حافظ شيرازي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حافظ شيرازي
(فارسي ۾: خواجه شمس‌الدین محمد حافظ شیرازی خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 1325 [1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شيراز   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 1389 (63–64 سال)[3][1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شيراز   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر ،ليکڪ [4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي فارسي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي فارسي ٻولي ،عربي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
مؤثر ابن العربي ،منصور الحلاج   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو influenced by (P737) وڪي ڊيٽا تي
تحريڪ غنائي شاعري   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو movement (P135) وڪي ڊيٽا تي
حافظ شيرازيءَ تي هڪ آرٽسٽ جو سرورق

حافظ شيرازيءَ جو اصل نالو شمس الدين محمد هو. فارسيءَ جي هن مشهور غزل گو شاعر، 1320ع تي شيراز ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين. عربي زبان ۽ ادب جو چڱو مطالعو ڪيائين.

اوائلي زندگي[سنواريو]

تعليم کان فارغ ٿي معلم جو پيشو اختيار ڪيائين. ابتدا ۾ هڪ مدرسي ۾ تفسير، قرآن جو معلم ٿيو. روايت آهي ته پڙهائيءَ دوران هو پنهنجي گهر وارن جي پيٽ پالڻ لاءِ رات جي وقت هڪ بيڪريءَ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ڏينهن جو پڙهندو هو. فارس تي عربن جي حڪمرانيءَ جي ڪري، منگولن بار بار فارس تي وحشياڻا حملا ڪيا. حافظ ٽيهن سالن جي عمر ۾ درٻاري شاعر بڻجي ويو. درٻار مان ملندڙ نذرانو ئي هن لاءِ زندگي گذارڻ جو اڪيلو ذريعو هو. حافظ شيرازي جلال الدين شاهه شجاع جو منظور نظر بڻيو، جنهن هن کي شيراز جي هڪ مدرسي ۾ ديني علمن جو استاد مقرر ڪيو. تصوف هن جي زندگيءَ تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ ان دوران هن شيخ محمد عطار جو خوب مطالعو ڪيو. حافظ شيرازي بابت پير حسام الدين راشدي’مڪلي نامي‘ ۾ لکي ٿو ته: ”پير محمد حسين شيرازي عرف پير مراد جو ڏاڏو سيد محمد، سلطان مبارز الدين جي دؤر ۾ شيراز کان سنڌ ۾ اچڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ هن سان گڏ حافظ شيرازي پڻ سنڌ لاءِ روانو ٿيو. اهي ٻئي قنڌار تائين گڏجي آيا، سيد ته پنهنجو سفر جاري رکيو پر حافظ شيرازي واپس موٽي هليو ويو.“

غزل گوئي[سنواريو]

ديوان حافظ جي هڪ جھلڪ

حافظ کي غزل گوئيءَ ۾ حد درجي جو ڪمال حاصل هو. آخري عمر ۾ هن پنهنجا غزل ديوان جي صورت ۾ مرتب ڪيا، جن ۾ ڪجهه قصيدا ۽ ننڍا نظم شامل ڪري 1379ع ۾ ديوان مڪمل ڪيائين. هرمز جي والي توران شاهه کليءَ دل سان حافظ جي قدرداني ڪئي. مظفري خاندان جي حڪمران محمد شاهه ‘اوَل‘ جي دور ۾ حافظ کي بادشاهه پاران بغداد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني وئي، جيڪا هن قبول نه ڪئي ۽ پنهنجي شهر شيراز ۾ رهڻ کي ترجيح ڏنائين، جنهن جي باغن ۽ پنهنجي محبوب جي سونهن جي ساراهه هن پنهنجي غزلن ۾ خوب ڪئي آهي. حافظ جي شاعري شاهه شجاع جي دؤر ۾ پنهنجي عروج تي هئي. شاهه شجاع 1394ع ۾ وفات ڪئي. حافظ سندس مدح ۾ ڪيترائي قصيدا لکيا. حافظ شيرازي ايران جي غزل گو شاعرن ۾ نهايت اعليٰ مقام رکي ٿو. هو عشق جي واردات محتاط انداز ۾ بيان ڪندي عريانيءَ کان پرهيز ڪندو هو. هن جو شمار دنيا جي وڏن صوفي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. کيس ’لسان الغيب‘ جي لقب سان به ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪلام ۾ وڏي رواني آهي، اردوءَ جي شاعر فيض احمد فيض جي شاعريءَ تي حافظ جي شاعريءَ جو وڏو اثر رهيو آهي. حافظ شريعت جي سخت گيريءَ جي دؤر ۾ لکيو هو:

فاش مي گويم و از گفته خود دلشادم،

بندهء عشقم و از هر دو جهان آزادم.


ترجمو: (مان کليو ڳالهائي رهيو آهيان ۽ جيڪي چوان ٿو انهيءَ تي خوش آهيان، مان عشق جو بندو آهيان ۽ ٻنهي جهانن کان آزاد آهيان.) حافظ شيرازي جي ڪلام ۾ اهڙو ته خدائي جذبو موجود آهي، جيڪو ايندڙ حالتن بابت پڻ خبر ڏئي ٿو، حافظ پاڻ هڪ شعر ۾ اعتراف ڪيو آهي ته تصوف جو ادراڪ کيس چاليهن سالن جي عمر ۾ حاصل ٿيو:

ڪه اي صوفي شراب آنگه يود صاف،

ڪـه در شيــشــه بـمـانــدار بعيـنـي.


