مواد ڏانھن هلو

بلگاريا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(بلغاريہ کان چوريل)
بلگاريا جي جمهوريه

Република България (Bulgarian)
Republika Bǎlgariya
Flag of بلغاريه
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '
ترانو: 
Мила Родино (Bulgarian)
ملا روڊينو  (transliteration)
ڊيئر مڌرلينڊ
مڪانيت  بلگاريا  (تيز سائو) – يورپ ۾  (سائو & تيز ڀورو) – in يورپي يونين  (سائو)  –  [Legend]
مڪانيت  بلگاريا  (تيز سائو)

– يورپ ۾  (سائو & تيز ڀورو)
– in يورپي يونين  (سائو)  –  [Legend]

گادي جو هنڌ صوفيا
42°41′N 23°19′E / 42.683°N 23.317°E / 42.683; 23.317
سڀ کان وڏو شهر صوفيا
دفتري ٻوليون بلغارين
سرڪاري اسڪرپٽ سرلڪ
نسلي گروھ (2011) 84.8% بلغارين, 8.8% ترڪ, 4.9% روماني, 0.7% ٻيا [note 1]
مقامي آبادي بلغارين يا بلغاريائي
حڪومت وحداني پارلياماني
ريپبلڪ
• صدر
رومين ريديف
بوائڪو بوريسوف
مقننه نيشنل اسيمبلي
قيام جي تاريخ
• پھرين بلغاريائي ايمپائر
681–1018
• ٻين بلغاريائي ايمپائر
1185–1396
• بلغاريا جي پرنسپلٽي
3 مارچ 1878[note 2]
• عثماني خلافت کان آزادي
5 آڪٽوبر 1908[note 3]
پکيڙ
• جملي
110٬993.6 km2 (42٬854.9 sq mi) (103rd)
• پاڻي (%)
2.16[1]
آبادي
• 31 ڊسمبر 2017 اندازو
کم 7,050,034[2] (103rd)
•  گھاٽائي
64 /km2 (165.8 /sq mi) (155th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$163  ارب ڊالر [3] (76th)
• في سيڪڙو
$23,207[3] (62nd)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$64  ارب ڊالر [3] (81st)
Portrait of president Rumen Radev
رومين راديف
بلغاريہ جو صدر
Portrait of premier Boyko Borisov
بوائڪو بوريسوف
بلغاريہ جو وزير اعظم

بلگاريا يا بلگارستان (بلغاري: "България" یا "Bŭlgariya" یا "بَلگَارِیَا") (انگريزي: Bulgaria) جنھن جو سرڪاري نالو بلگاريا جي جمهوريه ڏکڻ اوڀر يورپ جو ملڪ آهي جنھن جون سرحدون اتر ۾ رومانيا، اولھہ ۾ سربيا ۽ ريپبلڪ آف ميسيدونيا، ڏکڻ ۾ يونان ۽ ترڪي ۽ اوڀر ۾ ڪاري سمنڊ سان ملن ٿيون. گاديءَ جو هنڌ صوفيہ اٿس ۽ ٻيا وڏا شھر پلووديف، وارنا، برگاس اٿس.

تاريخ

[سنواريو]

موجوده بلغاريہ جي سڀ کان قديم سماج نيولٿڪ دؤر جي ڪارانووو تھذيب آھي جيڪا 6500 ق.م. جي آھي ڇھين کان ٽين صدي ق م ۾ ھيء ڌرتي ٿريشيا، وارن، فارس وارن ، ڪيلٽ وارن ۽ قديم ميسيدونيا جي ماڻھن جي وچ ۾ ھڪ جنگ جو ميدان ھيو ۽ اھو سلسلو جاري رھيو ايستائين جو 45 عيسويءَ ۾ رومن ايمپائر ھي علائقو فتح ڪيو. بلغار نسل وارن ڪجهه علائقا ستين صدي عيسويءَ ۾ اوڀر رومن ايمپائر ۽ بازنظيني ايمپائر کان کسي ورتا جتي 681 ۾ انھن پھرين بلغار ايمپائر جو بنياد وڌو جنھن بلقان ۾ پنھجو غلبو آندو. بلغار ايمپائر يارھين صدي تائين قائم رهي جنھن بعد اتي وري بازنظيني ايمپائر قبضو ڪري بلغار ايمپائر کي ناس ڪري ڇڏيو.

A view of the walls of Tsarevets fortress in Tarnovo
ٻين بلغار ايمپائر جي گاديءَ جي هنڌ ويليڪو ٽارناوو ۾ واقع زاريويٽس قلعي جون ڀتيون

1185 ۾ وري ٻي بلغار ايمپائر قائم ٿي جيڪا آئوين آسين ٻيون (1218–1241) جي دور ۾ عروج تي پھتي 1396 تائين ھي ايمپائر ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ۽ ان جا اڪثر حصا عثماني خلافت جي قبضي هيٺ آيا اھڙي طرح ھي ملڪ پنج سؤ سال عثماني ترڪن جي قبضي هيٺ رھيو. 78- 1877 ۾ روس ۽ ترڪي واري جنگ جي نتيجي ۾ موجوده بلغاريہ جي ٽين رياست وجود ۾ آئي. 1946 ۾ ھتي ھڪ پارٽي واري سوشلسٽ حڪومت قائم ٿي ۽ ملڪ سوويت بلاڪ ۾ شامل ٿي ويو.1989 ۾ حڪمران ڪميونسٽ پارٽيءَ انقلاب اچڻ بعد اقتدار ڇڏيو جنھن کان پوءِ گھڻ جمائتي جمھوريت ۽ مارڪيٽ جي بنياد واري معيشيت جي دؤر جو آغاز ٿيو.

