اعجاز قريشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پروفيسر اعجاز قريشي (انگريزي:Professor Aijaz Qureshi) سنڌ جو اديب، مورخ، تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ آهي.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

پروفيسر -اعجاز- احمد قريشي، 2 -جنوري- 1948ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ جي سيوهڻ شريف تعلقو جي بختيارپور ڳوٺ ۾، سنڌ جي مشهور وڪيل علي احمد قريشيءَ جي گهر ۾ ڄائو.[2]

تعليم[سنواريو]

پروفيسر قريشي پرائيمري کان مئٽرڪ تائين تعليم دادو شهر ۾ حاصل ڪئي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ، يونيورسٽيءَ پاران اسڪالرشپ ملڻ تي، لنڊن يونيورسٽيءَ مان معاشيات ۾ ايم. اي ڪري وطن موٽيو.

علمي ادبي خدمتون[سنواريو]

پروفيسر قريشي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اڪنامڪس شعبي ۾ 1971ع کان 1974 تائين ليڪچرار طور ۽ پوءِ پروفيسر طور تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن جون تعليم، ادب، تاريخ ۽ سماج سڌارڪ طور خدمتون پڻ ڳڻپ جوڳيون آهن[1].سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: ’سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا مسئلا ۽ زراعت‘ (لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڪيل ايم اي جي انگريزيءَ ۾ ٿيسز، جنهن جو بعد ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو)؛ ’سنڌ جي -تاريخ- -ارغون- ۽ -ترخان- دور‘، ’سنڌ جي -تاريخ- ڪيئن لکجي‘ ۽ ’تاريخ جو سبق‘ (ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتابن جا ترجما)؛ ’سنڌ جي اقتصاديات‘ (شريڪ مصنف) سنڌالاجيءَ طرفان ڇپايل، ’سنڌ جو آواز‘ (ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، ’اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون‘. ’هي جي واڪا واءُ ۾‘، ’چار مارچ ۽ اڄوڪي سنڌ‘ (ترتيب). ’ڏاها هن ڏيهه جا‘ (ڪونج رسالي ممبئيءَ پاران ڇپيل)، ’ڪوميلا کان اورنگيءَ تائين‘، (اختر حميد خان جي ڪتاب جو ترجمو)، سنڌي ٻولي، ماضي، حال ۽ مستقبل (ترتيب) انهيءَ کان سواءِ اقتصاديات، سماجيات ۽ سنڌ جي ادبي، ثقافتي، فني ۽ معاشي مسئلن تي 200 کن تحقيقي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل اٿس. انهيءَ کان سواءِ سندس ننڍڙا سفرناما پڻ ڇپيل آهن. مترجم جي حيثيت سان سنڌ بابت -انگريز- عملدارن ۽ ٻين جي مضمونن جا انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪيترا ترجما پڻ ڇپيل اٿس. پروفيسر -اعجاز- قريشيءَ، 8 سال حڪومت -پاڪستان- طرفان قائم ڪيل نئشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) جو ڊائريڪٽر رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل ”سنڌ ڊيولپمينٽ اسٽڊي سينٽر“ جو ڊائريڪٽر، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ”ڊائريڪٽر پلاننگ“، سنڌ يونيورسٽيءَ جي آءِ بي -ايس- جو ڊائريڪٽر، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جو سيڪريٽري، اين جي اوز فيڊريشن سنڌ جو چونڊيل چيئرمئن، -بيسنت هال- ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو مئنيجنگ ميمبر ۽ ايس. آر. ايس. پيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ کيس ٻه ڀيرا وزيٽنگ فيلو به چونڊيو ويو، جڏهن ته -آمريڪا- جو وڏي ۾ وڏو تعليمي اوارڊ ’فل برائيٽ‘ به کيس ملي چُڪو آهي. هن وقت سيڊا ۾ جنرل مئنيجر آهي ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ/آب پاشيءَ جي سڌارن تي ڪم ڪري رهيو آهي.[3] هيءُ ڪراچي يونيورسٽي ۾ قائم بينظير چيئر جو ڊائريڪٽر به رهيو آهي.[4]

حوالا[سنواريو]