فعل
فعل __(Verb)
گرامر جو اھو لفظ اھي، جيڪو جملي ۾ ھئڻ، ڪرڻ، سھڻ، ٿيڻ ۽ پوڻ جي يعني ڪم جي معنيٰ ڏيکاري. هئڻ، ڪرڻ، ٿيڻ، سمهڻ وغيره اهڙا مصدر آهن، جن مان مختلف فعل جنم وٺن ٿا، جيڪي مختلف زمانن ۾ مختلف حالتن تحت روپ بدلائيندا رهن ٿا ۽ جملي ۾ ان ڪم کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪو ڪو فاعل ڪري. فعل جا ٽي نمونا يا قسم ٿين ٿا. فعل لازمي، فعل متعدي ۽ فعل مددي. فعل متعدي جا ٻه قسم ٿين. هڪ فعل متعدي معروف ۽ ٻيو فعل متعدي مجَهُول.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي