سير مگسي
ڏيک
سِير مگسي (قبو سعيد خان)
ديھ سِير مگسي | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Seer Magsi | |
| جاگرافي بيهڪ: 27°46′27″N 67°40′10″E / 27.77417°N 67.66944°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | قبو سعيد خان تعلقو |
ديھ سِير مگسي (انگريزي: Deh Seer Magsi) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا سير چانڊيا تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1934ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ محمد علي کھاوڙ، ڳوٺ الھرکيو جوڻيجو، ڳوٺ مدد خان مغيري، ڳوٺ کوکر ۽ ڪڙيو جنگو مگسي جي ڀرسان ھڪ وڏو مگسين جو ڳوٺ واقع ھيا[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ مست علي کوکر ۽ ڳوٺ خليفو ٻرڙو معروف آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ٽنگڙا ۽ ديھ مغيري، اوڀر ۾ ديھ بگودڙو ۽ ديھ ماڇي، اولھ ۾ ديھ مست علي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ زر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. قبو ۽ ڍوري شاخون ھن ديھ جي اوڀر ۽ اولھ م وھندڙ آھن.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,288 ھئي جيڪا 249 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]