خير محمد ٻرڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
مقامي ٻوليء ۾ نالو خير محمد ٻرڙو
پيدائش 4 اپريل 1949ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
ڌنڌو ليکڪ
قوميت پاڪستاني
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
موضوع بي اي، بي ايڊ، ايم اي اڪانامڪس ۽ ايم اي سوشيالاجي

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي[1] ولد حبيب الله ٻرڙو جو جنم 29 اپريل 1949ع تي ڳوٺ ڪاڇو واهڻ تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ملا محمد چني کان حاصل ڪيائين ان کان سواءِ بي اي، بي ايڊ، ايم اي اڪانامڪس ۽ ايم اي سوشيالاجي ۾ به حاصل ڪيائين. ملازمت جي شروعات تعليم کاتي ۾ استاد، ان بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ ائڊزون ڊولپمينٽ اٿارٽي (سازدا) گورنمينٽ آف سنڌ ان بعد اسٽنٽ چيف، پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ، ڊسٽرڪٽ آفيسر پلاننگ دادو، ڊسٽرڪٽ آفيسر فنانس ۽ پلاننگ سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز، جتان سرڪاري نوڪري چاليهه سال ڪري رٽائرڊ ٿيو.

سماجي خدمتون[سنواريو]

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي سماجي ڪمن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو آهي. پاڻ سگا جو مالياتي سيڪريٽري ۽ اطلاعات سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.هن وقت سنڌي ادبي شاخ سيوهڻ سان وابسته آهي.

ايوارڊ[سنواريو]

تعريفي شيلڊ 2008ع طرفان حاجي خدا بخش راڄڙ ضلعي ناظم سانگهڙ، سگا طرفان تحقيقي اسڪالر ايوارڊ 2010ع، ڪتاب “سيوهڻ صدين کان” تي مليل شهباز ايوارڊ 2012ع ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڄام شورو.

ڪتاب[سنواريو]

  • ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا ڇاپو پهريون 2005ع ، ڇاپو ٻيو ، ڇاپو ٽيون ختم ۽ ڇاپو چوٿون تياريءَ هيٺ.
  • سيوهڻ صدين کان ڇاپو پهريون 2009ع
  • اسماء الله الحسنيٰ (الله تعاليٰ جا نالا) 2013ع
  • حضرت لعل شهباز قلندر جي سوانح ۽ شاعري اردو ۾ ترجمو 2013ع
  • اسماء المصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم (ڇپيل)
  • سنڌو درياءُ ( ڇپيل)
  • ٻارن جا اسلامي نالا (اڻ ڇپيل)
  • پهاڪن جي انسائيڪلوپيڊيا ، سلسلو پهريون ”الف“صفحا 300 ، سلسلو ٻيو”ب کان پ تائين“ صفحا 350 جمله 650 صفحا.
  • اصطلاحن جي انسائيڪلوپيڊيا (اڻ ڇپيل).

حوالا[سنواريو]

  1. "خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي (ولادت 1949ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-02.