مواد ڏانھن هلو

رائيونڊ مرڪز

Raiwind Markaz
تبلیغی مرکز رائے ونڈ
رائيونڊ مرڪز is located in پاڪستان
رائيونڊ مرڪز
پاڪستان ۾ ڏيکاريل
بنيادي ڄاڻ
جاءِرائيونڊ، لاھور ضلعو، پنجاب، پاڪستان
مقانيت31°09′09″N 74°07′55″E / 31.1524°N 74.1320°E / 31.1524; 74.1320
مذهبي لاڳاپواسلام
ضلعولاهور
صوبوپنجاب
ملڪپاڪستان
ڪليسائي يا تنظيمي حيثيتمسجد، مدرسو
اڳواڻمولانا نذر الرحمان
تعميري ڄاڻ
اڏاوت جو قسممسجد
اڏاوتي طرزپاڪستاني ڳوٺاري
بانيحاجي عبدالوهاب
مڪمل ٿيو2006ع
خصوصيتون
گنجائش1,50,000
ڊيگهه500 ميٽر
ويڪر410 ميٽر
منارا2
منارن جي اوچائي40 ميٽر

رائيونڊ مرڪز (Raiwind Markaz)؛ اردو: رائے ونڈ مرکز) ھڪڙو ڪمپليڪس آھي جيڪا ھڪ مکيه مسجد، اسلامي مدرسو ۽ رھائشي علائقن تي مشتمل آهي. هي مرڪز رائيونڊ شھر ۾ واقع آھي، جيڪو لاھور، پاڪستان جي ويجهو آھي ۽ پاڪستان ۾ تبليغي جماعت جو مرڪز آھي. اهو ڪيترن ئي ماڻهن، بشمول بين الاقوامي مهمانن، کي پنهنجي سالياني اجتماع ڏانهن راغب ڪري ٿو.[1]

سالياني گڏجاڻي

[سنواريو]

اصل مضمون: رائيونڊ اجتماع

اهو مرڪز جي ويجهو (مرڪز کان 5 ڪلوميٽر) اجتماع گاهه ۾ منعقد ٿيندو آهي. اهو پاڪستان ۾ مسلمانن جو هڪ ئي هنڌ تي سڀ کان وڏو اجتماع آهي. پاڪستان ۽ سڄي دنيا مان 20 لک کان وڌيڪ مسلمان هن جاءِ تي ايندا آهن، جنهن جي رٿابندي ۽ انتظام رائيونڊ مرڪز ڪندو آهي. ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت جي ڪري هاڻي ان کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هر سال ٻه حصا ۽ باقي ٻه حصا ايندڙ سال اجتماع ۾ شامل ٿيندا آهن، هر هڪ حصو ٽي ڏينهن جاري رهندو آهي ۽ آخري ڏينهن تي خاص دعا ڪئي ويندي آهي. رائيونڊ اجتماع جي ڪنهن به حصي ۾ پرڏيهي ماڻهن جي اچڻ تي ڪا به پابندي ناهي. انهن ڏينهن تي مختلف ملڪن جي عالمن کي دعوت ڏني ويندي آهي. اجتماع مسلمانن جي سڀني فرقن لاءِ آهي. هن سالياني اجتماع جو واحد مقصد هڪ امت ٺاهڻ ۽ الله تي پختو ايمان آڻڻ آهي. هندستان ۽ پاڪستان ۽ مسلم دنيا جي ٻين حصن مان عظيم مسلمان عالم به تقريرون ڪندا آهن. غير ملڪين لاءِ الڳ جاءِ آهي، جن سان گڏ مترجم به هوندا آهن.

پڻ ڏسو

[سنواريو]
  • تبليغي جماعت
  • نظام الدين مرڪز، ڀارت
  • ڪڪريل مسجد، بنگلاديش

خارجي لنڪس

[سنواريو]

سانچو:Tablighi Jamaat سانچو:Mosques in Pakistan سانچو:Authority Control

سانچو:Pakistan-mosque-stub سانچو:Lahore-stub

حوالا

[سنواريو]
  1. "Fig. 2: Markaz of Tabllghl Jamac at in Raiwind (Pakistan), 25,000 peo..." ResearchGate (انگريزي ۾). 2019-01-14 تي حاصل ڪيل.