مواد ڏانھن هلو

حبيب بورقيبہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
The Supreme Combatant
President

حبيب بورقيبہ
الحبيب بورقيبة
1st President of Tunisia
عهدي ۾
25 July 1957  7 November 1987
Interim: 25 July 1957 – 8 November 1959
وزير اعظمBahi Ladgham
Hédi Nouira
Mohammed Mzali
Rachid Sfar
Zine El Abidine Ben Ali
پيشروOffice created
(Muhammad VIII as King of Tunisia)
جانشينZine El Abidine Ben Ali
2nd Prime minister of the Kingdom of Tunisia
20th Head of government
عهدي ۾
11 April 1956  25 July 1957
شاهي حڪمرانشاھ محمد الامين اٺون
پيشروطاھر بن عمار
جانشينعھدو منسوخ ٿي ويو
پھريون وزير خارجه
عهدي ۾
15 April 1956  29 July 1957
شاهي حڪمرانشاھ محمد الامين اٺون
پيشروعھدو شروع ٿيو
جانشينسدوڪ مقدم
پھريون وزير دفاع
عهدي ۾
15 April 1956  29 July 1957
شاهي حڪمرانشاھ محمد الامين اٺون
پيشروعھدو شروع ڪيو ويو
جانشينبھي لدغام
قومي آئيني اسيمبلي جو پھريون اسپيڪر
عهدي ۾
9 April 1956  15 April 1956
شاهي حڪمرانشاھ محمد الامين اٺون
پيشروپھريون عھدو سنڀاليندڙ
جانشينجالوئلي فاريس
ذاتي تفصيل
ڄائوحبيب ابن علي بورقيبہ
3 آگسٽ 1903(1903-08-03)
موناستير، تيونس
وفات6 اپريل 2000(2000-04-06) (عمر 96 سال)
موناستير، تيونس
تدفين جي جاءِBourguiba mausoleum
Monastir, Tunisia
شھريتتيونسي
سياسي پارٽيسوشلسٽ دستورين پارٽي(1964–87)
ٻيون سياسي
وابستگيون
Neo Destour (1934–64)
Destourian Movement (1930–34)
زال/مڙس
ٻارJean Habib Bourguiba
Hajer Bourguiba (adoptive)
ماءُفاطمہ خيفچہ
پيءُعلي بورقيبہ
مائٽM'hamed Bourguiba (brother)
Mahmoud Bourguiba (brother)
الما ميٽريونيورسٽي آف پيرس
پيشوسياست
پيشووڪيل
دستخط
ويب سائيٽwww.bourguiba.com

حبيب بورقيبہ: Habib Ben Ali Bourguiba:

جديد تيونس جو باني ۽ باباءِ قوم ۽ انقلابي اڳواڻ 3 آگسٽ 1903 ۾ پيدا ٿيو .1927 ۾ پيرس مان قانون ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيشن ڪيائين.سندس اخبار تيونس ايڪشن کي 1934۾ فرينچ حڪومت پاران بند ڪري مٿس بغاوت جو ڪيس پڻ ڪيو ويو. ساڳئي سال نيو دستور پارٽي جو بنياد وڌائين. ٻن سالن ۾ ئي ھن جي پارٽي عوامي پارٽي بڻجي وئي ۽ سڄي ملڪ ۾ پارٽيءَ جون 400 شاخون قائم ٿي ويون.1938 ۾ ملڪ ۾ ملڪ ۾ وڏي پيماني تي احتجاج ٿيا. 10 جون 1939 ۾ کيس بغاوت جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڇھن مھينن بعد کيس فرانس منتقل ڪيو ويو جتي مارسيلز ۽ فورٽ وينسيا جيلن ۾ رکيو ويو. 192 ۾ جرمنيءَ فرانس تي قبضو ڪيو تہ کيس آزاد ڪري جنوري 1943 ۾ روم موڪليو جتي ان جو شاندار استقبال ٿيو ۽ آزادي جي جدوجھد ۾ مدد جي خاطري ڪرائي وئي.7 اپريل 1943 ۾ تيونس موٽي آيو.1945 ۾ فرانس کي تيونس جي آزاديءَ لاءِ ڳالھين ٻولھين جي آڇ ڪيائين ۽ فرانس کان موٽ نہ ملڻ تي لبيا کان ٿي قاھرہ پھتو جتي پنھنجي ھيڊ ڪوارٽر جو بنياد وڌائين جنھن جو نالو مغرب آفيس رکيائين. آمريڪا، بيلجيئم، سوئٽزرلينڊ، پاڪستان، ھندوستان،انڊونيشيا ۽ ٻين ملڪن جا دورا ڪري عالمي حمايت لاءِ جاکوڙيندو رھيو.1951 ۾ تيونس موٽي آيو ۽ 18 جنوري 1952 تي گرفتار ڪيو ويو. 1954 ۾ پيري مينڊس فرانس جو وزيراعظم ٿيو ته ھن کيس آزاد ڪري تيونس موڪليو. 20 مارچ 1956 ۾ تيونس کي آزاد ڪيو ويو ء حبيب بورقيبہ تيونس جو پھريون وزيراعظم ٿيو. 25 جولائي 1956 ۾ ملڪ ۾ صدارتي نظام آڻي ملڪ جو پھريون صدر بڻيو.مارچ 1975 م کيس تاحيات ملڪ جو صدر چونڊيو ويو.7 نومبر 1987 تي وزيراعظم زينالعابدين بن علي کيس نااهل قرار ڏئي لاھي ڇڏيو. ھن 6 اپريل 2000 ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. { يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011 ؛حاشيہ ؛پيج نمبر 493 ۽ 494}