مواد ڏانھن هلو

اوشو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رجنيش اوشو

رجنيش اوشو جو جنم هندستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪڇ واڍا ۾ 11 ڊسمبر 1931ع تي هڪ جيني گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد ڪپڙي جو واپاري هو. سندس گهراڻو، گڏيل گهراڻو هو.

ننڍي وهي ۽ لاڙا

[سنواريو]

اوشو جي ننڍپڻ جا ست سال سندس ناني ۽ نانيءَ وٽ گذريا، انهيءَ عرصي وچ ۾ اوشو ڪڏهن بہ اسڪول جو در ڪونہ ڏٺو. کيس فطري نظارن سان دلي لڳاءُ هو ۽ هو اڪيلائي کي ڏاڍو پسند ڪندو هو. وقت سان گڏ نيٺ سندس عمر اسڪول ۾ داخلا وٺڻ جي ٿي ۽ سندس مرضي جي خلاف کيس اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. اسڪول ۾ داخلا ملڻ کان پوءِ بہ هن پنھنجي فڪر واري واٽ ڪونہ ڇڏي ۽ فطرت جي نظارن مان سرور حاصل ڪرڻ لاءِ اڪثر ڏورانھن علائقن ڏانھن پنڌ ڪري هليو ويندو هو. سندس لاءِ سندس عزيزن ۽ ويجهن پاران اها راءِ بہ جڙي تہ هي ڏاڍو ضدي ٻار آهي. غير معمولي ذهانت سبب کيس يونيورسٽيءَ تائين معمول واري زندگي نصيب نہ ٿي.

سکيائون

[سنواريو]

شروع ۾ سندس دلچسپي فلسفي جي تعليم ڏانھن بہ ٿي جنھن جي بدولت کيس جبل پور يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيڻ جو موقعو بہ مليو. پر کيس اُتي بہ تسڪين نہ ٿي ۽ آخرڪار 1966ع ۾ اتان استعيفيٰ ڏئي هي هڪ نئين دنيا جي تلاش ۾ نڪري پيو. انهي وچ ۾ سندس لاڙو روحاني تعليم ڏانھن ٿيو ۽ هن ان جي پرچار ڪرڻ شروع ڪئي. سندس گفتار ۽ مزاج جي مٺاس سبب تمام ٿوري عرصي ۾ سندس چاهيندڙن جو هڪ وڏو حلقو سامھون آيو. سندس ڳالھيون عام رواجي ڳالھين کان منفرد ۽ بنھ الڳ هيون جنھن سبب ماڻهو سندس ڏانھن ڇڪجي ايندا هيا. سندس مقناطيسي مزاج کيس ”رجنيش آشرم“ قائم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جنھن ۾ هندستان کان سواءِ پوري دنيا جا انيڪ ذهني طرح ڏُتڙيل ۽ پريشان ماڻهو ڪھي ايندا هيا. جن جي ذهني مونجهارن ۽ پريشانين جو حل کين اوشو جي ليڪچرن ۾ ئي ملي ويندو هو. ماڻهن جو انگ هر روز وڌڻ لڳو ۽ 1976ع تائين رجيش آشرم هڪ اهڙو تہ آستانو بڻجي چڪو هو جتي روز مره جي زندگيءَ جون مڙئي سھولتون ميسر هيون. اوشو جي ڪوششن سان هڪ نئين دنيا جڙي چڪي هئي جتي هر ڪنھن کي زندگيءَ ۽ آسودگيءَ جي تلاش هئي.

مڃتا ۽ مخالفتون

[سنواريو]

اوشو جي شُھرت ۽ سندس چاهيندڙ جي تعداد ۾ هر روز اضافو ٿيڻ واري ڳالھ سندس مخالفن کان برداشت ڪونہ ٿي. جيتوڻيڪ سندس چاهيندڙن جو تعداد هزارن ۾ هيو پر اتي ئي سندس مخالفن جو تعداد بہ انهي انگ کان گهٽ ڪونہ هو. سندس مخالف کيس قتل ڪرڻ لاءِ مختلف ترڪيبون آزمائڻ لڳا ۽ هڪ ڏينھن خطاب دوران سندس مٿان چاقو سان حملو بہ ڪيو ويو. جنھن ۾ کيس تہ ڪو نقصان ڪونہ ٿيو بلڪ کيس نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ولاس ٽوپي نالي همراھ گرفتار ٿي پيو. جيڪو هندو بنياد پرست تنظيم جو هڪ رڪن هو. اوشو کيس سزا ڏيڻ جي بجاءِ معاف ڪري ڇڏيو.

جلاوطني

[سنواريو]

هن واقعي کان پوءِ اوشو ڀارت کي الوداع چئي 1981ع ڌاري آمريڪا وڃڻ جو فيصلو ڪيو. جتي سندس مريدن اوريگان جي هڪ صحرائي علائقي ۾ چوهٺ هزار ايڪڙ زمين خريد ڪري رکي هئي. اوشو پنھنجو آشرم اتي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اوشو، عورت، جنس، عشق محبت ۽ ٻين مڙني موضوعن تي کلي ڪري ڳالھائيندو هو. کيس وٽ ماڻهن جي عقيدت يا مذهب جي خيالن کي پالڻ جي واٽ ڪونہ هئي. سندس انهيءَ انداز بيان ڪري اوريگان جا عيسائي مبلغ سندس مٿان سخت ناراض ٿيا ۽ انهن اوشو جي خلاف مظاهرا شروع ڪيا ۽ آخرڪار اتان جي رياست کيس شرپسندي ۽ اخلاقي پستيءَ جا الزام هڻي آمريڪا ڇڏي وڃڻ جو حڪم جاري ڪيو.

واپسي

[سنواريو]

حالتن کيس ايترو تہ مجبور ڪيو جو کيس آمريڪا ڇڏڻو پيو. انهيءَ وچ ۾ هن عدالت کان استدعا جي درخواست بہ ڪئي هئي جنھن جي موٽ ۾ کيس ٽي ڏينھن جيل ۾ رکيو ويو. آمريڪا ڇڏڻ کان پوءِ هن يونان، سوئزرلينڊ، سوئيڊن، لنڊن، آئرلينڊ ۽ اسپين ۾ بہ پنھنجا پيرا ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن کيس ڪٿي بہ مستقل رهائش نہ ملي سگهي.

29 جولاءِ 1986ع تي واپس پنھنجي اباڻي وطن هندستان موٽي آيو. انهن مسافتن ۽ ڪشمڪش واري زندگي دوران سندس طبعيت بہ انتھائي ناساز رهڻ لڳي. سنڌن جو سور، اکين ۾ ڌنڌ، کاڌو نہ وڻڻ، ۽ ڪنن تي تاڙين جي تڪليف ٿيڻ لڳي. ڊاڪٽرن جي راءِ مطابق کيس اوريگان جي جيل واري کاڌي ۾ زهر ملائي ڏنو ويو هو جنھن سبب سندس طبعيت ايتري ٿوري وقت ۾ انتھائي خراب ٿي هئي ۽ ائين ئي زندگي سان جهيڙيندي هي فلسفي ذهن رکندڙ 19 جنوري 1990ع ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو.

حوالا

[سنواريو]