ترجما[سنواريو]

انگريزيءَ ۾ حافظ کي ترجمو ڪندڙ پيٽر ايوري ۽ جان هيٿ سٽنبر لکيو آهي ته: يونانين وانگر فارسين لاءِ به الاهي حسن جو دنياوي اظهار خوبصورت جوانيءَ جي صورت ۾ ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ حافظ جي غزلن کي الاهي حسن جي تشبيهن طور پڙهي سگهجي ٿو، پر اهي واضح طور مجاز جي موضوع تي آهن، هن جي هڪ جڳ مشهور شعر جو ترجمو آهي ته: ”بهشت جو باغ به خوشگوار هوندو، پر بيدمشڪن جي پاڇي ۽ ٻنين جي ساوڪ کي به متان وساريو.“ عقيدت پرستن تي کلي تنقيد کانپوءِ حافظ جي سرپرست شاهه شجاع مذهبي ماڻهن جي زور ڀرڻ تي کيس جلاوطن ڪيو، پر پوءِ حافظ کي درٻار ۾ پنهنجي اڳوڻي حيثيت واپس ڏني وئي. وچولي عمر ۾ سندس شاعري هندستان ۽ عرب جي سرزمين تائين ڦهلي. حافظ کي ايران ۾ اڄ به وڏي احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ اڄ به فارس جا ماڻهو پنهنجي روزمرهه جي ڳالهه ٻولهه ۾ حافظ جا حوالا ڏين ٿا.

فالناما[سنواريو]

’ديوان حافظ‘ صدين کان فال نامي طور پڻ استعمال ٿيندو اچي، تيموري بادشاهه پنهنجي سڀني مهمن ۾ ديوان حافظ کان رهنمائي وٺندا هئا، همايون، بابر، اڪبر، جهانگير ۽ عالمگير اڪثر هي فالنامو استعمال ڪندا هئا. همايون بادشاهه جڏهن ايراني فوج وٺي هند تي حملي جو ارادو ڪيو ته ’ديوان حافظ‘ جي فالنامي مان هي شعر آيو.

عزيز مصر برغم برادرانِ غيور،

زقعره چاهه برآمد به اوج ماه رسيد.


(مصر جو عزيز، حاسد ڀائرن جي ذلت سان گڏ کوهه جي گهرائي مان نڪري آيو ۽ چنڊ جي بلندي تي پهچي ويو) ۽ همايون هن حملي ۾ سڀ ڀائرن کي شڪست ڏئي هندستان جو بادشاهه ٿيو. ’ديوان حافظ‘ مان فال ڪڍڻ لاءِ قديم دؤر کان ڪجهه مقرر ڪيل جدولون ٺهيل آهن جن مان مختلف طريقن سان فال ڪڍي سگهجي ٿي، جدولن مان حرف چونڊڻ کانپوءِ جڏهن اهي ملائبا آهن ته ڪا نه ڪا غزل جي مصرع ٺهيو وڃي ۽ انهي شعر کي جواب تسليم ڪيو وڃي ٿو. ٽالپر حاڪمن مان مير ڪرم علي خان جي هڪ قلمي بياض ۾ پڻ ’فالنامه ديوان حافظ‘ جي عنوان سان هڪ تفصيلي باب تحرير آهي، انهي کانسواءِ ميرزا قاسم علي بيگ پڻ پنهنجي مرثين جي بياض ۾ هن فالنامي کي وڌيڪ آسان ڪري تفصيلي قلمبند ڪيو آهي. حافظ جي مقبوليت جي ڪري سندس ڪلام ۾ ڪيترو ٻيو ڪلام به شامل ٿي ويل چيو وڃي ٿو. ’ديوان حافظ‘۾ سندس 500 کان وڌيڪ غزل شامل آهن. هن جي ٻولي سادي ۽ دل کي ڇهندڙ آهي. حافظ جي شاعريءَ جو پهريون انگريزي ترجمو 1891ع ۾ ٿيو. سنڌيءَ ۾ حافظ جي چونڊ ڪلام جو سنڌي ترجمو سنڌي ٻوليءَ جي عالم محمد يعقوب نياز ”ديوان حافظ“ نالي سان ڪيو آهي، جنهن ۾ سائشته نثر ۾ حافظ جي ڪلام جو انتهائي وڻندڙ، زيبائتو ترجمو ڪيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ کيس عالمي سطح تي تمام گهڻي مقبوليت ملي.

وفات[سنواريو]

حافظ شيرازي 791ھ/1389ع ڌاري ايران جي شهر شيراز ۾ وفات ڪئي.[5]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 full work available at URL: http://www.larousse.fr/encyclopedie/ — اخذ شدہ بتاریخ: 24 مَئي 2018 — عنوان : Encyclopédie Larousse en ligne
  2. 2.0 2.1 full work available at URL: http://www.larousse.fr/encyclopedie/ — اخذ شدہ بتاریخ: 24 مَئي 2018 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
  3. 3.0 3.1 full work available at URL: http://www.larousse.fr/encyclopedie/ — اخذ شدہ بتاریخ: 24 مَئي 2018 — خالق: Getty Research Institute حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "8cf7de326f7c345b5dfbcbb693751ae6f04989bd" defined multiple times with different content
  4. full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
  5. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012