ايڊورڊ سعيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايڊورڊ سعيد
(انگريزي ۾: Edward Wadie Said خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 1 نومبر 1935[1][2][3][4][5][6][7][8]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
بيت المقدس[9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 25 سيپٽمبر 2003 (68 سال)[10][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
نيو يارڪ شهر[11]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت آمريڪا  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو ليکڪ،صحافي،فلسفي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي[12]،انگريزي ٻولي[12]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

ايڊورڊ سعيد (انگريزي ٻولي: Edward Said)، يروشلم جي هڪ خوشحال عيسائي گهراڻي ۾ پهرين نومبر 1935ع تي جنم ورتو. ان وقت فلسطين برطانيا جي راڄ هيٺ هو. هي ابتدا ۾ يروشلم، قاهره ۾ رهيو ۽ پوءِ ننڍي عمر ۾ ئي وڃي آمريڪا ۾ رهيو ۽ اتي تعليم وٺڻ لڳو، هن گريجوئيشن ۽ ماسٽرس پرسٽن يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ورتي، جنهن دوران هن آرٽ، ادب ۽ ميوزڪ سان دلچسپي رکڻ سان گڏ فلسطيني سياست ۽ جدوجهد ۾ عملي قدم وڌايو. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي- (Place out of) سميت ويهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن ۾ فلسطين جي تاريخ، موسيقي کان وٺي وچ اوڀر ۽ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جهڙا موضوع شامل هئا، پر جنهن ڪتاب کيس سڀ کان وڌيڪ شهرت ڏني، اهو 1978ع ۾ شايع ٿيندڙ Orientatism، (مشترقيت) هو، هيءُ ڪتاب نيشنل بوڪ اوارڊ لاءِ به نامزد ٿيو، ان کانسواءِ سندس ٻين اهم ڪتابن ۾ هيٺيان اهم آهن:

  1. Culture and Representation of Imperialism
  2. The End of the Peace Process
  3. Power, Policitics and Culture Out if Place

سندس ڪتاب دنيا جي 24 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن.ايڊورڊ سعيد ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب جو پروفيسر هو. کيس فڪري محاذ تي فلسطيني ڪيس جو سگهارو نمائندو ڄاتو وڃي ٿو. فلسطين جي آزاديءَ بابت قومي ڪائونسل جو نمائندو به رهيو آهي، پر جيئن ئي ياسر عرفات اوسلو هيٺ اسرائيل سان امن ٺاهه ڪيو ته هن نه رڳو قومي ڪائونسل تان احتجاج طور استعيفا ڏني، پر اوسلو ٺاهه کي هن غلاميءَ کان وڌيڪ بدتر ڄاڻايو. هن ”ڊان“ اخبار ۾ به ڪالم لکيا. ايڊورڊ سعيد اهڙو تاريخدان هو، جيڪو هڪ ئي وقت سنگيت ناٽڪ پيانو وڄائڻ جو ماهر هو، هو آمريڪا جي ساڄي ڌر لاءِ هڪ اهڙي نفرت آميز شخصيت رهيو، جنهن کي ڪجهه نقادن (Terror Professor of) (دهشت جو پروفيسر) جهڙي خطاب سان به نوازيو. ايڊورڊ 9 سيپٽمبر واري واقعي کان هڪ مهينو پوءِ مشهور آمريڪي پروفيسر ۽ نظريي دان سيموئل هنگٽن جي ٿيوري The Clash of Civilization (تهذيبن جو ٽڪراءُ) کي The Clash of Ignorance (جاهليت جي ٽڪراءُ) سان ڀيٽيو، ان واقعي کان پوءِ آمريڪي اخبار The Nation ۾ West v/s East (اولهه باقي دنيا) جي مقابلي ۾ سرد جنگ واري تصوير جي بنياد تي گڏيل ”تهذيبن جي ٽڪراءُ“ واري نظرئي جي هن چڱي نموني ڇنڊڇاڻ ڪئي. ايڊورڊ سعيد 25 سيپٽمبر 2003ع تي ڪينسر وگهي آمريڪا ۾ وفات ڪئي، سندس آخري ڪـتـاب (On Late Style) آهي، جيڪو سندس وفات کانپوءِ 2006ع ۾ ڇپيو.[13]

حوالا[سنواريو]

  1. IMDb ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=345&url_prefix=https://www.imdb.com/&id=nm0756429 — اخذ شدہ بتاریخ: 16 آڪٽوبر 2015
  2. 2.0 2.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Edward-Said — subject named as: Edward Said — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  3. SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6fn2dtw — subject named as: Edward Said — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/7982556 — subject named as: Edward Wadie Said — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  5. Store norske leksikon ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4342&url_prefix=https://snl.no/&id=Edward_Said — subject named as: Edward Said — عنوان : Store norske leksikon
  6. Babelio author ID: https://www.babelio.com/auteur/wd/118253 — subject named as: Edward W. Said
  7. https://cs.isabart.org/person/137729 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 اپريل 2021
  8. Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000023962 — subject named as: Edward Said — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  9. اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  10. http://www.columbia.edu/cu/news/03/09/edwardSaid_2.html
  11. اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  12. 12.0 12.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb119232983 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  13. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ايڊورڊ%20سعيد