نڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نــــڙ :

نڙ سنڌ جو خاص ساز آهي، ۽ قديم زماني کان سندس تاريخ ملي ٿي. اڳي اڳي جڏهن لاريون، موٽرون ۽ ريل گاڏيون نه هونديون هيون، تڏهن سنڌ جا ماڻهو اٺن تي سفر ڪندا هئا ۽ اهي اٺ هڪ قطار ۾ قافلو ڪري هلندا هئا. پوءِ اهي قافلا ڪيچ مڪران کان ديبل، اروڙ بلڪ ملتان تائين هلندا هئا، ڀاڙي تي اٺ ڏيڻ، لڏ پلاڻ، بار لاهڻ، سرواڻي ڪرڻ، سڄو ڪم ميرجتن جي حوالي هوندو هو. پوءِ اهي قطار جي اٺن جي گوڏين ۾ گهنگهرو ٻڌي ڇڏيندا هئا، ۽ ڳچيءَ ۾ چڙا يا گهنڊ ٻڌندا هئا، جنهن جو مطلب هي هوندو هو ته جي ڪو اٺ قطار مان ڇڄي وڃي، ته چڙي ۽ گهنگهرن جي آواز تي خبر پئجي وڃي، ۽ کيس ڳولي لهجي پر جي اٺ قطار ۾ هلن ته سندن گهنگهرو ۽ چڙا هڪ قسم جو تال ۽ موسيقي پيدا ڪندا آهن. پوءِ انهيءَ موسيقي تي سروان بيت ڏيندو ۽ باقي اٺن وارا هونگارو جهلائيندا. انهيءَ قسم جي بيتن ۽ هونگاري جو مقصد صرف هيءُ ئي هوندو هو ته اٺن وارا غافل ٿي سمهي نه رهن، ۽ وقت به سولو گذرندو وڃي. عرب ملڪ ۾ اهو رواج جدي خوانيءَ ۾ملي ٿو وري جڏهن قافلي وارا منزل ڪندا هئا، تڏهن کين چورن ڌاڙيلن کان حفاظت ۾ رهڻ لاءِ جاڳڻو پوندو هو. ان ڪري وقت گذارڻ لاءِ بيتن جي محفل ڪندا هئا،پر اتي اٺن جي چڙن ۽ ڇيرن جو آواز نه هوندو هو، انڪري نڙ ايجاد ڪيائون. رات جو منزل جي محفل ۾ نڙ ۽ نڙي وڄائيندا هئا، ۽ انهن لهرن تي بيت ڏئي وقت گذاريندا هئا. آهستي آهستي نيون سواريون وجود ۾ اينديون ويون، ۽ اٺن جي قافلن جو رواج نڪرندو ويو، پر ٻهراڙين ۾ نڙ ۽ نڙي تي بيت ڏيڻ جو رواج رهجي ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي..[1]نڙ، ڪنگور مان ٺاهيندا آهن. سڌي سوڌي ڪنگور کي وڍي، انهيءَ تي ڏاڍا انگ اکر هڻي، ٻنڌين سان مضبوط ڪري پارا ۽ رنگ هڻي، پوءِ هيٺئين حصي ۾ چار سوراخن تي آڱريون رکي سُرَ ڪڍن، اهو ڪنگور جو نڙ ڏيڍ فوٽ سوا فوٽ مس ٿئي. انهيءَ ڪنگور جي نڙ وڄائڻ وارو هڪ ئي سنڌ ملوڪ فنڪار، شاهه محمد نابينا اهڙو ٿي گذريو آهي،جنهن ويرون واهي ڇڏيون! نڙ جي چئن سرن مان سڀ راڳ ۽ لهرا ڪڍندو هو. راقم الحروف کي ياد آهي، ته جڏهن چين جو وزيراعظم چواين لائي، حيدرآباد آيو هو، تڏهن سندس محفل ۾ شاه محمد نابينا، نڙ وڃايو هو، چو اين لائي شاه محمد جي نڙ تي ايترو ته وجد ۾ آيو جو ڊوڙي اچي کيس ڀاڪر پاتائين، ۽ کيس چين اچڻ جي خاص دعوت ڏنائين، پر هن عظيم فنڪار جو حياتيءَ ساٿ نه ڏنو! شاه محمد جيتوڻيڪ اکين کان نابين هو، تنهن هوندي به وقت اهڙو صحيح ٻڌائيندو هو، جو وڃي ٿيا خير! واچ سدائين ٻڌل هوندي هئس.بيتن جي ڪچهريءَ ۾جيڪ نڙ وڄايا ويندا آهن، اهي ڪنگور جي نڙ کان وڏا ٿيندا آهن ۽ ڪاٺيءَ جا هوندا آهن، جنسار انهن تي به ساڳيو رکندا آهن. انهن نڙن ۾ نڙائي، نڙي به وڄائيندا آهن. انهن نڙن وڄائڻ جون ٻه چالون ٿينديون آهن، هڪ چال جو تار اٺن جي قدم قدم هلڻ جهڙو ٿيندو آهي ۽ ٻيو تار اٺڻ جو ڊوڙ جي رفتار تي. جڏهن نڙائي پهريون لهرو وڄائي ٻئي تي لهندو آهن، تڏهن بتين ڏيڻ وارو ڪن تي هٿ رکي بيت ڏيندو آهي، ۽ بيت پورو ٿيندو آهي ۽ پڇاڙيءَ واري سٽ تي هونگاري وارا هونگارو جهلائيندا آهن. اڄڪلهه نڙ جا بيت سانوڻ فقير جا مشهور آهن. نوناريءَ جا بيت به ڀلا، پر ساوڻ سان لڳي ڪونه!.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)}