بوڙينڊو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بوڙينڊو: ھڪساز جو قسم. بوڙينڊو مٽيءَ جو گول کينهوڙي وانگر ٺاهيندا آهن، جنهن جو اندر پورو هوندو آهي. انهيءَ مٽيءَ جي گولي جي مٿان هڪ سوراخ ڪندا آهن، ۽ پاسي کان ٿورا ٻوانجرا ٻه يا ٽي سوراخ ٻيا به ڪڍندا اٿس، پوءِ انهيءَ کي رکندا سڪڻو. سڪڻ کان پوءِ انهيءَ کي باهه۾ پچائيندا ،بس پچڻ کان پوءِ بوڙينڊو تيار آهي. پوءِ مٿئين سوراخ تي چپ رکي، بانسليءَ وانگي وڄائيندا. بوڙينڊو سنڌ جي ڌراڙن ۾ مشهور آهي، اهي مال پهرائڻ تي، مال کي پاڻيءَ تي ورائڻ يا وٿان تي آڻڻ لاءِ به وڄائيندا آهن. مطلب ته مال جي وراڻي لاءِ گهڻو ڪم آڻين. بوڙينڊو اسر جو ۽ شام جو وڄندي ڏاڍو سٺو لڳندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)}