يڪتارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يڪتارو

يڪتارو (هندي: एकतारा، اردو: اِک تارا، بنگالي: একতারা، نيپالي:एकतारे، پنجابي: ਤਾਰਾ ਤਾਰਾ، تامل: எக்டரா؛ لفظي معنيٰ 'هڪ تار' به سڏيو ويندو آهي، ايڪٽرا، اڪتار، يڪتار، یڪتارو[1]، گوپیچند، گوپچينٽ، گولڪي نيپالي:गोल्، گوپيجيانٽرا، تون تونا) هڪ تار وارو ساز آهي، جيڪو ڏکڻ ايشيا جي روايتي موسيقي ۾ استعمال ٿيندو آهي[2]، ۽ بنگلاديش، هندستان ۽ پاڪستان جي جديد موسيقي ۾ استعمال ٿيندو آهي.[2] ان جي ايجاد ڏکڻ ايشيا ۾ ٿي هئي.[2]

پنهنجي شروعات جي دور ۾ يڪتارو هڪ باضابطا ڌاريدار موسيقي جو اوزار هو، جنهنکي گهمندي ۽ جهومندي هندستان جا شاعر آڱر سان تار کي ڇڪي آواز پيدا ڪندا هئا ۽ پنهنجي ذاتي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. اهو پکڙيل ساز آهي جنهن ۾ گونجڻ جي صلاحيت موجود آهي. ان گهڙت ۾ ساهه جو حصو مٿي جوڙيو ويو آهي.[3]

يڪتارو جو استعمال[سنواريو]

يڪتارو وڄائڻ وارو ماڻهو ان اوزار کي اُڀو رکندو آهي. پوءِ ان جي مٿئين حصي کي هٿ ۾ پڪڙيندو آهي. اهو هٿ سان ان جاءِ تي رکندو آهي جتي گونج جو اثر ڇُٽندو آهي. هو يڪتاري جي تار يا تارن کي انهيءَ هٿ جي پنهنجي وچئين آڱر سان وڄائيندو آهي. جيڪڏهن ناچ به ڪندو آهي، ته هو گونجڻ واري حصي کي ٻئي هٿ ۾ پڪڙيندو آهي.[4] ٻنهي هٿن سان مٿئين حصي کي دٻائڻ ۽ تار کي ڍلو ڪيو ويندو آهي، جنهن سان آاز ماٺيڻو ٿي ويندو آهي. مٿئين حصي جي ٿورڙو جهڪڻ سان الڳ ال ڌُن نڪرندي آهي. اهڙو ڪوبه نشان يا ماپ موجود ناهي ته ڪيتري دٻاءَ سان ڪهڙي ڌُن ٺهندي آهي، ان لاءِ دٻاءَ ڪٿان پوندو آهي.[5] ايڪتارا جا مختلف سائز هوندا آهن. انهن ۾ سوپرانو، تينور ۽ باس شامل آهن. باس کي دوتارا به سڏيو ويندو آهي ۽ ان ۾ ٻه ڏورِيون يا تارون هونديون آهن.[6]

يڪتارو ٺاهڻ جو طريقو[سنواريو]

يڪتارو ۾ خاص ڳالهه هي آهي ته ان منجهان ٻين روايتي سازن وانگر ست سُر نڪرندا آهن. ان اوزار سان ڪنهن به وڏي تقريب ۾ سنگت به ڪري سگهجي ٿي. ان کي ٺاهڻ ۾ رُڳو 30 روپيا لڳندا آهن. انهن جُزن ۾ هڪ تار، تانپرا، ڀپنگ ۽ تمبورو جي ملاوٽ آهي. گهريلو طور تي ٺاهڻ جي لاءِ گهڻي سيڙپ لڳندي آهي. ڇاڪاڻ ته ان کي ٺاهڻ جي لاءِ معمولي شين جو استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهڙيون شيون آهن، جيڪي گهر ۾ سولائيءَ سان ملي سگهن ٿيون. اوزار کي هڪ ٽين ڊٻي، پُراڻي دُهل جي پُڙ، هڪ ڊگهي ڪاٺي، هڪ تار ۽ ڪِلي سان تيار ڪري سگهجي ٿو.[7]

گيلري[سنواريو]


حوالا[سنواريو]

  1. "يڪتارو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2021-02-21. 
  2. 2.0 2.1 2.2 Dilip Ranjan Barthakur (2003). The Music and Musical Instruments of North Eastern India. Mittal Publications. pp. 129–. ISBN 978-81-7099-881-5. https://books.google.com/books?id=oP4vH-4oSEcC&pg=PA129. 
  3. Miner, Allyn (1999). South Asia: The Indian Subcontinent. Routledge. pp. 343. http://0-glnd.alexanderstreet.com.ignacio.usfca.edu/view/329417. Retrieved 2014-09-07. [مئل ڳنڍڻو]
  4. "Ektar". Oxford Music Online. حاصل ڪيل 2014-09-18. [مئل ڳنڍڻو]
  5. "Ektara". Musical Instruments Archives. وقت 2018-12-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2014-09-15.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. Lillian Henry. "What is Kirtan Music". Entertainment Scene 360. وقت 2014-07-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2014-09-17. 
  7. take inspiration from beggar, make music instrument in thirty rupee