خميسو خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خميسو خان (انگريزي:Khamiso Khan) سنڌ جو مشهور الغوزو نواز هو. جنهن کي تمغه حسن ڪارڪردگي پڻ مليو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

خميسو خان 1923ع ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعو جي شھر ٽنڊو محمد خان ۾ پيدا ٿيو. فن ۾ مهارت سبب مشهوري ماڻيائين. خميسي خان ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن تي به فن جو مظاهرو ڪيو. هن ٻاهرين ۾ آفريڪا، چين،روس، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. کيس مڃتا طور حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي اوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو. هيءُ 8 مارچ 1983 تي لاڏاڻو ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "خميسو خان : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-02-05.