ترڪيب
Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو
ترڪيب __(Synthesis):
ترڪيب عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’ڳانڍاپو يا واسطو‘. اصطلاحي محاوري موجب جملي ۾ استعمال ٿيل لفظن جي گرامر موجب جوڙجڪ جي پرک/سڃاڻپ کي ترڪيب چئبو آهي. [1]
گرامر جي اصول ۽ قانون مطابق جملي ۾ ڪم آيل هجن انهن ما هر هڪ لفظ سان جيڪو لاڳاپو هجي، انهيءَ لاڳاپي کي ترڪيب چئبو آهي.
سنڌي ويا ڪرڻ (گرامر) ۾ اسم، ضمير، فعل ۽ حرف جر جي ترڪيب ڪڍي ويندي آهي.
- اسم جي باري ۾ سندس قسم، جنس، عدد ۽ حالت ڏيکاري ويندي آهي.
- ضمير جي حالت ۾ ضمير جو قسم، عدد، جنس ۽ حالت ڏيکاري ويندي آهي.
- فعل جي باري سندس زمان ۽ سندس فاعل ۽ مفعول ڏيکاريو ويندو آهي.
- حرف جر جي باري ۾ انهيءَ جو قسم ۽ ڇا سان لاڳو اٿس يا ڇا ڏيکاري ٿو.
اسم جي ترڪيب
ضمير جي ترڪيب
فعل جي ترڪيب
حرف جر جي ترڪيب
حوالا[سنواريو]
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي