حميده کهڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حميده کهڙو
معلومات شخصيت
ڄم 13 آگسٽ 1936  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
لاڙڪاڻو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 12 فيبروري 2017 (81 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
پيءُ محمد ايوب کھڙو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو father (P22) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، يونيورسٽي آف لنڊن
لنڊن يونيورسٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو مؤرخ،سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
نوڪريون سنڌ يونيورسٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو employer (P108) وڪي ڊيٽا تي

حميده کهڙو ڊاڪٽر سنڌ جي مشهور سياستدان ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي نياڻي، 13 آگسٽ 1936ع تي ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

تعليم[سنواريو]

پرائمري تعليم ڳوٺ مان؛ سيڪنڊري تعليم سينٽ جوزف ڪنوينٽ اسڪول ڪراچيءَ مان ۽ انٽرميڊئيٽ سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد ڪئمبرج يونيورسٽي انگلنڊ مان 1961ع ڌاري تاريخ جي مضمون ۾ گرئجوئيشن ڪئي. هن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي به ڪئي، ان بعد هن اسڪول آف اورينٽئل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، لنڊن يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هيءَ پهرين مسلم خاتون هئي، جنهن اتان ڊاڪٽريٽ ڪئي.

ملازمتون[سنواريو]

ڏيهه موٽڻ بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ 1965ع کان 1969ع تائين پڙهايائين، جتان ڪجهه سياسي سببن جي ڪري کيس برطرف ڪيو ويو. ان بعد هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتي ذاتي ڪوششون وٺندي پاڪستان اسٽڊي سينٽر قائم ڪرايائين. 1983ع ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي ميمبر به ٿي، پر ٻن مهينن بعد استيعفا ڏيئي سياست ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيائين.

شادي[سنواريو]

سندس شادي 1969ع ۾ ڊاڪٽر عبدالحليم قاضيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي ’نوحيٰ مارئي‘ جو اولاد آهي.

سياسي سفر[سنواريو]

هن شروع ۾ سنڌ جي حقن ۽ خود مختياريءَ واري موقف سان سياست جو آغاز ڪندي سائين جي. ايم. سيد جي رهنمائيءَ ۾ ڀرپور سرگرميون شروع ڪيون، پر ڪجهه عرصي بعد قومپرست سياست کان پاسيري ٿي وئي. ڊاڪٽر حميده انهن ڪجهه ماڻهن ۾ شامل هئي، جن 1971ع ۾ ڀٽو حڪومت ۽ انهن حالتن تي تنقيد ۽ شيخ مجيب رحمان جي هلچل جي حمايت ڪئي. هن 1973ع واري آئين تي به تنقيد ڪندي، ان کي صوبن جو مخالف قرار ڏنو. 1988ع ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو، سنڌ نيشنل الائنس جي چيئرپرسن منتخب ٿي ۽ انهي ئي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي 1988ع وارين چونڊن ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي مقابلي ۾ چونڊن ۾ حصو ورتائين پر ڪامياب نه ٿي سگهي. 1990ع ۾ جڏهن ڄام صادق جي قيادت ۾ نگران حڪومت جُڙي ته ڊاڪٽر حميده کهڙو کي ڪجهه مهينن لاءِ تعليم کاتي جو قلمدان ڏنو ويو. 1993ع ۾ هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي. هوءَ پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽوِ ڪائونسل جي ميمبر ۽ پاليسي پلاننگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن به رهي.

ملڪ بدري[سنواريو]

1999ع ۾ جڏهن جنرل پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪيو ته سياسي پارٽين، خاص ڪري مسلم ليگ (ن) گروپ ۾ انتشار پيو، ڪيئي سال ان جي قيادت ملڪ بدر رهي، پارٽين مان ڪيترائي ميمبر ٽوڙيا ويا. 2002ع وارين چونڊن ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو ’ق‘ ليگ جي ٽڪيٽ تي عورتن واري مخصوص سيٽ تي فارم ڀريو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب ٿي، ق ليگ جي حڪومت ۾ 2004ع ڌاري کيس سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير بڻايو ويو. اهو قلمدان وٽس ٽي سال رهيو.

عهدا[سنواريو]

ڊاڪٽر حميده کهڙو ڪيترن ئي ادارن ۽ تنظيمن جي ميمبر/ سئنڊِيڪيٽ ميمبر ۽ عهديدار رهي آهي، آڊيو جنهن ۾ يونيورسٽيون، تحقيقي ۽ ادبي ادارا به شامل آهن. 1999ع کان ’ٽرسٽ فار والنٽيئر آرگنائيزيشن‘ (T.V.O) جي ميمبر ۽ پوءِ وائيس چيئرپرسن به رهي. هن ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا آهن.

تصنيفون[سنواريو]

سياسي سرگرمين کانسواءِ علم ادب ۽ لکڻ سان به چاهه رهيو اٿس. سندس ڪيترا سنڌي، انگريزي ۽ اردو ڪالم شايع ٿيا آهن. سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون دنيا جي مشهور مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا. سندس ڪتابن ۾:

  • 1. Papers of the Second Congress of History and Culture, Sindh University Press, 1976
  • 2. The Making of Modern Sindh, British Policy and Social Change in the 19th Century, Indus Publications, Karachi, 1978
  • 3. Women in Islam, Monograph prepared for Women’s Division, Govt of Pakistan, 1983
  • 4. Sindh Through the Centuries, Edited: Oxford University Press, Karachi, 1981 and 1993.
  • 5. Documents on the Seperation of Sindh from the Bombay Presidency: (2 Volumes), National Institute of Historical and Cultural Research, Islamabad, 1982.
  • 6. Confrontation with the British, Chapter in Pakistan, London, 1976
  • 7. The Challenge of Modernization in the Muslim World, National Institute of Historical and Cultural Research, Islamabad, 1981.
  • 8. Muhammad Ayoub Khuhro, A Life of Courage in Politics, Ferozsons Lahore, 1997


ڇپيل آهن، جڏهن ته هن هيٺيان ڪتاب ايڊٽ ڪيا آهن:

  • 1. A Narrative of a Visit to the Court of Scinde, James Burnes, Edited, O.U.P. Karachi, 1974
  • 2. Memoirs of Naomull Hotchand, Edited O.U.P Karachi, 1982
  • 3. Pakistan’s Experiments in Democracy, Chapter in Reforms and Revolution in Asia, Goerge Allen and Unwin, London, 1972
  • 4. Karachi, Mega city of Our Times (Editor), Oxford University Press Pakistan, Quaid-e- Azasm’s Fourteen Points in view of the Nehru Report (Mss. With Quaid e Azam Academy, Karachi), 1976.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012