انٽرنيشنل آئلينڊ گيمز ايسوسيئيشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انٽرنيشنل آئلينڊ گيمز ايسوسيئيشن
فائل:Iga-logo-large.png
تشڪيل 1985 (1985)
صدر دفتر ڊوگلس, آئل آف مئن
ويب سائٽ https://www.iiga.org/

انٽرنيشنل آئلينڊ گيمز ايسوسيئيشن(انگريزي: International Island Games Association ) (مختصر نالو IIGA) ٻيٽن جون رانديون منعقد ڪرائڻ جي ھڪ بين الاقوامي تنظيم جو نالو آهي جنھن جي ڪرايل کوڙ راندين ۾ ڪيتريون ئي يورپي ۽ ٻين پاسن جي ٻيٽن جون راندين واريون ٽيمون شرڪت ڪنديون آهن. ھي تنظيم پنھنجي رڪن ٻيٽن جي تنظيمن ۽ راندين جي لاء مالي سھڪار ڪندڙن جي وچ ۾ رابطي جو ھڪ ذريعو آهي.

رڪنيت[سنواريو]

ھي تنظيم 1985 ۾ انگلينڊ جي ٻيٽ آئل آف مئن ۾ وجود ۾ آئي ۽ ان جو بنياد رکندڙ يورپ جي اٺ خودمختيار ملڪن جي ٻيٽن مان اتي آيا ھيا جن ۾ ڊينمارڪ، اسٽونيا، فنلئنڊ، يونان، ناروي، اسپين، سوئيڊن ۽ يونائيٽيڊ ڪنگڊم شامل ھيا. ھن تنظيم جا موجوده رڪن ھيٺ ڏجن ٿا:

ھن تنظيم جي رڪنن ۾ جبرالٽر (جبل طارق) واحد رڪن آھي جيڪو ٻيٽ ناھي پر اھو آئبيريا جو ھڪ اپٻيٽ آهي جنھن جي سرحد اسپين سان ملي ٿي. گرين لينڊ رڪن ٻيٽن ۾ سڀ کان وڏو ٻيٽ آھي. جيڪڏهن رڪن ٻيٽ سڀ گڏائجن تہ پوءِ بہ پکيڙ ۾ گرين لينڊ ان کان وڏو ٿيندو پر ان جي آبادي صفا گھٽ۽ ڇڊي آهي. ھن تنظيم جي اڳوڻن رڪنن ۾ مالٽا، آئس لينڊ، پرنس ايڊورڊ آئلينڊ وارو صوبو ۽ رھوڊز پڻ شامل ھيا.[1]

رڪنيت جا معيار[سنواريو]

ھن تنظيم جي آئين ۾ رڪنيت جا معيار ترتيبوار ڏنل آهن جيڪي نون درخواستن تي لاڳو ٿيندا آهن. انھن معيارن ۾ ٻيٽ جي گھٽ ۾ گھٽ 125000 آبادي جو ھجڻ جو معيار پڻ شامل آهي. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. "Prince Edward Island Resigns from the IIGA". IIGA. 
  2. "CONSTITUTION OF INTERNATIONAL ISLAND GAMES ASSOCIATION" (PDF). International Island Games Association. حاصل ڪيل 12 February 2018.