جاگرافي

[سنواريو]
Topographic map of Bulgaria
بلغاريہ جي نقشي ۾ ان جي ٽوپوگرافي ڏيکاريل

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 43 00 N, 25 00 E آھي. ملڪ جي پکي 110,879 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 108,489 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 2,390 چورس ڪلوميٽر پاڻي آهي.. پکيڙ ۾ دنيا ۾ 106 نمبر تي آهي. ملڪ جي ڪل زميني سرحد 1,806 ڪلوميٽر آهي جن مان 472 ڪلوميٽر يونان سان، 162 ڪلوميٽر ميسيدونيا سان، 605 رومانيا سان، 344 سربيا سان۽ 223 ڪلوميٽر ترڪيءَ سان ملي ٿي. بحري سرحد 354 ڪلوميٽر آهي. ھن ملڪ جي بحري سرحد جي علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل آھي ۽ ان سان لڳولڳ سامونڊي زون جي دعویٰ 24 ناٽيڪل ميل ۽ مخصوص معاشي زون جي دعویٰ 200 ناٽيڪل ميل آھي. اتر ۽ ڏکڻ-اوڀر واري پاسي جبل واقع آھن جن جي ڀر ۾ ھيٺاھين زمين آھي[6]

آبھوا

[سنواريو]

ھتان جي آبهوا ٽيمپريٽ، ٿڌي آھي. سيارا گھميل ۽ اونھارا خشڪ ۽ گرم ھوندا آھن.ملڪ جي سراسري اوچائي 472 ميٽر آھي.سڀ کان اوچو مقام موسالا آھي جنھن جي اوچائي 2925 ميٽر آھي[6].

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا

[سنواريو]

ھتانجي معدنيات ۽ قدرتي وسيلن ۾ باڪسائيٽ، ٽامو، شيھو، جست، پوکي لائق زمين شامل آهن[6].

زراعت

[سنواريو]

ھتان جي زمين جو 46.9 سيڪڙو زراعت سان تعلق رکندڙ آهي. جنھن مان 29.9 سيڪڙو پوکي لائق آھي، 1.5 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آھي، 15.5 سيڪڙو تي مستقل چراگاھون ۽ 36.7 سيڪڙو تي ٻيلا آهن.2012 جي انگن اکرن مطابق ملڪ جي آبپاشي واري زمين جملي 1020 چورس ڪلوميٽر آهي[6].

بلغاريہ جا ماڻهو

[سنواريو]

ھن ملڪ جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 7,101,510 ھئي. آبادي جي لحاظ کان دنيا ۾ ھي ملڪ 103 نمبر تي آهي. ھتان جي ماڻھن کي بلغارين چوندا آهن. آبادي جو 70.9 سيڪڙو بلغارين نسل جا، 8 سيڪڙو ترڪ نسل، 4.4 سيڪڙو روماني نسل ۽ ٻيا جن ۾ روسي، آرمينيائي ۽ ولاچ شامل آھن. ھتان جي 76.8 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي ٻولي آھي جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي پڻ آھي. 8.2 سيڪڙو ترڪي ٻولي، 3.8 سيڪڙو روماني ٻولي ڳالھائيندڙ آھن. ھتان جي 59.4 سيڪڙو آبادي جو مذھب ايسٽرن آرٿوڊڪس آھي ، 7.8 سيڪڙو مسلمان آهن[6].

نالو

[سنواريو]

ھن ملڪ جو نالو ھتان جي بلغار قبيلن جي ڪري بلغاريہ پيو[6]

سياسي نظام

[سنواريو]

ھن ملڪ ۾ 28 صوبا آھن جن کي کي اوبلاسٽ چوندا آهن جن جا نالا آھن: بلاگوئيف گراڊ، برگاس، ڊوبرچ، گابرووو، ھئزڪووو، ڪاردزھالي، ڪيوسٽينڊل، لوويچ، مونٽانا، پازارڊزھڪ، پيرنڪ، پليوين، پلووديف، رزگارڊ، روسي، شومين، سلسٽرا، سلائيوين، سمولوا ، صوفيا، صوفيا گراڊ، اسٽارا، زيگورا، ٽارگوويشٽي، وارانا، ويلڪو، ٽارنووو، ودين، وراسٽسا ۽ ييمبول[6].
ملڪ 3 مارچ 1878 ۾ خلافت عثمانيه کان آزادي ورتي ۽ 22 سيپٽمبر 1908 تي مڪمل آزاد ٿي ويو. ملڪ ۾ رياستي سربراھ صدر ۽ حڪومتي سربراهه وزيراعظم آھي.

The National Assembly building in Sofia
صوفيا ۾ واقع بلغاريہ جي نيشنل اسيمبلي

پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو نيشنل اسيمبلي آھي جنھن ۾ 240 سيٽون آھن جن جي چئن سالن لاءِ سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ملڪ جي وڏي۾ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آف ڪئسيشن آھي جنھن ۾ 72 جج آھنجن جو سربراھ چيئرمين آھي.[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Field listing: Area". The World Factbook. Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 9 October 2018. 
  2. NSI Census data 2017.
  3. 3.0 3.1 3.2 "Report for Selected Countries and Subjects (Bulgaria)". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 9 October 2018. 
  4. "Gini coefficient of equivalised disposable income (source: SILC)". Eurostat Data Explorer. حاصل ڪيل 31 March 2016. 
  5. "Human Development Indices and Indicators 2018 Statistical Update" (PDF). HDRO (Human Development Report Office) United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 6.5 6.6 6.7 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2016-10-01 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. سي آء اي فيڪٽس بڪ__


حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو