بگودڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بگودڙو (قبو سعيد خان)
ديھ بگودڙو
ديھ
Deh Bagodaro
بگودڙو (قبو سعيد خان) is located in سنڌ
بگودڙو (قبو سعيد خان)
بگودڙو (قبو سعيد خان)
بگودڙو (قبو سعيد خان) is located in Pakistan
بگودڙو (قبو سعيد خان)
بگودڙو (قبو سعيد خان)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°45′49″N 67°41′53″E / 27.76361°N 67.69806°E / 27.76361; 67.69806مڪانيت: 27°45′49″N 67°41′53″E / 27.76361°N 67.69806°E / 27.76361; 67.69806
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قبو سعيد خان تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 839


ديھ بگودڙو(انگريزي: Deh Bagodaro) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا بگودڙو تپي ۾ واقع آهي. ھن ديھ جو نالو بگودڙو تان پيل آھي جيڪو پاڪستان ٺھڻ وقت شھدادڪوٽ تعلقي جو ھڪ ننڍڙو شھر ھيو جتي بگودڙو ٿاڻو پڻ واقع ھيو پر ھاڻي تعلقي قبو سعيد خان جو ھڪ ڳوٺ آھي جيڪو شھدادڪوٽ شھر کان 22 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ خير محمد مستوئي، ڳوٺ يارو جنھن جي ڀرسان روينيو سروي نمبر 421 ۽ 422 ۾ ھڪ سارين جو ڪارخانو، بگودڙو جنھن ۾ ھڪ ٿاڻو ۽ ھڪ مسافر خانو واقع ھيا[2]. بگودڙو روڊ رستي شھدادڪوٽ سان ڳنڍيل ھيو. ھاڻي ھن ديھ ۾ بگودڙو ڳوٺ معروف آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ھڪڙا، اوڀر ۾ ديھ کوکر، اولھ ۾ ديھ ٽنگرا ۽ ديھ سير مگسي ڏکڻ ۾ ديھ ماڇي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ھن ديھ جي اولھ واري دنگ سان قبو شاخ وھندڙ آھي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 839 ھئي جيڪا 124 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]