اوڙاھ (حليم بروھي جو ناول)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حليم بروهي نه رڳو اُهو اديب آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ مزاحيه ادب کي نئون موڙ ڏنو. پر هن جي -تاريخ-، فلسفي، سماجيات ۽ سياسيات تي به گهري نظر رهي آهي. -ان- سان گڏ هو فڪشن (Fiction) تي به عبور رکي ٿو. هن 1975ع واري ڏهاڪي ۾ ”-اوڙاهه-“ نالي سان ناول لکيو، جيڪو ڪرائون سائيز ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هيءُ ناول هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ڪهاڻيءَ تي بيٺل آهي، جيڪو چرئي ٿيڻ جي ويجهو آهي. هو پنهنجي نفسياتي ڇيد ڪرڻ لاءِ ماضيءَ ۾ جهاتي -پائي- ٿو ۽ پوءِ ماضيءَ جون ڪڙيون کلنديون وڃن ٿيون، جنهن ۾ هن جي ذهني ڪئنواس تي ڪيتراا ڪردار ۽ خاص ڪري عورت ڪردار اُڀري اچن ٿا، جيڪي سندس زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]