مواد ڏانھن هلو

جارج گورڊن بائرن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور رومانوي شاعر، بائرن جو جنم 1788ع ۾ ٿيو. بائرن جو پورو نالو جارج گورڊن نوئل بائرن (Gerorge Gordon Noel Byron) آهي. بائرن (1788-1824ع)، انگريزي جي رومانوي ادب جي دور جو مشهور شاعر، پنهنجي بي راهه روي ۽ جذباتي شاعري ۾ رومانيت جو مثال هو. بائرن پيدائشي منڊو هو ۽ چئن ورهين جي عمر ۾ پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويو. هيءُ جوانيءَ ۾ ايڏو ته خوبصورت هو، جو هر عورت جو هن ڏانهن ڌيان ضرور ويندو هو. هن ازابيلا مل بينڪ سان سال 16-1815ع ڌاري شادي ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي، ان کانپوءِ يورپ هليو ويو. هو هڪ رئيس زادو هو. هيرو ۽ ڪئمبرج ۾ تعليم حاصل ڪيائين. نقادن جو چوڻ آهي ته سندس گهرو ماحول صحيح نه هئڻ ڪري سندس شخصيت جي صحيح اوسر ٿي نه سگهي، پر اڳتي هلي هو، برطانوي پارليامينٽ جي مٿيون ايوان، هائوس آف لارڊز (House of lords) جو رڪن ٿيو. هو فرانس جي انقلاب کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو هن هر عقيدي ۽ هر قدر کي خراب ڪوٺيو.

جارج گورڊن بائرن
 
معلومات شخصيت
ڄم جو نالو
ڄم
موت
شھريت
نسل
رڪن رائل سوسائٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of (P463) وڪي ڊيٽا تي
بيماري
عملي زندگي
مادر علمي
پيشو
ڪم جي ٻولي
دلچسپي پرفارمنگ آرٽس   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
تحريڪ
عسڪري خدمتون
اعزازات
رائل سوسائٽي فيلو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو award received (P166) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 
ويب سائٽ
بائرن، سال 1830ع ۾

مشهور رومانوي شاعر، بائرن جو جنم 1788ع ۾ ٿيو. بائرن جو پورو نالو جارج گورڊن نوئل بائرن (Gerorge Gordon Noel Byron) آهي. بائرن (1788-1824ع)، انگريزي جي رومانوي ادب جي دور جو مشهور شاعر، پنهنجي بي راهه روي ۽ جذباتي شاعري ۾ رومانيت جو مثال هو. بائرن پيدائشي منڊو هو ۽ چئن ورهين جي عمر ۾ پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويو. هيءُ جوانيءَ ۾ ايڏو ته خوبصورت هو، جو هر عورت جو هن ڏانهن ڌيان ضرور ويندو هو. هن ازابيلا مل بينڪ سان سال 16-1815ع ڌاري شادي ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي، ان کانپوءِ يورپ هليو ويو. هو هڪ رئيس زادو هو. هيرو ۽ ڪئمبرج ۾ تعليم حاصل ڪيائين. نقادن جو چوڻ آهي ته سندس گهرو ماحول صحيح نه هئڻ ڪري سندس شخصيت جي صحيح اوسر ٿي نه سگهي، پر اڳتي هلي هو، برطانوي پارليامينٽ جي مٿيون ايوان، هائوس آف لارڊز (House of lords) جو رڪن ٿيو. هو فرانس جي انقلاب کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو هن هر عقيدي ۽ هر قدر کي خراب ڪوٺيو.

انگريزي شاعريءَ ۾ هو رومانيت پسنديءَ جو نمائندو آهي، رومانيت کي جيڪڏهن بيماري سمجهيو وڃي ته هو هن بيماريءَ جو پهريون شڪار چئبو. هو شاعريءَ ۾ پاپ ڪلچر جو حامي ۽ مشهور فطرت نگار شاعر، وليم ورڊزورٿ جو دشمن هو. طبيعت ۽ مزاج جي رنگينيءَ ۽ خودسريءَ جي ڪري کيس "ادب جو نيپوليئن" به ڪوٺيو ويو آهي. سندس شاعريءَ ۾ خوبين سان گڏ خاميون به آهن. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪڏهن به سنجيدگي ۽ توازن قائم رکي نه سگهيو، ان ڪري هو ڪلاسيڪيت ۽ رومانويت جي وچ ۾ ٽنگيل ڏسجي ٿو. 20هين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ تي يورپ جي رومانوي دور جي شاعريءَ جو چڱو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. بائرن : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-12-18 تي محفوظ ڪيل, 2020-07-09 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)