سنڌ جا وڏا وزير
ڏيک
(وزير اعليٰ سنڌ کان چوريل)
| وڏو وزير سنڌ
| |
|---|---|
سنڌ جو صوبائي جھنڊو | |
سنڌ حڪومت جو نشان سنڌ حڪومت | |
| تعظيمي لقبَ | ھز ايڪسيلنسي |
| رهائش | وڏي وزير جو گهر، ڪراچي |
| مقرر ڪندڙ | سنڌ صوبائي اسيمبلي |
| عھدي جي مدت | پنج سال |
| شروعات | محمد ايوب کھڙو |
| تشڪيل | آگسٽ 23، 1947ع |
| ويب سائيٽ | cm |
سنڌ جو وڏو وزير (انگريزي: Chief Minister of Sindh)، سنڌ صوبي جو چونڊيل نمائيندو ۽ صوبائي حڪومت جو سربراھہ ھوندو آھي، جنھن جي چونڊ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ڪندي آھي. 26 فيبروري 2024ع کان سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهہ آھي.
وڏو وزير ۽ چيف سيڪريٽري صوبائي حڪومت جا سربراھہ ھوندا آھن. وڏي وزير جي چونڊ صوبائي اسيمبلي ڪندي آھي ۽ ھو قانون ساز اداري جو سربراھہ ھوندو آھي. وڏي وزير جو دفتر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آھي، جنھن کي سي ايم سيڪريٽيٽ (انگريزي: CM Secretariat) چيو ويندو آھي، ھن جي سرڪاري رھائشگاھ پڻ ڪراچي ۾ آھي جنھن کي وڏي وزير جو گهر (انگريزي: Chief Minister House) چيو ويندو آھي.[1]
اھليت
[سنواريو]آئين پاڪستان ۾ وڏي وزير جي اھليت بابت ٻہ نقطا شامل آھن:
- پاڪستان جو شھري ھجي
- ان صوبي جي قانون ساز اسيمبلي جو رڪن ھجي[2]
وڏي وزير کي صوبائي اسيمبلي اعتماد جي ووٽ ذريعي چونڊي ٿي.
سنڌ جي وڏن وزيرن جي فهرست
[سنواريو]| وزير اعليٰ جو نالو | قلمدان سنڀاليو | قلمدان ڇڏيو | سياسي جماعت/تبصرو |
|---|---|---|---|
| غلام حسين هدايت اللہ (پهريون ڀيرو) | 28 اپريل، 1937ء | 23 مارچ، 1938ء | مسلم پيپلز پارٽي |
| اللہ بخش سومرو (پهريون ڀيرو) | 23 مارچ، 1938ء | 18 اپريل، 1940ء | اتحاد پارٽي |
| مير بندہ علي خان ٽالپر | 18 اپريل، 1940ء | 7 مارچ، 1941ء | مسلم لیگ |
| غلام حسين هدایت اللہ (ٻيون ڀيرو) | 14 آڪٽوبر، 1942ء | 14 آگسٽ، 1947ء | مسلم پيپلز پارٽي |
| وزير اعليٰ جو نالو | قلمدان سنڀاليو | قلمدان ڇڏيو | سياسي جماعت/تبصرو |
|---|---|---|---|
| محمد ايوب کھڙو (پهريون ڀيرو) | 16 آگسٽ، 1947ء | 28 اپريل، 1948ء | |
| پير الٰهي بخش | 3 مئي، 1948ء | 4 فيبروري، 1949ء | |
| يوسف هارون | 18 فيبروري، 1949ء | 7 مئي، 1950ء | |
| قاضي فضل اللہ عبيد اللہ | 8 مئي، 1950ء | 24 مارچ، 1951ء | پاڪستان مسلم لیگ |
| محمد ايوب کھڙو (ٻيون ڀيرو) | 25 مارچ، 1951ء | 29 ڊسمبر، 1951ء | |
| گورنر راڄ | 13 آڪٽوبر، 1955ء | 22 مئي، 1953ء | |
| عبدالستار پيرزادو | 22 مئي، 1953ء | 8 نومبر، 1954ء | |
| محمد ايوب کھڙو (تیسری مرتبہ) | 9 نومبر، 1954ء | 13 آڪٽوبر، 1955ء | |
| عهدو ختم | 13 آڪٽوبر، 1955ء | 30 جون، 1970ء | صوبو اولھه پاڪستان (ون يونٽ) جو حصو بڻيو رهيو |
| فوجي قانون (مارشل لاء) | پهرئين جولاءِ، 1970ء | پهرئين مئي، 1972ء | |
| ممتاز ڀٽو (پهريون ڀيرو) | پهرئين مئي، 1972ء | 20 ڊسمبر ، 1973ء | |
| غلام مصطفيٰ جتوئي | 25 Dسمبر، 1973ء | 5 جولاءِ، 1977ء | |
| فوجي قانون (مارشل لاء) | 5 جولاءِ، 1977ء | 6 اپريل، 1985ء | ضیاء الحق جي آمريت جي دوران |
| غوث علي شاهہ | 6 اپريل، 1985ء | 6 اپريل، 1988ء | |
| اختر علي غلام قاضي (پهريون ڀيرو) | 11 اپريل، 1988ء | 24 جون، 1988ء | |
| گورنر راڄ | 24 جون، 1988ء | 31 آگسٽ، 1988ء | |
| اختر علي غلام قاضي (ٻيون ڀيرو، نگران) | 31 آگسٽ، 1988ء | 2 ڊسمبر، 1988ء | |
| قائم علي شاهه (پهريون ڀيرو) | 2 ڊسمبر، 1988ء | 25 فيبروري، 1990ء | |
| آفتاب شعبان ميراڻي | 25 فيبروري، 1990ء | 6 آگسٽ، 1990ء | |
| ڄام صادق علي (5 نومبر، 1990ء تائين نگران جي حيثيت سان) | 6 اگست، 1990ء | 5 مارچ، 1992ء | آزاد |
| مظفر حسين شاهہ | 6 مارچ، 1992ء | 19 جولاءِ، 1993ء | |
| سيد علی مدد شاهہ (نگران) | 19 جولاءِ، 1993ء | 21 آڪٽوبر، 1993ء | |
| سيد عبد اللہ شاهہ | 21 آڪٽوبر، 1993ء | 6 نومبر، 1996ء | |
| ممتاز ڀٽو (ٻيون ڀيرو، نگران) | 7 نومبر، 1996ء | 22 فيبروري، 1997ء | سنڌ نيشنل فرنٽ |
| لياقت علي جتوئي | 22 فيبروري، 1997ء | 30 آڪٽوبر، 1998ء | |
| گورنر راڄ | 30 آڪٽوبر، 1998ء | 17 ڊسمبر، 2002ء | |
| علي محمد مهر | 17 ڊسمبر، 2002ء | 9 جون، 2004ء | |
| ارباب غلام رحيم | 9 جون، 2004ء | 19 نومبر، 2007ء | |
| عبدالقادر هاليپوٽو (نگران) | 19 نومبر، 2007ء | 6 اپريل، 2008ء | |
| قائم علي شاهه (ٻيون ڀيرو) | 6 اپريل، 2008ء | 21 مارچ، 2013ء | |
| زاهد قربان علوي (نگران) | 21 مارچ، 2013ء | 30 مئي، 2013ء | |
| قائم علي شاهه (ٽيون ڀيرو) | 30 مئي، 2013ء | 28 جولاءِ، 2016ء | |
| سيد مراد علي شاهہ (پهريون ڀيرو) | 29 جولاءِ، 2016ع | 28 مئي 2018ع | |
| سيد مراد علي شاهہ (ٻيو ڀيرو) | 18 آگسٽ، 2018ع | 17 آگسٽ، 2023ع | |
| سيد مراد علي شاهہ (ٽيون ڀيرو) | 27 فيبروري، 2024ع | تاحال |
لاڳاپيل مضمون
[سنواريو]- ↑ Official website of CM Sindh, اصل کان 13 نومبر 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 04 جولاءِ 2024۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ "Chapter 3: "The Provincial Governments" of Part IV: "Provinces"", Pakistani.org, حاصل ڪيل 09 جون 2013۔