بهليل شاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بهليل شاھ جي مزار

بهليل شاھ (انگريزي:Bahlil Shah) جي مزار سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ جوهي شهر کان اٽڪل 20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ بهليل شاھ ڀرسان واقع آهي. هن بزرگ جو اصل نالو بحر علي شاھ آهي پر عام طور ت بهليل جي نالي سان مشهور آهي. هن بزرگ جي اصل ذات بابت ڪابه مستند تاريخ موجود نه آهي. ڪن روايتن ۾ کيس ذات جو ڪلوئي ته ڪن ۾ چانڊيو ٻُڌايو ويو آهي ۽ ويجهي تاريخ ۾ کيس بخاري سڏڻ شروع ڪيو ويو آهي. ڪن محققن کيس ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ڄاڻايو آهي.[1] تاريخ جنت السنڌ ۽ تاريخ ڪلهوڙ دور ۾ ڪلهوڙن جي وڏڙي ميان چنون يا چنيه جي شجري ۾ ميان چنون جي ڏاڏي جو نالو بهيل يا بهليل درج ٿيل آهي. بهرحال بهليل شاھ جي درگاھ جا گاڏي نشين چانڊيا آهن جيڪي فقير سڏائڻ ٿا. ميانوال تحريڪ سان منسلڪ ماڻهو پاڻ کي فقير سڏائيندا هئا ۽ هاڻ به سڏائن ٿا.ميان نصير محمد ڪلھوڙو به پاڻ کي فقير سڏائيندو هو. بزرگ بهليل شاھ جو هر سال ربيع الاول مهيني ۾ ميلو منعقد ٽينڊو آهي جنهن ۾ سماع جي محفل سان گڏ ملاکڙو به ٿيندو آهي. ملاکڙي ۾ سنڌ جا پهلوان اچي طاقت جو مظاهرو ڪندا آهن.[2][3]

حوالا[سنواريو]

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-20. 
  2. "بهليل شاهه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-20. 
  3. "Mianwal Movement". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2019-12-20.