جانوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جانوري (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

چانڊيا

جانوِرِي هيءَ بلوچن جي هڪ ذات آهي.

شجرو[سنواريو]

جلال خان کي ڪل چار پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي، پٽن ۾ پهريون رند، ٻيو لاشاري، ٽيون هوت، چوٿون ڪورائي هو. سندس ڌيءَ جو نالو ’جتو‘ هو. هوت کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ چانڊيو ۽ ٻيو ڪرمتي. جانوري ڪرمتيءَ جي اولاد مان آهن، سندن سردار غلام شاهه ولد دولت خان ڪرمتي هو، جيڪو ميرپورساڪري جو هڪ وڏو زميندار ٿي گذريو آهي. جانوري، چانڊين جي هڪ شاخ آهن، ڌيرڻ خان چانڊيو ۽ سندس هڪ ڀاڻيجو، نواب غيبي خان اول جا خاص ماڻهو هوندا هئا. هن خاندان مان علي بخش ۽ سٻڙ خان ڪلهوڙن جا درٻاري هئا. ميرن جي لشڪر ۾ ڪافي جانوري هئا، جيڪي کرڙي، مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ وڙهيا ۽ شهيد ٿيا هئا. شام فقير (اول) چانڊين جي جانوري قبيلي مان هو، جيڪو 800ھ/ 1397ع ڌاري گذاري ويو. هن جانوري قبيلي جي سورهيائيءَ جا بلوچي ٻوليءَ ۾ بيت چيا آهن. اتر سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ جانوري چانڊين جو هڪ مقام آهي، جنهن ۾ جانوري چانڊين جي ٻن قبيلن جا ماڻهو دفن ٿيل آهن، جن ۾ زهراڻي قبيلو، رستماڻي قبيلو شامل آهن. وراڻي قبيلو ۽ حملاڻي قبيلو ۽ انهن مان شهلي خان ۽ مبارڪ خان زهراڻي قبيلي جا هئا ۽ مشهور جرنيل ڌيرڻ خان، رستماڻي قبيلي مان هو. رئيس تيجو خان وراڻي قبيلي جو هو، مشهور سگهڙ ۽ شاعر سونا خان فقير حملاڻي قبيلي جو هو.

جانورين جا خاص پاڙا[سنواريو]

  • بلنداڻي
  • بناڻي
  • بهاؤالداڻي
  • جگناڻي
  • جولياڻي
  • ڇٽاڻي
  • حملاڻي
  • دائوداڻي
  • دوداڻي
  • رجياڻي
  • رحيماڻي
  • زهراڻي
  • سوماراڻي
  • شيراڻي
  • صادقاڻي
  • صالمياتي
  • گلماڻي
  • گوماڻي
  • مارفاڻي
  • معراڻي
  • ميواڻي
  • ورياڻي
  • وليداڻي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011