برڪت علي ڪامريڊ آزاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برڪت علي ڪامريڊ آزاد 1917ع ۾ پنجاب جي امرتسر (Amritsar) شهر ۾ پيدا ٿيو.

سوانح[سنواريو]

برڪت علي ڪامريڊ آزاد (Barkat Ali Comrade Azaad) سنڌ جو مشهور ترقي پسند اديب، شاعر، صحافي ۽ بيباڪ سياستدان، جيڪو پيدا ته ڀارتي صوبي پنجاب جي امرتسر شهر ۾ ٿيو، پر سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ٺيٺ سنڌي بنجي ويو. سنڌ جو شيدائي، سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ ترقي پسند اديب ٿي گذريو آهي. پرائمري ۽ ديني تعليم سنڌيءَ ۾ حاصل ڪيائين. 1930 ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. هن کي ننڍي هوندي کان ئي انقلابي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ جو شوق هو، ترقي پسند ۽ انقلابي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ڪري ڪئين دفعا جيل ڪاٽيائين. ادبي لحاظ کان سندس ڳڻپ سنڌ جي ترقي پسند اديبن جي پهرينءَ قطار ۾ ٿئي ٿو. 1941ع ۾ روسي اديب ”ڪروپا ٽڪن جي ڪتاب“ جو ”نوجوانن ڏانهن“ عنوان سان ترجمو ڪيائين، جنهن ڪتاب جا محمد ابراهيم جويي جي مهاڳ سان ڇهن کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ڪامريڊ برڪت علي ’آزاد‘ مهاتما گانڌيءَ (Mahatma Gandhi) جي آشرم ۾ به ڇهه مهينا کن تربيت حاصل ڪري 1935ع ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڪجهه عرصو قيد رهيو، ان ساڳئي وقت پير صبغت الله شهيد به جيل ۾ قيد هو. ڪامريڊ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهيو، سندس شاعري ۽ مضمون ڇپجندا رهيا. سکر ۾ وڏي لائبرري هئس. هن جي رهائش سکر توڙي جيڪب آباد ۾ هئي.

لاڏاڻو[سنواريو]

پاڻ 7 مارچ 1998ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]