جان محمد مھر
جان محمد مھر | |
---|---|
پيدائش | 3 مارچ 1981ع چڪ، سنڌ |
وفات | آگسٽ 13, 2023 (عمر 42 سال) سکر، سنڌ |
پيشو | صحافت |
سَرگَرمُ سالَ | 1996ع کان 2023ع |
جان محمد مھر ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش جي سکر جو بيورو چيف ھو، جنھن کي آفيس مان گهر ڏانھن ويندي اڻڄاتل ھٿياربندن 13 آگسٽ 2023ع تي قتل ڪري ڇڏيو.[1]
ابتدائي زندگي
[سنواريو]جان مھمد مھر 3 مارچ 1981ع تي چڪ ۾ پيدا ٿيو، ھن ابتدائي تعليم گورمنٽ پرائمري اسڪول چڪ مان حاصل ڪئي، جڏھن تہ 1996ع ۾ ھن ڏھين جو امتحان ھاءِ اسڪول چڪ مان ۽ ٻارنھون ڪلاس 1998ع ۾ ڊگري ڪاليج سکر مان پاس ڪئي. ھن اسلاميہ ڪاليج سکر مان 2000ع تي گريجوئشن پاس ڪئي.2004ع تي ھن شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سوشيالاجي ۾ ايم اي پاس ڪئي. ھي ڪاليج ۽ يونيورسٽي دور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي شاگر جماعت ستاف جو رڪن پڻ رھيو.[2]
عملي زندگي
[سنواريو]ھن 1996ع جي ننڍي ڄمار ۾ صحافتي زندگي جي شروعات ڪئي ۽ ڏھين ڪلاس پڙھڻ دوران ھي سنڌي اخبار برسات ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. 2002ع ۾ ھي ڪاوش گروپ سان سلھاڙجي ويو، ان کان اڳ ھي ڪوشش جو عيوضي پڻ رھيو.[2]
قتل
[سنواريو]13 آگسٽ 2023ع تي جان محمد مھر ڪي ٽي اين سکر جي آفيس کان گهر طرف وڃي رھيو ھو تہ اڻڄاتل ھٿياربندن مٿس فائرنگ شروع ڪري ڏني. جان محمد کي ڳلي، پٺي، سيني ۽ اک ۾ گوليون لڳيون، جنھن کي سکر سول اسپتال پڄايو ويو، جتي آپريشن ٿيٽر ۾ ھي وفات ڪري ويو. ايس ايس پي سکر واقعي کي زميني تڪرار ڄاڻايو. جڏھن تہ آئي جي سنڌ چيو تہ تڪڙ ۾ واقعي کي ذاتي تڪرار قرار نہ ڏيڻ گهرجي ھا[2] جان محمد مھر کي سندس اباڻي ڳوٺ چڪ ۾ دفن ڪيو ويو.[3]
ردعمل
[سنواريو]وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهہ جان محمد مھر کي پنھنجو دوست ڄاڻيو ۽ ڇيو تہ حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تي آھي، پر نگران حڪومت ان ڪيس کي ضرور منطقي انجام تائين پھچائيندي.[3] سنڌ جي قوم پرستن، سيد زين شاھ، صنعان خان قريشي، قادر مگسي، اياز لطيف پليجو پڻ قتل جي مذمت ڪئي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Correspondent, Our (14 August 2023). "Senior journalist Jan Mohammad Mahar shot dead in Sukkur" (en ۾). DAWN.COM. https://www.dawn.com/news/1769990. Retrieved 11 August 2024.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 "جان محمد مھر 1996ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ آيو". ڪاوش. https://www.thekawish.com/Backissues/2023/August2023/14/today_page_01.htm. Retrieved 11 August 2024.
- ↑ 3.0 3.1 "جان محمد مھر آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي". ڪاوش. https://www.thekawish.com/Backissues/2023/August2023/15/today_page_01.htm.