ترقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ترقي(انگريزي: Progress)والٽيئر چيو هو ته جيڪڏهن ”تون مون سان ڳالهيون ڪرڻ ٿو گهرين ته پهرين پنهنجن اکرن کي چٽو ڪر.“ ترقيءَ سان اسان جو مطلب ڇا آهي، موضوعي وضاحتن سان ڪم نه هلندو. ترقيءَ جي تصور کي اسان ڪنهن هڪ مذهب يا ڪنهن هڪ اخلاقي نظام جي نقطهء نگاهه کان پرکي نٿا سگهون. مثال اخلاقي نقطهء نظر کان ائين چوڻ ته ماڻهوءَ کي وڌيڪ رحمدل ٿيڻ گهرجي نٽشي جي پوئلڳن کي نه وڻندو. ائين ئي ترقيءَ کي خوشيءَ جو واڌارو به چئي نٿا سگهون ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ عقلمند کان وڌيڪ بيوقوف خوش آهن ۽ جن شخصيتن جو اسين احترام ڪيون ٿا انهن لاءِ خوشيءَ کان وڌيڪ انساني عظمت اهم آهي. ڇا ترقيءَ جي ڪا اهڙي معروضي تشريح ٿي سگهي ٿي جيڪا هر فرد، هر جماعت ۽ هر جنس لاءِ قابلِ قبول هجي؟ في الحال اسان ترقيءَ جي هيءَ معنيٰ ٿا ڪڍون ته ترقي انساني ماحول تي زندگيءَ جو وڌندڙ غلبو آهي ۽ ماحول انهن حالتن جو نالو آهي جيڪي اسان جي خواهشن جي پورائيءَ ۾ اسان جي مدد ٿيون ڪن. انتشار تي ذهن ۽ مقصد جو، ۽ مادي تي هيئت ۽ عزم جو غلبو اصل ترقي آهي.[1]ول ڊيورنٽ انساني ترقي جون اٺ منزلون ٻڌايون آهن[1]:

فونٽيلين Fontellene چيو ھو تہ ”ماڻهوءَ جي دل سدائين هڪ جهڙي ٿي رهي پر عقل پنهنجي تڪميل لاءِ ڪوشان ٿو رهي. جذبا، نيڪيون ۽ بديون اڄ به ساڳيون آهن پر علم وڌندو ٿو وڃي.“ ايڪرمن Eckermann چيو: انسان جي ترقي هزار سالن جي ڳالهه آهي. گوئٽي Goethe چيو: ”ڪهڙي خبر ته لکين سالن جي ڳالهه هجي. انسانيت جيترو وقت قائم رهندي ان کي ترقيءَ لاءِ رستي جون رڪاوٽون ڏسڻيون پونديون. ماڻهو وڌيڪ هشيار ۽ چالاڪ ته ٿيندا ويندا پر هو رڳو محدود عرصي لاءِ وڌيڪ سٺا، وڌيڪ خوش ۽ پنهنجي عمل ۾ وڌيڪ چالاڪ نه هوندا. مان اهو وقت ڏسان پيو جڏهن خدا انسان کان بيزار ٿيندو ۽ هڪ نئون نسل تخليق ڪندو. شوپنهار چيو هو ته: ”تاريخ جو اصل اصول آهي هڪ موضوع ۽ پر تفصيلن جو اختلاف“ نٽشي چيو: ”انسانيت ترقي نه پئي ڪري، انسانيت جو ڪو وجود ڪونهي. دنيا هڪ وڏي جسماني تجربيگاهه آهي جنهن ۾ بيرحم فطرت پنهنجا تجربا پئي ڪري ۽ جنهن ۾ ڪي تجربا ڪامياب ٿا ٿين پر گهڻي ڀاڱي ناڪام ٿا ٿين.