جھان آرا بيگم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
جھان آرا بيگم
مغل شھزادي
پادشاه بيگم
Jahanara 1635.jpg
خاندان تيموري گھراڻو
والد شاھجھان
والده ممتاز محل
پيدائش 23 March 1614[1]
اجمير،راجھستان،انڊيا
وفات 16 سيپٽمبر 1681 (عمر 67 سال)
دھلي، انڊيا
تدفين نظام الدين جي درگاهنيو دلي
مذھب اسلام

جھان آرا بيگم: (23 March 1614 – 16 September 1681) مغل شھزادي ۽ شھنشاھ شاھجھان ۽ ملڪہ ممتاز محل جي وڏي ڌيءَ ھئي.[2] ممتاز بيگم پنھنجي چوڏھين ٻار گوھر بيگم کي 1631 ۾ جنم ڏيڻ وقت مري وئي تہ جھان آرا کي مغل ايمپائر جي فرسٽ ليڊي يا پادشاھ بيگم جو درجو مليو باوجود ان جي تہ سندس پيءُ کي ٽي ٻيون زالون موجود ھيون. .

تفصيلي تعارف[سنواريو]

هيءَ بيگم، شاهجهان بادشاهه ۽ ارجمند بانو بيگم (ممتاز محل) جي ننڍي ڌيءُ هئي، ۽ سنه 1023هه (1614ع) ۾ ڄائي هئي. انهيءَ وقت جهانگير بادشاهه هندستان جي تخت تي هو، جنهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون. هن کي ننڍي هوندي تعليم ڏيڻ لاءِ پوڙها ۽ تجربيڪار معلم چونڊي رکيائون. سگهوئي هن قرآن شريف ۽ فقہ جا ڪتاب پڙهي عربي شروع ڪئي، جنهن ۾ ٿورن ورهين جي اندر چڱي تحصيل ڪيائين. هوءَ هميشه قران شريف ۽ حديث جا ڪتاب پڙهندي رهندي هئي. ۽ عبادت ۾ به مشغول رهندي هئي، جو شاهجهان مذهب جوڏاڍو پابند هو. هن جو زهد ۽ عبادت ڏسي شاهجهان جي ساڻس تمام گهڻي محبت ٿي. جهان آرا بيگم فارسي ۽ عربي انشاء پردازيءَ ۾ ڏاڍي هوشيار هئي. ۽ گفتگو تمام مٺي ڪندي هئي، تُرڪي ٻولي به ڄاڻندي هئي. شعر به چڱو چوندي هئي، جو اڪثر اخلاقي مضمون تي هوندو هو. هوءَ جيتوڻيڪ طبعيت جي ڪري عالي دماغ ۽ ضدي هوندي هئي، ته به هلت تمام نياز واري هوندي هيس. خانه داري جو ڪم چڱو ڄاڻندي هئي، ۽ تمام سخي هوندي هئي. سندس مهمان نوازي ۽ فياضي مشهور هوندي هئي. سادي لباس ۾ رهندي هئي. انهيءَ هوندي گبه جرائت ۽ حشمت ڏاڍي هوندي هيس. هيءَ پنهنجن ٻين ٽن ڀيڻن ۽ چئن ڀائن کان گهڻين ڳالهين ۾ وڌيڪ هئي، تنهنڪري پيءَ ماءُ کي گهڻو وڻندي هئي. هن کي هميشہ لکن جا لک انعام ڏيندا هئا، جي هوءَ خير جي ڪمن ۾ خرچيندي هئي. ماءُ جي محبت جي ثابتي اها، ته جڏهن ارجمند بانوءَ وفات ٿي ڪئي، تڏهن بادشاهه کي وصيت ڪيائين ته منهنجيءَ ملڪيت جو اڌ خلاصو جهان آرا بيگم کي ملي، ۽ باقي اڌ ٻئي اولاد کي ورهائي ڏجي _ پر افسوس آهي ته عالمگير، شاهجهان جي وفات کانپوءِ، اها وصيت واري تقسيم شرع جي برخلاف ڏيکاري، ڀڃي ڇڏي.[3]

