مواد ڏانھن هلو

چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(چانڊيا کان چوريل)
چانڊيا (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

چانڊيا بلوچ قوم سان آھن ۽ ھوت جو اولاد آھن، جو جلال خان ولد ھرين جو پٽ ھو. ھوت کي ٻه پٽ ھئا:

  • حاجي ۽
  • حسين.

انھيءَ جون ھي شاخون آھن؛

حاجيءَ جو اولاد:

  • غيباڻي،
  • گھراماڻي،
  • مرزاڻي،
  • سمالاڻي ۽
  • چولياڻي؛

۽ حسين جو اولاد:

  • مناڻي،
  • مصرياڻي،
  • بھراڻي،
  • قمبراڻي،
  • منداڻي ۽
  • سندراڻي

ھي چانڊڪا جاگير ۾ رھندا ھئا، يعني شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي پاسي. غيبي ديرو انھيءَ جو مکيه شھر آھي، جو غيبي خان ولد ولي محمد جي پٺيان سڏبو آھي. انھيءَ کي وڏي جاگير مليل آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ گھڻن ھنڌن تي ھو جنگين ۾ شامل ٿيا آھن، خاص منگسين سان ھنن جو مدامي جھيڙو ھو، جنھنڪري چانڊيا مگسي سنڌيءَ ۾ پھاڪو ٿي ويو آھي.[1] پهريان ناڙيءَ تي سندن رياست هئي، پوءِ سنڌ جي اتر اولهندي ۾ چانڊڪا رياست قائم ڪيائون. پنجاب ۽ سنڌ ۾ به سندن جاگيرون هيون. هينئر به ٿر تائين پکڙيل آهن.[2] چانڊڪو پرڳڻو چانڊين، ماڇين کان فتح ڪيو هو.[2] اُهي پهريان ناڙيءَ تي آباد هئا. باهمي ويڙهه کان پوءِ سنڌ جي اُتر اُولهندي ۾ چانڊڪي پرڳڻي ۾ رياست جو بنياد وڌو. اُهي پنجاب ۽ سنڌ تائين پکڙيل هئا.[3]

ٻئي روايت موجب چانڊيو سنڌي ذات آهي جيڪي چانڊومل جو اولاد آهن.[حوالو گهربل]

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو