اصغر پسيو
ڏيک
زندگي جو احوال
[سنواريو]اصغر پسيو جو پورو نالو اصغر علي پسيو ولد رانجهن خان پسيو آهي. هيءُ 2 نومبر 1976ع تي ڳوٺ محمد بچل پُسيو، سنڌ جي دادو ضلعي ،تعلقي خير پور ناٿن شاھ ۾ پيدا ٿيو.[1]
تعليم
[سنواريو]پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ محمد بچل پسيو[2] ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٿرڙي جادو شهيد مان 1995ع ۾ ۽ انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ناٿن شاھ مان 1997ع ۾ پاس ڪيائين.[1]
شاعري
[سنواريو]اصغر پسيو شاعري جي شروعات سال 1998ع ۾ ڪئي. هن ڪيترائي گيت ۽ غزل لکيا آهن جيڪي معياري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. سندس شاعري شبير شاهاڻي ۽ ٻين ڪيترن مشهور فنڪارن ڳائي آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 "Poets and writers". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2014-12-17. 2020-01-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "ڪڪڙ: پيرسن پير ترڪڻ سبب کڏ ۾ ٻڏي فوت -". 2020-01-01 تي حاصل ڪيل.