سنه 1052هه (1642ع) ۾، جهان آرا جي سالگرهه جي ڏينهن آگري ۾ هڪڙو وڏو جشن ڪيو ويو. رات جو خوشي ڪندي، ٻانهين جي هٿن ۾ جي شمعون هيون، تن مان جهان آرا بيگم جي ڪپڙن کي اوچتو باهه لڳي ويئي، ۽ ڏاڍي مشڪلات سان اُها محلات جي ماڻهن اُجهائي. چار نوڪرياڻيون ته سڙي ويون. خوشيءَ جي بدران، محلات ۾ غم ۽ افسوس پئجي ويو. حڪيم اچي گڏ ٿيا. سٺ هزار رپيا بادشاهه خيرات ڪيا، ۽ شهزاديءَ جي شفا لاءِ دعائون گهريون ويون. مس مس، پنجن مهينن کانپوءِ، هوءَ چڱي ڀلي ٿي. انهيءَ وچ ۾ بادشاهه ڏاڍي فڪر ۽ انتظار ۾ رهندو هو، ۽ اڪثر محلات کان ٻاهر ويندو هو ۽ پيٽ ڀري ماني نه کائيندو هو. شهزاديءَ جي چڱڀلائيءَ جي خوشيءَ ۾ بادشاهه وري ٻيو جشن ڪيو، جنهن مان نه رڳو فقير، پر امير، عالم ۽ فاضل به شاهي فيض کان بهره ياب ٿيا. شهزاديءَ کي سون سان توري، اُهو سون مسڪينن ۽ محتاجن کي ڏنو ويو. انهن خوشين ۾ ڪُل اٺاسي لک رپيا خرچ ٿيا. انهيءَ وقت ڌاري شهزادي اورنگزيب عالمگير ڪا اهڙي هلت ڪئي، جنهن ڪري بادشاهه مٿس گهڻو ڪاوڙيو، سندس جاگير ضبط ڪري ڇڏيائين، ۽ دکن جو صوبو جو سندس حوالي هو، سو ”خان دوران“ جي بلي ڪري ڇڏيائين. هن جي معافيءَ جي لاءِ وڏن اميرن عرض ڪيو، پر بادشاهه قبول نه ڪيو. نيٺ شهزادي جي ماءُ ۽ محلات جي ٻين بيگمن، جهان آرا بيگم کي اچي منٿ ڪئي، تنهن وڃي بادشاهه کي سفارش ڪئي. تڏهن مس مس عالمگير کي معافي ملي، ۽ پنهنجي جاگير ۽ درجو وري مليس. انهيءَ احسان جو هو هميشہ پاڻ تي حق سمجهندو هو ۽ شاهجهان جي وفات کان پوءِ به هن جهان آرا بيگم کي ڪڏهن تڪليف ڪانه ڏني، ۽ هميشہ هن کي عزت آبرو ڏيندو هو.[4]

جهان آرا بيگم جيتوڻيڪ عالي دماغ هوندي هئي، ته به جڏهن ڪا غلط فهمي ڪندي هئي، تڏهن هڪدم قبول ڪندي هئي. هڪڙي ڀيري سورت بندر جي متصديءَ محمد امين تي ظلم جي پڪار هئڻ ڪري، بادشاهه هن کي موقوف ڪري گهرايو، ۽ قتل جو حڪم جاري ڪيائين. سورت بندر جو محصول جهان آرا بيگم کي ملندڙ هو. انهيءَ متصديءَ جي مائٽن جي منٿ تي، هڪڙو سفارش جو خط پيءُ ڏي دربار ۾ لکي موڪليائين. بادشاهه اُهو پڙهي، محمد امين کي قتل جي معافي ڏني ۽ رڳو قيد جي سزا جو حڪم ڏنائين. مگر، جڏهن محلات ۾ آيو، تڏهن ڌيءُ کي سمجهايائين ته اهو متصدي ڏاڍو ظالم آهي. ڏاڍيون خرابيون ڪيون اٿس ۽ اهڙيءَ سفارش جو لائق نه هو، تنهن تي جهان آرا بيگم پنهنجي غلط فهمي قبول ڪئي، ۽ پيءُ کان معافي گهريائين.

انهن مثالن مان معلوم ٿيندو، ته بادشاهه جهان آرا بيگم کي تمام گهڻو پيار ڏيندو هو. سندس حقيقي ڀاءُ دارا شڪوه سان به گهڻي محبت هوندي هيس، جو حقيقت ڪري وڏو پٽ هو ۽ ولي عهد هو، مگر اورنگزيب عالمگير جي حرفت ڪري، اهو شڪست کائي قتل ڪيو ويو. پر جهان آرا جيستائين حيات هئي، تيسين اورنگزيب هن سان ڪڏهن به بدسلوڪي ڪانه ڪئي. جيتوڻيڪ ”برنيز“ صاحب لکي ٿو تہ اورنگزيب هُن کي آگري مان ڪڍي دهلي ۾ آندو، جتي هوءَ گهڻي مدت تائين قيد رهي، پر اها ڳالهه برابر نٿي ڏسجي.[5]

جھان آرا جو مقبرو (کاٻي پاسي)، نظام الدين اولياء جو مقبرو (ساڄي پاسي). پٺيان وري مسجد. اھا درگاه دھلي ۾ واقع آهي

جهان آرا بيگم سن 1092هه ( 1681ع) ۾ وفات ڪئي، ۽ نظام الدين اولياء جي درگاهه سان لڳ هڪڙي مزي جهڙي قبي ۾ دفن ڪئي ويئي. هيءَ بيگم چشتي طريقي جي معتقد هئي. هن ٽي ڪروڙ خرچي، اها پنهنجي قبي جي جاءِ خريد ڪئي هئي، مگر عالمگير ٻه ڪروڙ سندس مرڻ کانپوءِ زور سان موٽائي ورتا، جو چيائين ته شرعي قاعدي موجب پيءُ جي ملڪيت مان ڌيءُ کي چوٿين حصي کان زياده نٿو ملي سگهي[6].

جهان آرا جي قبر جي سير انديءَ، سنگمرمر جي تختيءَ تي، سندس هيءُ بيت لکيل آهي.

بغير سبزه نپوشد ڪسي مزار مرا، ڪہ قبر _ پوشِ غريبان همين گياه بس است.

(يعنيٰ ساوڪ کان سواءِ ڪوبه منهنجيءَ قبر تي ٻيو پوش نه وجهي، ڇا لاءِ جو غريبن جي قبر جو پوش اهو گاهه بس آهي. جهان آرا بيگم جي شعرن مان هڪڙو قصيدو تمام عمدو آهي، جو هن بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيو هو، ۽ جنهن لاءِ پنج هزار رپيا انعام مليو هوس. انهيءَ جي هڪڙو بيت هي آهي:

تا سر زده از شمع چنين بي ادبي، پروانه ز عشق شمع را سوخته است

مرزا محمد علي”ماهر“ جهان آرا جي شان ۾ هڪڙي مثنوي لکي هئي، جنهن جي لاءِ هن کيس پنج سئو رپيا انعام ڏنو. انهيءَ مان هڪڙو بيت هي آهي: بذاتِ او صفاتِ کرد گارست، کہ خود پنهان و فيضش آشکارست.


(يعني، انهيءَ بيگم ۾ خدا واريون صفتون آهن، جو پاڻ لڪل آهي ۽ سندس فيض ظاهر آهي.)

ڪتاب ”مونسن الاروا،“ جهان آرا بيگم جو جوڙيل آهي[7]

حوالا[سنواريو]

  1. Lal, K.S. (1988). The Mughal harem. New Delhi: Aditya Prakashan. p. 90. ISBN 9788185179032. 
  2. {{cite web|url=http://nrcw.nic.in/shared/sublinkimages/90.htm |title=Begum, Jahan Ara (1613-1683) |website=Web.archive.org |date=2009-04-10 |accessdate=2016-01-11 |deadurl=yes |archiveurl=https://web.archive.org/web/20090410033725/http://nrcw.nic.in/shared/sublinkimages/90.htm |archivedate=April 10, 2009 }}
  3. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 17 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 17 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  4. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 17 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 17 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  5. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 17 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 17 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  6. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 17 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 17 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  7. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 17 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 17 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}