مواد ڏانھن هلو

اسلام ۾ آدم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ʾĀdam
آدم

اسلامي خطاطي ۾ آدم عليه اسلام لکيل
خطاب پھريون نبي
پھريون انسان
ذاتي معلومات
پيدائش
ابراھيمي مذھبن مطابق زمين تان مٽي گھرائي خدا کيس جنت ۾ تخليق ڪيو ۽ سندس ھڪ پاسيري مان حوا کي ٺاھيو
وفات غير مستند مذھبي روايتن مطابق 1000يا 960سالن جي عمر ۾ مڪي ۾ وفات ڪئي
مذھب اسلام
Spouse Hawwā (حواء)
اولاد هابيل ,قابيل, شِيث
والدينسانچو:Pluralize from text ڪوبہ نہ
سڃاڻپ First human being
عرفيت ابوالبشر
نمايان استاد
Predecessor ڪوبہ نہ
Successor شيث نبي

اسلامي عقيدي موجب پھريون انسان، جنھن مان پوري انسان ذات وڌي ۽ ويجھي. دنيا جا ڪروڙين انسان ان جو اولاد آھن.

اسلامي عقيدو

[سنواريو]


پينٽر جعفر صادق 1565 ۾ آدم ۽ حوا جي تصوير ٺاھي جيڪا ھڪ فارسي ڪتاب ۾ ڏنل آهي.

قرآن شريف ۾ 13 جاين تي آدم عليه السلام جو ذڪر آيو آھي. الله تعاليٰ کيس زمين تي پنھنجو خليفو بنايو ۽ سڀني فرشتن کي ان جي سامھون جھڪڻ جو حڪم ڏنو، ڇو ته کيس ھر شيءِ جو نالو سيکاريو ويو ھو، يعني کيس ”علم اسماء“ عطا ٿيو ھو. منع ڪيل وڻ جو ميوو کائڻ سبب حضرت آدم ۽ ان جي زال بيبي حوا کي زمين تي لاٿو ويو. زمين جي جسماني زندگي گذارڻ، آدم جي نسل لاءِ امتحان ھو، کين حڪم ھو ته جيڪڏھن خدا جي عبادت ۽ حڪمن جي پابندي ڪندا ته قيامت جي ڏينھن وڏي ۽ دائمي جزا (جنت) حاصل ڪندا. ۽ جيڪڏھن ڪفر ۽ نافرماني ڪندا ته ان جي سزا دوزخ ٿيندي. حضرت آدم کي عام طور پھريون نبي مڃيو ويو آھي، جڏھن ته شريعت خداونديءَ جي شروعات حضرت نوح عليه السلام کان ڪئي وئي آھي. يھودي ۽ نصارا به آدم عليه السلام کي سڀني انسانن جو پيءُ مڃين ٿا. بائيبل ۾ آدم جي ڪھاڻي، پيدائش کان وٺي عدن جي باغ مان بيبي حوا سميت نڪرڻ تائين بيان ڪيل آھي. سينٽ پال (St. Paul) جي چوڻ مطابق آدم عليه السلام، انسان جي زميني حيثيت جو مظھر ھو. آدم عليه السلام جي ڪھاڻيءَ جو لاڳاپو بائيبل جي قصن ڪھاڻين جي تخليق سان ڪيو وڃي ٿو.

عام مذھبي روايتن مطابق، حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي بھشت مان تـڙائڻ ۾ ”نانگ“ جو وڏو ھٿ ھو، جنھن جي ورغلائڻ تي منع ٿيل وڻ جو ميوو کائڻ بعد بھشت مان تـڙجي ويا. سنڌ ۾ عام روايت آھي ته حضرت آدم، سنڌ جي ڪڇ واري حصي ۾ لٿو، جتي حضرت آدم جي ٻني اڄ تائين مشھور آھي ۽ ان جوءِ ۾ احترام طور ھر ڏيڻ جي منع آھي. ٻني 40 کن ڳوٺن تي مشتمل علائقو آهي ۽ اتي وڏا چراگاهه آهن. هي علائقو هن وقت ڀارت (ڪڇ) ۾ آهي. ڪن جو چوڻ آھي ته سرانديپ (سري لنڪا) آدم جي لھڻ جو مقام ھو. [1]

نالو ۽ مطلب

[سنواريو]

حضرت آدم عه جي نالي جي معنيٰ آهي: ڪڻڪ رنگو[2][3] آدم جي پيدائش:

آدم جي پيدائش

[سنواريو]

آدم جي پيدائش جو قصو ابراهيمي مذھبن جو ڏنل آھي جنھن جا تفصيل بائيبل ۽ قرآن ۾ ڏنل آھن . انساني پيدائش جو اھو قصو ابراهيمي مذھبن جو عقيدو آھي جنھن کي انھن مذھبن جا پوئلڳ يقين سان تسليم ڪن ٿا . مولانا مودودي مطابق ان قصي جا تفصيل قرآن ۾ ستن ھنڌن تي آھن جن ۾ سورة البقرہ جي رڪوع نمبر 11 ، سورة الاعراف جي رڪوع نمبر 2، سورة الحجر جي رڪوع نمبر 3، سورة بني اسرائيل جي رڪوع نمبر7، سورة الکہف جي رڪوع نمبر 7, سورة طه جي رڪوع نمبر 7، سورة ص جي رڪوع نمبر 5.بائيبل ۾ ھن قصي جا تفصيل ڪتاب پيدائش، باب پھريون، باب ٻيون، ۽ باب ٽيون ۾ ڏنل آهي.[4].

قرآن مطابق

[سنواريو]

سورة البقرہ جي ڏھين رڪوع ۾ ذڪر آھي تہ:

ترجمو[5]:

"۽ (اي پيغمبر!) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو تہ آءٌ زمين ۾ ھڪ نائب مقرر ڪرڻ وارو آھيان. (تڏھن) چيائون تہ (تون) منجھس اھڙي کي ڇو ٿو پيدا ڪرين؟ جو منجھس فساد ڪندو ۽ (ناحق) رت ھاريندو، ۽ اسين تنھنجي ساراھ سان (سندءِ) پاڪائي واکاڻيون ٿا ۽ تو کي پاڪ ڪري مڃيون ٿا، فرمايائين تہ جيڪي توھان نہ ڄاڻندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندو آھيان-۽ (الله) آدم کي سڀئي نالا سيکاريا وري اُھي (پڇا لاءِ) ملائڪن جي آڏو ڪيائين پوءِ فرمايائين تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ ھنن جا نالا ڏسيوم-چيائون تہ تون پاڪ آھين جيڪي اسان کي ڄاڻايو اٿئي تنھن کان سواءِ اسان کي (ٻي) ڪا خبر نہ آھي ڇو تہ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھين-(الله) چيو تہ آدم! انھن جا نالا کين ڏس پوءِ جڏھن کين انھن جا نالا ڏسيائين (تڏھن الله) چيو تہ اوھان کي نہ چيو ھوم ڇا؟ تہ آءٌ ئي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ جيڪي ظاھر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو بہ ڄاڻندو آھيان-۽ (اي پيغمبر!) جڏھن ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو تڏھن شيطان ڌاران (ٻين) سجدو ڪيو. ھن انڪار ڪيو ۽ ھٺ ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو- ۽ چيوسون تہ اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ رھو ۽ جتان وڻيوَ تتان مزي سان کائو ۽ ھن وڻ کي ويجھا نہ وڃجو نہ تہ ظالمن مان (شمار) ٿيندؤ-پوءِ شيطان اُتاھون اُنھن کي ٿيڙيو پوءِ جنھن (مزي) ۾ ھئا تنھن مان کين (ٻاھر) ڪڍيائين ۽ چيوسون تہ (بھشت مان) نڪري ھيٺ ٿيو اوھين ھڪ ٻئي جا ويري آھيو ۽ اوھان لاءِ ڪنھن وقت تائين زمين ۾ رھڻ جو ھنڌ ۽ (گذارڻ) جو سامان (ٺھرايل) آھي- پوءِ آدم پنھنجي پالڻھار وٽان ڪي لفظ سکيا پوءِ (الله) مٿس ٻاجھ ڪئي ڇو تہ اُھوئي معافي ڏيندڙ مھربان آھي"

آدم جو موت

[سنواريو]

مسلمانن جي ڏندڪٿائي روايتن مطابق پيدائش کان اڳ آدم کي دنيا ۾ ايندڙ سڀني انسانن کي انھن جي پيدائش کان اڳ آدم سان ملرايو ويو جن مان آدم ڏٺو تہ دائود نبي جي عمر سڀ کان گھٽ ھئي تنھنڪري ڪري ھن پنھنجي عمر مان 40 سال دائود کي بخشيا جيڪي ان جي اