ڳورھائپ ۾ ڪووڊ-19

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(حمل ۾ڪوڊ19 کان چوريل)


ڪووڊ-19 (ڪوروناوائرس روڳ 2019) ڳورهائپ (پيٽ، ڳرڀ) ۾ COVID-19 in pregnancy
ڪورونا وائرس جو ورچوئل ماڊل.
خطري جي گنجائش سخت، تيز، ڏاڍو، تڪليف ڏيندڙ، گنڀير انفيڪشن
پرھيز جنهن ۾ کنگھ، بيمار ماڻهن سان لهہ وچڙ ۾ اچڻ کان بچڻ، صابڻ ۽ پاڻيءَ يا هينڊ سينيٽائزر سان هٿن کي صاف ڪرڻ، شامل آهن
موت 2[1]

ڳورھائپ ۾ ڪووڊ-19 (انگريزي ٻولي: COVID-19 in pregnancy) ڳورھائپ ۾ ڪووڊ-19 جي اثرن بابت اڃا تائين مڪمل پروڙ ناھي ڄاڻائي وئي، ڇاڪاڻ ته ان جي اثرن بابت ڪوبه صحيح مواد (ڊيٽا) موجود نه آهي. چين ۾ ھڪ ننڍڙي اڀياس منجھان پروڙ پئي تہ زائفائن ۾ ڪووڊ-19 جي نمونيا جا اُهڃاڻَ ۽ اثرَ، پيٽ سان نہ هئڻ وارين بالغ نارين وانگر هيا. مارچ 2020ع تائين، ڪووڊ-19 کان متاثر ٿيل ڳورھائپ سان زائفائن منجھان، کين ڄمندڙ ٻچن ۾، ان (ڪووڊ) جي منتقليءَ جو ڪوبہ ثبوت ناھي مليو. جيتوڻيڪ، انھيءَ جھڙا وبائي مرض جھڙوڪ سارس ۽ ميرس (ايم اي آر ايس) تي ٻڌل اڳڪٿيون ٻڌائين ٿيون تہ ڳورھائپ واري نارين کي ان وبائي مرض منجھان گھڻو وڌيڪ خطرو آھي.

ڳورھائپ ۾ ڪووڊ-19 تي کوجنا[سنواريو]

ڳورھائپ ۾ ڪووڊ-19 انفيڪشن جي نوعيت بابت ڪنهن به ريت پُختو پڪو نتيجو ڪڍڻ لاءِ سڦا گھٽ ثبوت مليا آھن. چين جي شھر ووهان، ۾ ڄاڻايل ڳورھائپ (حمل) جي ٽئين ڀيرون چڪاسَ (ٿرڊ ٽريمسٽر) ۾ 9 متاثر ٿيل عورتن تي ڪيل اڀياس منجھان پروڙ پئي آھي ته انهن نون (9) ڄڻين مائين منجھان ڇهه ڄڻين کي بخار، ٽي ڄڻين کي پُٺن جوڙن ۾ درد هيو، ٻه ڄڻين کي ڳلو (ڳچيءَ) جي تڪليف ھئي ۽ ٻه ڄڻين کي ڪمزوري / سُستي (ڪاھليءَ) جون شڪايتون هيون، جڏهن ته ٻه عورتون کي تڪليف ھئي. ڪنھن به عورت کي تيز ڪوڊ-19 نمونيا نه ٿيو ھيو يا انھن جو موت نه ٿيو ھيو. انهن سڀني جيئرن (زندھ) ٻارڙن کي جنم ڏنو ھيو ۽ پيدائشي طور ڪنھن به نئون ڄاول ٻار ۾ وائرس جي منتقلي يا ٻيا ڪارڻ نه مليا ھيا. انھيءَ مقصد جي لاءِ سارس ڪووي 2 جي لاءِ اُرھ (ڇاتي) منھان کيرُ، اميونيٽڪ فلوڊ، هڏن ميرو ۽ نون ڄاول ٻارن جي ڳلو جي رتوبت جي نمونن جا تجربا ڪيا ويا ۽ سمورا نتيجا ناڪاري (منفي، نيگيٽو) آيا هئا.

هڪ ٻيو کوجنا اڀياس (ريسرچ اسٽڊي) جيڪو 15 اُميدوارين (ڳورھائپ سان) عورتن بابت آھي تنھن موجب گهڻئين ئي عورتن کي بخار ۽ کنگھ جي شڪايت ھئي، جڏهن ته ليبارٽري ٽيسٽ ۾ 12 عورتن منجھ ليمفوسيٽوپينيا مليو ھيو.

ڇاڪاڻ ته ڪووڊ-19 کان وٺي سارس ڪووي ۽ ميرس ڪووي (MERS-Cov) جي وچ ۾ هڪجهڙائي ڏيکاريندي آهي، امڪان اهو آهي ته حمل تي ان جو اثر ساڳيو (ھڪجھڙو) آهي.

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Burgos, Diario de. "Muere en La Coruña una embarazada con Covid-19 de 37 años". Diario de Burgos (ٻولي ۾ Spanish). حاصل ڪيل 2020-03-31.