڍي بين وڄائڻ ۽ سُر ڪڍڻ لاءِ ۽ وڏي بين سُر جي آس لاءِ استعمال ٿيندي آهي. اهي ٻئي بينون ڪاٺيءَ جي هڪ ٽڪريءَ ذريعي مٿان کان پاڻ ۾ ڳنڍيل هونديون آهن. وچ ۾ هڪ سوراخ هوندو آهي، جتان ڦوڪ ڏبي آهي، جنهن سان هي ساز وڄندو آهي. الغوزو، سنڌ جو قديم ۽ مقبول ساز آهي. اصل ۾ سنڌي موسيقيءَ جي سڃاڻپ ئي الغوزو آهي. موسيقيءَ جي ماهرن جو خيال آهي ته الغوزو سنڌ ۾ هزارين سالن کان رائج آهي. ابتدا کان هي سنڌ جي عام ڳوٺاڻن جو ساز هوندو هو. مال چاريندڙ ڌراڙ وندر جي خيال سان انهيءَ کي وڄائيندا هئا.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ الغوزن جو پهريون ماهر وڄائيندڙ، مصري خان جمالي هو، جيڪو پاڻ الغوزا ٺاهي ميڙن ملاکڙن ۾ وڪڻندو به هو. هو سنڌ جو ماهر الغوزا نواز هو. پهريون ڀيرو کيس 1953ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس واريءَ ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويو، جتي اسٽيج تي ويهي مهارت سان الغوزو وڄايائين. سندس خدمتن جي اعتراف طور کيس ”حسن ڪارڪردگيءَ“ جو تمغو به مليو. هن بعد ۾ مختلف ملڪن ۾ الغوزو وڄائي بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي. مصري خان جماليءَ کان پوءِ خميسي خان الغوزا وڄايا. هن نه فقط الغوزا وڄائڻ ۾ پاڻ مڃرايو، پر هن قديم ساز جي هيئت به تبديل ڪئي. هن آس جي هڪ بين جي جاءِ تي ٻيءَ بين جو اضافو ڪيو ۽ ٽن بينن وارو الغوزو وڄايو. ڪجهه وقت کان پوءِ ان ۾ چوٿين بين جو به اضافو ڪيائين. خميسي خان کي به سندس خدمتن جي اعتراف طور ”حسن ڪارڪردگيءَ“ جو تمغو مليو. هن به ٻاهرين ملڪن ۾ بينون وڄائي وڏي شهرت حاصل ڪئي. سندس پٽ پڻ ساڳئي فن جو ماهر آهي. هن وقت ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ڏاڏون جو الهبچايو کوسو، بهترين الغوزا نواز آهي، جنهن پڻ ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.[1].نڙ وانگر الگرزا به سنڌ جو قديم ساز آهي، الگرزن کي پايا به چون، بينون به چون. هن کان اڳ به ذڪر ٿي چڪو آهي، ته ٻن پاين وڄائڻ جو رواج قديم زماني ۾ به هو، ارجنٽائين جي غارن ۾ به اهڙي تصوير اڪريل آهي، جنهن ۾ هڪ اڌ اگهاڙي نينگر پايا وڄائي رهي آهي.هن زماني ۾ به پنجاب ۾ نر ۽ مادي ٻه پايا وڄائيندا آهن، جن تي مرزا چوندا آهن. پايا ڀلي کڻي اڳي ٻين ملڪ ۾ به وڄندا هجن، پر سنڌي فنڪارن جيڪو هن سان کي عروج ڏنو، تنهن جو جواب ناهي. ان ڪري اڄڪلهه انهيءَ ساز کي سنڌي ساز چئي سگهجي ٿو. پايا به نڙ وانگر پوريون ڪاٺيون ٿيندا آهن، اهي ڪاٺيون گهڻو ڪري ٽالهي يا ڪڙر جون هوندو آهن، جن کي ڪاريگر پورو ڪري، ان مان ٺاهيندا آهن. انهن مان هڪ کي نر چون. نر رڳو سُر جو جوڙ ڏيندو آهي، نر ۾ هيٺ، وڌ ۾ وڌ ٽي سُر جهلائي سگهبا آهن، باقي سوراخ ائين هوندا آهن. ڇا ڪن جو ٽالهي يا ڪرڙ جي سوڌي ڪاٺي کڻي ان کي پورو ڪري، پوءِ ان کي هڪ پاسي کان سوڌو مڇو ڏين ۽ ٻئي پاسي کان آڏو پوءِ آڏي مڇي واري سوراخ ۾ هڪ ننڍي ڏگري هڻن، جنهن کي ”ٻنجي“ به چون ٻنجو به چون، ۽ ان جي مٿان چوڪنڊياريو سوراخ ڪڍن پوءِ ٻنجي واري منهن کان ڦوڪ ڏيندا ته وڄندي، وري مٿئين سوراخ کان گرانٺ کن هيٺ هڪڙي ئي سڌ ۾ ست اٺ سوراخ گول ڪڍن، انهن مان ڇهه لاچار ست وڄائن، باقي ٻيا ائين ڇڏين . پوءِ پهرين پهن سوراخن تي ٽي سڄي هٿ جون، ۽ ٽي کٻي هٿ جون آڱريون رکي منهن کان ڦوڪ ڏيئي وڄائين ۽ آڱرين کي هلائي جيڪو سر کپين سو ڪڍن. اها ٿي ماديءَ جي گهڙت. سر راڳ لهرا سڀ ماديءَ مان نڪرن. نر کي رڳو جوڙ جي سر لاءِ رکن، جتي نر ۽ مادي جي سر ۾ جوڙ نه پيدا ٿئي، مٿئين سوراخ تي ميڻ جو جهلو ڏين، ته سر مليو وڃن، ائين پايا ٺاهي پوءِ ٽنڊ لاءِ انهن تي پارا ۽ جنسار رکن. الگرزا وڄائڻ به هڪ خاص فن آهي، جنهن ۾ ڦوڪ اهڙي ڏين جيڪا کُٽي نه اهڙي ڦوڪ ڏيڻ لاءِ سيکڙاٽ پهرين ڪڻڪ جي تيلي کڻي، ان جو هڪ پاسو وات ۾ وجهن، ۽ ٻيو پاسو پاڻيءَ ۾، پوءِ يڪي ڦوڪ ڏين. سکڻ کان پوءِ نڪ مان ساه به کڻندا ويندا، ۽ ڦوڪ به نه ٽٽندي. ائين ڦوڪ پڪي ٿيڻ کان پوءِ الگرزا وڄائين. هن ساز ايتري ته ترقي ڪئي آهي، جو انهيءَ ساز ۾ راڳ ڪافيون ۽ طرحين طرحين لهرا وڄايو وڃن. هن وقت الگرزا وڄائڻ ۾ خميسو جهنجهي، ميرڻ جاگير وارو سنڌ ملوڪ آهي، خميسي جهنجهيءَ هن ساز ۾ واڌارو به ڪيو آهي. هن هڪ ئي وقت تي ٽي بينون وڄايون، جنهن مان ماديءَ مان ٻول نر مان جوڙ جو سر ۽ ٽي بين مان پنچم جو سر نڪرندو هو. انهيءَ لحاظ سان هن انهيءَ ساز جو نالو به بدلائي ”خمسه“ رکيو. واقعي انهيءَ نالي ۾ خميسي جو نالو به اچيو وڃي ٿو. ته پنچم جي اضافي جو به ذڪر ٿيو وڃي!.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. الغوزو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)}