برسات (اخبار)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برسات ڪراچيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ هڪ روزاني اخبار، جيڪا اڳوڻو سينيٽر يوسف شاهين ڪڍندو رهيو آهي. هيءَ اخبار ستر جي ڏهاڪي کان پندرهن وار اخبار جي صورت ۾ جهازي سائيز ۾ نڪرندي هئي، جيڪا 1993 کان باقاعدي روزانو شايع ٿيڻ لڳي. اخبار شرعاتي چار سال تمام زور شور سان نڪتي، جنهن ۾ ان وقت جا اهم ترين ڪالم نگار ۽ دانشور لکندا هئا. اخبار ۾ شيخ اياز ۽ بدر ابڙي به ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. انور پيرزادو، نصير اعجاز به اخبار جا اهم ڪارڪن هئا. اخبار جا شيخ اياز، قمر شهباز، آغا سليم، غلام نبي مغل، عبدالواحد آريسر ۽ ناز سهتو مستقل ڪالم نگار هئا. ان ئي اخبار ۾ انور پيرزادي جو ڪالم ’متان وساريو‘ ۽ بدر ابڙي جو ڪالم ’وتايو فقير سوچي ٿو‘ دلچسپيءَ سان پڙهيا ويندا هئا. هي اخبار اڄ به روزانو شايع ٿئي ٿي، پر اُن جي مشتهري وسيع نه آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.