جوڊو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جوڊو جي معنيٰ آهي ’نرميءَ جو رستو‘، يا ’وڙهڻ جو شريفاڻو انداز‘. جاپان ۾ جوڊو کان پھرين هڪ خطرناڪ راند ’جوجٽسو‘ کيڏي ويندي هئي، جيڪا هٿيارن کانسواءِ دفاع جو جپاني طريقو هئي. هن راند جي تربيت ۾ عضون جي علم جي ڄاڻ ضروري هئي. هيءَ راند وڏي عرصي تائين جپاني اميرن ۾ رائج هئي. ويھين صدي عيسويءَ جي ابتدا ۾ يورپ ۽ آمريڪا ۾ بہ هن راند ۾ دلچسپي ورتي وئي. 1877ع ۾ جرمني، اٽلي ۽ سوئيڊن گڏيل طور يورپين جوجٽسو يونين قائم ڪئي ۽ پوءِ ’جوجٽسو‘ ۾ ترميم ڪري هن کي راند جو درجو ڏياريو ويو. 1887ع ۾ انٽرنيشنل جوجٽسو فيڊريشن جو نئون نالو ’جوجٽسو انٽرنيشنل فيڊريشن‘ منظور ڪيو ويو. جوجٽسو انتھائي خطرناڪ فن هو. هن جو باني هڪ چيني راهب ڇهن چن يو آن ڀنگ هو.

جپان ۾ سترهين صديءَ ۾ جوجٽسو جا ڪيترا اسڪول قائم ٿي چڪا هئا، جنھن ۾ نوجوان هن فن جي تربيت حاصل ڪندا هئا، انهن ڏينھن ۾ جاپان تي اولھ-وارن جي حڪومت هئي، سموراتئي پاڻ سان تلوار رکندا هئا، ان ڪري هن فن جي مظاهري دوران ڪنهن هڪ ڌر جو سر هليو ويندو هو. اڪثر زنده بچندڙ بہ سڄي عمر لاءِ معذور ٿي ويندا هئا. 1871ع ۾ سموراتئي جوجٽسو جي رانديگرن وٽ تلوار رکڻ تي بندش وڌي وئي، پر راند جي وحشياڻي طريقي ۾ ڪا بہ گهٽتائي نہ آئي، ٽوڪيو يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جگودو ڪانو محسوس ڪيو تہ جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي تہ جاپان ۾ هن فن جو نالو نشان مٽجي ويندو. ان کانپوءِ هن جاپان جي بھترين استادن کان هيءُ فن سکيو ۽ هن ۾ خطرناڪ انگ الڳ ڪري، نئين انداز ۾ ’جوڊو‘ کي متعارف ڪرايو. پروفيسر هن راند ۾ هڪ نئون اصول ’سوري ڪومي‘ متعارف ڪرايو. جنھن جي ذريعي پھرين مخالف جو توازن بدلايو ويندو هو، پوءِ ٿرو ڪيو ويندو هو. دراصل جگودو ڪانو، جوڊو ۽ جوجٽسو ۾ فرق واضح ڪرڻ پئي گهريو. هن ’جوڊو‘ ۾ هڪ اعليٰ اصول وضع ڪيو، يعني ’گهٽ محنت ۽ وڌيڪ ڪارڪردگي‘، ’جوڊو‘ 1882ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.[1]

جوڊو جو رانديگر پنھنجي راند واري لباس ۾

حوالا[سنواريو]

  1. "جوڊو ڪراٽي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-04-08.