“ ان جرمن رومانوي ڏاهي بحث کي ائين ختم ڪيو. ڊزرائلي Disreali انهن ماڻهن مان هو جن سڀ کان پهرين مادي ۽ اخلاقي ترقي، طاقت ۾ واڌاري ۽ اخلاق ۾ بهتريءَ ۾ فرق ڪيو يورپ ترقي جي انڪري ڳالهه ٿو ڪري جو هن ڪن سائنسي انڪشافن جي مدد سان هڪ اهڙي سماج جو بنياد وڌو جنهن ۾ سائنس جي آسائشن کي تهذيب سمجهيو ٿو وڃي. ”مهذب يورپ خوش نه آهي. هن جو وجود بخار ۾ ورتل آهي ۽ ان کي هو ترقي ٿو چئي. پر سوال آهي ته ڪهڙي مقصد لاءِ ترقي. رسڪن Ruskin ترقي جي معنيٰ دولت سمجهڻ واري ڳالهه کان انڪار ڪيو ۽ سوال ڪيو ته ڇا هي آسودا دڪاندار ۽ واپاري جانسن، شڪسپيئر يا ڇاسر جي دور جي انگريزن کان وڌيڪ سٺا انسان آهن.“ ڪار لائل ۽ ٽالسٽاءِ اها ڳالهه مڃي ته انسان کي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وسيلا ايجاد ڪرڻ گهرجن پر ان ايڏي طاقت مان ڪهڙو فائدو جو اها طاقت جيئن پهرين متضاد بيوقوفي ۽ خودڪشي وارن مقصدن لاءِ استعمال ٿيندي هئي. هاڻي به ٿيندي رهي. 1890ع ۾ ارٿر بالفر Arthur Belfourپنهنجي حڪيماڻي ۽ زوردار انداز ۾ چيو ته انساني ڪردار ۽ اجتماعي تنظيم فڪر (جيڪو ترقي ڪندو ٿو رهي) تي ٻڌل نه آهي پر احساس ۽ جبلت تي ٻڌل آهي جيڪي هزارن سالن ۾ به نٿا بدلجن. هن جو خيال آهي ته ان ناڪاميءَ جو سبب اهو آهي جو اسين پنهنجي وڌندڙ علم کي وڌيڪ خوشي ۽ دائمي امن حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري نه سگهيا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته اهو وڌندڙ علم ئي اسان جي دور جي مايوسي جو سبب هجي Ecclesiastes (اهلِ مدرسه) چيو هو ته علم ۾ واڌارو ڏک ۾ واڌاري برابر آهي. اناطول فرانس ”ساري ڪائنات ۾ سڀ کان غمگين مخلوق انسان آهي. انسان کي اشرف المخلوقات چوندا آهن. پر منهنجا دوست! ڇا انسان اشرف الخلوؤات آهي؟“[1]ترقي لاءِ ضروري نه آهي ته اها لڳاتار هجي. ترقيءَ ۾ اوندها ۽ مايوسيءَ وارا دور به اچي سگهن ٿا. پر جي آخري منزل بلند آهي ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته اسان ترقي ڪئي آهي. ترقيءَ جي حوالي سان قومن ۽ دورن جي ڪٿَ ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ صحيح رکڻي پوندي. صحيح ڪٿ ڪرڻ لاءِ اسان کي ٻن اهڙن قومن جي ڀيٽ ناهي ڪرڻي جن مان، هڪ جوانيءَ مان لنگهندي هجي ۽ ٻي ثقافتيءَ طرح پڪي وهيءَ ۾ هجي. هڪ دور جي اوڻائين کي ٻئي دور جي چڱائين سان به ڀيٽڻو نه آهي. جيڪڏهن اسين ڏسون ٿا ته آسٽريليا ۽ آمريڪا جهڙين ننڍي عمر واري قومن ۾ ذهني لاڙو تنظيمي، سياحتي ۽ سياسي معاملن ڏانهن آهي ۽ مصوري، شاعري، ۽ بت تراشيءَ ڏانهن نه آهي ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته هر دور کي هڪ خاص ذهن جي ضرورت هوندي آهي ۽ ثقافتي نوع جا ذهن تڏهن پئدا ٿيندا آهن جڏهن عملي نوع جا ذهن هنن لاءِ رستو صاف ڪري چڪا هوندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو