مواد ڏانھن هلو

ممتاز محل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Mumtaz Mahal مُمتاز محَل

An artistic depiction of Mumtaz Mahal
مغل شھنشاھ جي ملڪہ
19 January 1628 – 17 June 1631
پيشرو جھانگير جي ملڪہ شاھ بيگم
جيون ساٿي شاھجھان
نسل
among others...
جھان آرا بيگم
دارا شڪوه
شاھ شجاع
روشن آرا بيگم
اورنگزيب
مراد بخش
گوھر بيگم
گهراڻو تيموري گھراڻو شاديءَ واري پاسي کان
پيءُ عبدالحسن آصف خان
ماءُ ديوانجي بيگم
جنم ارجمند بانو
27 April 1593
آگرو
لاڏاڻو 17 جون 1631 (عمر 38 سال)
برھان پور، انڊيا
تدفين تاج محل، آگرو
مذھب شيعہ اسلام

رجمند بانو بيگم”ممتاز محل“:Mumtaz Mahal (اردو: مُمتاز محَل ), ([mumˈt̪a:z mɛˈɦɛl]; ممتاز جي معني وڏي مرتبي واري ۽ محل جي معني محلات يعني شھنشاھ جي محل ۾ وڏي مرتبي واري عورت[1]سندس نالو ارجمند بانو ھيو ۽ 1593 ۾ ڄائي ۽ 1631 ۾ فوت ٿي وئي.[2] تاريخ 19 جنوري 1628 کان 17 جون 1631 تائين شھنشاھ شاھجھان جي ملڪہ جي رتبي تي رھي.[3] تاج محل سندس مقبرو آهي جيڪو يونيسڪو پاران ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ يا عالمي ورثي جي جاء طور چونڊيل آھي ۽ دنيا جي ست عجوبن مان ھڪ آھي.[4][5]

تفصيلي تعارف

[سنواريو]

هيءَ نامور شهزادي شاهجهان بادشاهه جي پهرين بيگم هئي، جنهن جي دلفريب حسن ۽ خداداد عقل هن کي ملڪن ۾ مشهور ڪيو، هوءَ نورجهان جي ڀاءُ جي ڌيءُ هئي. هن جي اعليٰ قابليت، عالي دماغيءَ، بلند خياليءَ، شاهاڻي تهذيب ۽ تعليم جي ڪري، بادشاهه مٿس مستانو هو. جيتوڻيڪ شاهجهان جي ٻي بيگم عزيز النساء به ڏاڍي لائق ۽ قابل ۽ حسين هئي، پر جيڪا قدرتي خوبي خدا هِن ۾ رکي هئي، سان هُن ۾ ڪانه هئي. هوءَ خليق ۽ تحمل واري هئي، ۽ مشڪل مشڪل ڪمن ۾ مشاورت ڪرڻ مهل بادشاهه کي اهڙي پڪي راءِ ڏيندي هئي، جا تمام چڱي ۽ فائدي واري ثابت ٿيندي هئي. هوءَ خير ڪندڙ ۽ فيض واري به ڏاڍي هئي، پنهنجي دولت هوءَ غريبن، مسڪينن ۽ محتاجن تي خرچيندي هئي، جي هميشه سندس پاڇي هيٺ رهي کيس دعائون پيدا ڪندا هئا. انهيءَ ڪري، سندس عزيز خويش سڀ مٿانئس ساهه قربان پيا ڪندا هئا. هن جي سخاوت جو هڪڙو مثال هي آهي، ته جڏهن شاهجهان تخت تي ويٺو، تڏهن هُن خوشيءَ ۾ ٻه لک رپيا هن بيگم کي انعام ڏنا، ۽ هن انهيءَ وقت بادشاهه جي مٿان اُهي گهمائي، صدقو ڪري، فقيرن ۽ محتاجن کي ڏيئي ڇڏيا. ٻين وقتن تي به ”اڪثر هوءَ ائين ڪندي هئي، ۽ انهيءَ مان ڏاڍي خوشي حاصل ٿيندي هيس. هن کي رواجي خرچ لاءِ سورنهن لک رپيا ملندا هئا، ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪي بادشاهه کان عطا ٿيندو هوس، ته به جڏهن وفات ڪيائين، تڏهن سندس خانگي خزاني ۾ ڪي به ڪين رهيو. سڀ پنهنجي جيئري ئي خيرات ڪري ڇڏيائين. اهڙن نيڪ اخلاقن ڪري بادشاهه مٿس قربان هوندو هو، ۽ هن بيگم جو گهر ۾ هئڻ پنهنجي خوش قسمتي سمجهندو هو. هيءَ بيگم محل سراءِ ۾ بلڪل آزاد رهندي هئي، جيڪي وڻندو هوس، سو ڪندي هئي. بادشاهه جو مٿس اهڙو اعتبار هو، جو ڪنهن به قسم جو گمان منجهس نه پوندو هوس. هن کي لکڻ پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو گهڻو شوق هو. هڪڙي ڀيري ڪنهن ”ديوان“ پڙهڻ ۾ محو هئي، ۽ بيخود ٿي هڪڙو شعر وري وري پئي پڙهيائين، ته شاهجهان پٺيان اچي بيهي رهيو. بلڪه سڏ به ڪيائينس، ته به نه ٻڌائين. جڏهن سامهون آيس، تڏهن ڇرڪ ڀري ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺي. هن بانوءَ جو وقت اڪثر خانه داري جو انتظام، بادشاهه جي خدمت، ۽ شهزادن ۽ شهزادين جي تربيت ۽ تعليم ۾ گذرندو هو. هن بيگم جي نسبت ۾ ڪن تاريخ لکندڙن _ خاص يورپين _ ڪي اهڙيون نامناسب ڳالهيون لکيون آهن، جن تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي. هنن رڳيون واهيات خبرون لکيون آهن، نه ته هيءَ بيگم هر طرح عقلمند ۽ قابل هئي. هن مان شاهجهان کي چوڏهن ٻار ڄاوا. جيڪي جيئرا رهيا، تن مان چار نامور شهزادا هئا، جن جا نالا هي آهن. داراشڪوه، شاهه شجاع، مراد مرزا ۽ اورنگزيب عالمگير، ٽي شهزاديون به ٿيس، جن جا نالا هي آهن. انجمن آرا، گيتي آرا ۽ جهان آرا، هيءَ راڻي ايڪيهه ورهيه بادشاهه سان گڏ رهي. هن سنه 1040ھ (1630ع) ۾، ذوالقعد جي 17 تاريخ وفات ڪئي. مرڻ کان اڳ هن بادشاهه سان اهڙي درد ڀري ۽ اثرناڪ گفتگو ڪئي، جنهن ڪري بادشاهه جي دل ڪباب ٿيو ٿي ويئي. بيگم جي مرڻ ڪري، بادشاهه جو حال تمام غمزده ٿي پيو، سڀ خوشي ڇڏي ڏنائين ۽ هميشہ تائين هن جي يادگيري ڪندو رهيو. هن جي محبت جي هيءَ به هڪڙي نشاني آهي، جو هن ”ممتاز محل“ تي اهڙو هڪڙو قبو جوڙايو، جو اڄ تائين ”تاج محل“ نالي سان ساريءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي.

تاج محل شاھجھان ۽ ممتاز محل جي آخري آرامگاھ جيڪا يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل جاء آهي.

لفظ ”تاج محل“ به ”ممتاز محل“ مان نڪتل ٿو ڏسجي. انهيءَ تي پنجاهه لک رپيا خرچ ٿيا، ۽ ٻارهن ورهيه انهيءَ تي ڪم هليو. انهيءَ سان لاڳو دڪان ۽ ٻيون جايون به جوڙايون ويون، جن مان ٻه لک رپيا پيدائش ٿيندي هئي.[6]

ممتاز محل جي قبر
شاھجھان ۽ ممتاز محل جون قبرون

حوالا

[سنواريو]
  1. Ahmed, Akbar S. (2009). Islam Today a Short Introduction to the Muslim World.. London: I.B. Tauris & Co.. p. 94. ISBN 9780857713803. 
  2. Pickthall, Marmaduke William; Asad, Muhammad (1 January 1975) (en ۾). Islamic Culture. 49. Islamic Culture Board. p. 196. https://books.google.co.in/books?id=839CAAAAYAAJ&dq=mumtaz+mahal+17+april+1593&focus=searchwithinvolume&q=17+april+1593. Retrieved 13 April 2017. 
  3. Lach, Donald F.; Kley, Edwin J. Van (1998) (en ۾). Asia in the Making of Europe, Volume III: A Century of Advance. Book 2, South Asia. University of Chicago Press. p. 689. ISBN 9780226466972. 
  4. Tillotson, Giles (2008). Taj Mahal. London: Profile Books. p. 11. ISBN 9781847652478. 
  5. Phillips, Rhonda; Roberts, Sherma, eds (2013). Tourism, Planning, and Community Development Community Development – Current Issues Series. Routledge. p. 128. ISBN 9781135711887. 
  6. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page16.html.  Missing or empty |title= (مدد)}