مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

اثر جو دائرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اثر، داٻو، يا برتري (Influence) اصل ۾ لاطيني ٻولي جي لفظ influentia مان ورتل هي اصطلاح ڪنھن بہ شخص، تنظيم، سگهاري قوت وٽ موجود صلاحيت جي نشاندهي ڪري ٿو، جنھن ذريعي اُها ڪنھن ٻئي شخص، تنظيم ۽ رياست جي فيصلن، روين، راين ۽ لاڙن تي اثرانداز ٿي کيس پنھنجي مرضيءَ مطابق هلڻ تي مجبور ڪري سگهي. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ان صلاحيت کي ’اثر جي دائري‘ (Sphere of Influence) جي ذريعي بيان ڪيو وڃي ٿو. يعني اهڙو علائقو يا پرڳڻو، جنھن تي ڪنھن بہ رياست، تنظيم يا اختياريءَ کي سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ فوجي حوالي سان اثر حاصل هجي. عام طور تي اها حاصلات اثر رکندڙ ۽ اثر قبول ڪندڙ وچ ۾ ٿيل ڪن رواجي معاهدن هيٺ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر هروڀرو ڪنھن خاص معاهدي يا انتظام جي ضرورت نہ آهي. ان قسم جو لاڳاپو بنا ڪنھن لکت ۾ ٿيل انجام جي بہ ٿيڻ جوڳو (ممڪن) آهي. جيتوڻيڪ ان قسم جو لاڳاپو جڏهن چوٽيءَ تي پھچندو آهي، تہ اثر هيٺ آيل رياست جي حيثيت ڏَنَ- ڀرو، بيٺڪ يا نيم ٻانهي رياست جھڙي ٿي ويندي آهي. هيڻين رياستن مٿان سگهارين رياستن/قومن جي اثر وارو معاملو ڏاڍو پراڻو آهي ۽ اڄ بہ ’سپر پاورز‘،’گريٽ پاورز ۽ ’مڊل پاورز‘ جي نالي ۾ قائم آهي. ’اثر‘ جا مختلف قسم ٿيندا آهن. ٻي وڏي ويڙھ واري دور ۾ جاپان ڪوريا 1910ع کان 1945ع تائين ، ويٽنام، منچوريا، تائيوان ۽ چين تي پنھنجو اثر سڌي سنئين حڪومت قائم ڪرڻ ذريعي رکيو (جيتوڻيڪ جاپان 1895ع کان تائيوان تي قبضو برقرار رکيو، پر 1945ع ۾ ٻيھر چين پنھنجي حڪومت قائم ڪئي)، جڏهن تہ ڪيوبا سوويت روس کان پري هوندي بہ سندس اثر هيٺ رهيو. ٻئي طرف ايران ۽ ٿائيلينڊ وري اهڙا ملڪ آهن، جيڪي ’بفر رياستون‘ هجڻ ڪري هڪ ئي وقت ٻن سگهارين طاقتن ترتيبوار سوويت روس، برطانيا، ۽ فرانس جي اثر هيٺ رهيا. ساڳي طرح جرمني ٻن حصن ۾ ورهائجي ٻن عالمي طاقتن جي اثر هيٺ رهيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2019-07-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد