برتري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اثر, داٻو, برتري يا اِنفلوئنس (Influence) اصل ۾ لاطيني ٻولي جي لفظ influentia مان ورتل هي اصطلاح ڪنهن به شخص، تنظيم، سگهاري قوت وٽ موجود صلاحيت جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن ذريعي اُها ڪنهن ٻئي شخص، تنظيم ۽ رياست جي فيصلن، روين، راين ۽ لاڙن تي اثرانداز ٿي کيس پنهنجي مرضيءَ مطابق هلڻ تي مجبور ڪري سگهي. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ان صلاحيت کي ’اثر جي دائري‘(Sphere of Influence) جي ذريعي بيان ڪيو وڃي ٿو. يعني اهڙو علائقو يا پرڳڻو، جنهن تي ڪنهن به رياست، تنظيم يا اختياريءَ کي سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ فوجي حوالي سان اثر حاصل هجي. عام طور تي اها حاصلات اثر رکندڙ ۽ اثر قبول ڪندڙ وچ ۾ ٿيل ڪن رواجي معاهدن هيٺ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر هروڀرو ڪنهن خاص معاهدي يا انتظام جي ضرورت نه آهي. ان قسم جو لاڳاپو بنا ڪنهن لکت ۾ ٿيل انجام جي به ٿيڻ جوڳو (ممڪن) آهي. جيتوڻيڪ ان قسم جو لاڳاپو جڏهن چوٽيءَ تي پهچندو آهي، ته اثر هيٺ آيل رياست جي حيثيت ڏَنَ- ڀرو، بيٺڪ يا نيم ٻانهي رياست جهڙي ٿي ويندي آهي. هيڻين رياستن مٿان سگهارين رياستن/قومن جي اثر وارو معاملو ڏاڍو پراڻو آهي ۽ اڄ به ’سپر پاورز‘،’گريٽ پاورز ۽ ’مڊل پاورز‘ جي نالي ۾ قائم آهي. ’اثر‘ جا مختلف قسم ٿيندا آهن. ٻي وڏي ويڙھ واري دور ۾ جاپان ڪوريا 1910ع کان 1945ع تائين ، ويٽنام، منچوريا، تائيوان ۽ چين تي پنهنجو اثر سڌي سنئين حڪومت قائم ڪرڻ ذريعي رکيو ( جيتوڻيڪ جاپان 1895ع کان تائيوان تي قبضو برقرار رکيو ، پر 1945ع ۾ ٻيهر چين پنهنجي حڪومت قائم ڪئي) ، جڏهن ته ڪيوبا سوويت روس کان پري هوندي به سندس اثر هيٺ رهيو. ٻئي طرف ايران ۽ ٿائيلينڊ وري اهڙا ملڪ آهن، جيڪي ’بفر رياستون‘ هجڻ ڪري هڪ ئي وقت ٻن سگهارين طاقتن ترتيبوار سوويت روس، برطانيا، فرانس ۽ برطانيا جي اثر هيٺ رهيا. ساڳي طرح جرمني ٻن حصن ۾ ورهائجي ٻن عالمي طاقتن جي اثر هيٺ رهيو.

[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2019-07-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد