مواد ڏانھن هلو

بيبي اسماء رضہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بيبي اسماء رضہ
(عربي ۾: أسماء بنت أبي بكر خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 595   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مڪو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت آڪٽوبر 692 (96–97 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
مڪو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت خلافت راشده
خلافت اموي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ٻار عبدالله بن زبير   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
پيءُ ابوبڪر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو father (P22) وڪي ڊيٽا تي
ڀاءُ ڀيڻ
مادري ٻولي عربي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون

بيبي اسماء”ذات النطاقين“: Asmā' bint Abu Bakr (عربي ٻولي: أسماء بنت أبي بكر), c. 595 – 692 CE,:اسماء پندرهن سالن جي عمر ۾ ابوبڪر صديق جي دعوت تي مسلمان ٿي ھئي ..[1] هن بيبيءَ جو اصل نالو ”اسماء“ هو، ۽ خليفي حضرت ابوبڪر جي وڏي نياڻي هئي. هن کي ذات النطاقين“ جو لقب مليل هو. عربيءَ ۾ ”نطاق“ چون پٽي کي، ۽ عرب جون زالون چيلهه تي ڪپڙي جو پٽو ٻڌنديون هيون. هڪڙي ڀيري حضرت محمد ﷺ جن، هجرت کان اڳي، خليفي جي جاءِ تي آيا، ڪو ڪپڙي ٽڪر گهربل هو. هن بيبيءَ هڪدم پنهنجيءَ چيلهه جو پٽو لاهي پيش ڪيو. پاڻ اهو ڦاڙي، ٻه پٽيون ڪري ڪم آندائون، ۽ بيبيءَ کي چيائون ته ”خدا هن هڪڙي پٽي جي عيوض توکي ٻه ”پٽا“ (نطاقين) ڏيندو.“.[2]

هن جي ”زبير“ سان شادي ٿي، جو وڏو اصحابي هو، جنهن مان هن کي ”عبدالله“ پٽ هو، جو نامور ٿي گذريو آهي. عبدالملڪ بن مروان جي وقت ۾ هن مڪي ۾ نَوَ ورهيه خلافت به ڪئي. نيٺ، مشهور ظالم، حجاج بن يوسف“ کي دمشق کان عبدالله جي برخلاف موڪليو ويو، جنهن مڪي کي اچي گهيرو ڪيو، جو ست مهينا هليو، بک جي ڪري، عبدالله جا ٻارهن هزار سپاهي کيس ڇڏي هليا ويا، رڳو عبدالله سان سندس ماءُ بيبي اسماء ۽ سندس ٻه پٽ حمزو ۽ حبيب هئا، جن سان اهڙي مشڪل وقت ۾ مشورو ڪندو هو. پاڻ ماءُ کان پڇائين ته ”وڃي حجاج سان وڙهان ۽ مران“ يا وڃي پيش پئي پناهه گهرانس؟“ ماڻس جواب ڏنو ته ”ابا، جي تون وسهين ٿو ته وڃي خدا جي واٽ ۾ وڙهه ۽ سر ڏي! ضعف جي ڪري تابع ٿيڻ، اجايو آهي.“ عبدالله چيو ته ”چڱو، آءٌ ائين ٿو ڪريان، ليڪن هو مون سان تنهنجين اکين آڏو سخت عقوبتون ڪندا، سي تون صبر ڪري سهج، ۽ منهنجي حق ۾ دعا ڪج“..[2]

ماءُ _ پٽ جي وچ ۾ انهيءَ بابت گهڻي گفتگو هلي آهي. جا مزي جهڙي آهي، پر لکڻ جي ضرور ڪونه ٿو ڏسجي. آخر، ماءُ ۽ پٽن کان موڪلائي. عبدالله اٿي هليو. ڀاڪر وجهندي، بيبيءَ اسماءَ کي عبدالله جي ڪپڙن جي اندارن زرهه هٿ سان لڳي، تڏهن هن کي چيائين ته ”عبدالله جيڪي خدا جي واٽ ۾ سر ڏيڻ ۽ شهيد ٿيڻ ويندا آهن، سي زرهون ڪين ڍڪيندا آهن!“ تنهن تي عبدالله اُها زرهه لاهي ڇڏي، ۽ وڃي وڙهيو ۽ مارجي ويو. حجاج سندس سسي عبدالملڪ ڏي موڪلي، ۽ ڌڙ، خليفي جي موڪل اچڻ کانپوءِ ماڻس کي ڏنائين، جنهن پوري ڇڏيو. ڪن جو چوڻ آهي ته زبير جو ڌڙ ٻه ورهيه برابر سوريءَ تي لڙڪيو پيو هو، پوءِ دفن ٿيو، سگهوئي پوءِ، بيبي اسماء به وفات ڪئي. سندس عمر سئو ورهين کان وڌيڪ هئي.[2]

اولاد

[سنواريو]

اسماء کي زبير بن عوام مان اٺ ٻار ھئا:

حوالا

[سنواريو]
  1. Guillaume, A. (1955). A Translation of Ishaq’s Sirat Rasul Allah, p. 116. Oxford: Oxford University Press.
  2. 2.0 2.1 2.2 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page6.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. Bewley/Saad p. 176.