حسين حقاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حسين حقاني
(انگريزي ۾: Husain Haqqani خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 1 جُولاءِ 1956 (68 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ٻارن جو تعداد
عملي زندگي
مادر علمي ڪراچي يونيورسٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو سفير   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ويب سائٽ
ويب سائٽ باضابطہ ویب سائٹ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو official website (P856) وڪي ڊيٽا تي
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي
حسين حقّاني
Pakistani Ambassador to the United States
عهدو سنڀاليو
13 اپريل 2008 – 22 نومبر 2011
پيشرو Mahmud Ali Durrani
Pakistani Ambassador to Sri Lanka
عهدو سنڀاليو
11 مئی 1992 – 28 جون 1993
پيشرو Tariq Mir
جانشين Tariq Altaf
ذاتي تفصيل
پيدائش سانچو:Bda
ڪراچي, پاڪستان
جيون ساٿي فرح ناز اصفھاني
ٻار ٻچا 3 ڌيئر
1 پٽ
مادر علمي ڪراچي يونيورسٽي
پيشو صحافي
مذهب اسلام

حسين حقاني، نامور صحافي ۽ اڳوڻو سفير پهرين آڪٽوبر 1956ع تي ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾ ڄائو. هن تعليم به ڪراچيءَ مان ئي حاصل ڪئي.

سياسي سفر[سنواريو]

کيس اسڪول واري زماني کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. 1972ع ۾ جڏهن هو گورنمينٽ نئشنل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ تعليم هيٺ هو ته هن اسلامي جمعيت طلباء جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ جمعيت جو صدر بڻجي ويو. 1977ع ۾ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم. اي ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد يونين جو صدر به رهيو.

صحافت[سنواريو]

اخبار ’فار ايسٽرن اڪانامڪ روِيو‘ ۽ رسالي ’عربيه‘ جي خاص نمائندي جي حيثيت سان 1980ع کان 1984ع تائين هانگ ڪانگ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، ڪجهه عرصي بعد ڪراچيءَ ۾ اچي ساڳي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. سياسي ميدان ۾ حسين حقانيءَ جو نالو 1988ع ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ ٺهندڙ ’اسلامي جمهوري اتحاد‘ جي چونڊ مهم جي ڪردار طور سامهون آيو هو.

شادي[سنواريو]

2000ع ۾ سندس شادي فرح ناز اصفهانيءَ سان ٿي، جيڪا آمريڪا ۾ پاڪستان جي پهرئين سفير مرزا ابو الحسن اصفهانيءَ جي پوٽي آهي.

ذميواريون[سنواريو]

هن وزير اعليٰ پنجاب نواز شريف جي خاص معاون طور 1988ع کان 1990ع تائين ذميواري نڀائي ۽ 1990ع ۾ هو پهرئين وزير اعظم غلام مصطفيٰ جتوئيءَ ۽ پوءِ وزير اعظم بڻجندڙ نوازشريف جو خاص معاون (Press Advisor) بڻيو. 1992ع کان 1993ع تائين سريلنڪا ۾ پاڪستان جو سفير رهيو. 1993ع ۾ حسين حقاني هڪ ڀيرو وري هڪ چونڊ مهم هلائڻ ۾ حصو ورتو. هن ڀيري اها مهم نواز شريف جي مخالف ۽ (شهيد) بينظير جي قيادت ۾ ٺهندڙ سياسي اتحاد P.D.F (پي. ڊي. ايف) هئي. چونڊن ۾ (شهيد) بينظير ڀٽو جي ڪاميابيءَ کانپوءِ 1993ع کان 1995ع تائين حڪومت جو ترجمان رهيو. انهيءَ دوران کيس مملڪتي وزير جو درجو حاصل هو. جون 1995ع ۾ کيس هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جو چيئرمئن بنايو ويو هو. تقريباً هڪ سال تائين اُن عهدي تي فائز رهيو. نومبر 1996ع ۾ جڏهن صدر فاروق لغاريءَ بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي ته هن به پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. 1998ع ۾ نواز شريف جو ٻئي حڪومتي دور ۾ هڪ ڀيرو حسين حقاني وري سندس ساٿي نظر آيو ۽ مئي 1998ع ۾ پاڪستان پاران ائٽمي ڌماڪن جي تجربي کانپوءِ حسين حقاني آمريڪي پابندين تي آمريڪي اختيارين سان وزير اعظم جي نمائندگي ڪندي ڳالهيون ڪيون. هو 2002ع ۾ آمريڪا منتقل ٿي ويو ۽ واشنگٽن ڊي. سي جي جان هابڪن يونيورسٽيءَ ۾ 2003ع کان 2004ع تائين ليڪچر طور ۽ 2004ع ۾ آمريڪا جي بوسٽن يونيورسٽيءَ سان ائسوسيئيٽ پروفيسر طور واڳيل رهيو. ان کان سواءِ يونيورسٽيءَ جي پراجيڪٽ جو شريڪ چيئرمئن به رهيو. مشرف دور جي خاتمي ۽ 2008ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ ۽ حڪومت سازيءَ کان پوءِ کيس آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو. ٽن سالن بعد نومبر 2011ع ۾ آمريڪي فوج کي لکيل سندس هڪ مبينا خط جي اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ کان پوءِ کائنس استعيفا ورتي وئي ۽ سندس جاءِ تي شيري رحمان کي سفير مقرر ڪيو ويو. حسين حقاني ڪيترن ڪتابن جو مصنف به آهي ۽ هن ملڪي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن ۽ سياسي لاهن چاڙهن تي مختلف ملڪي ۽ عالمي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون به لکيا آهن.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012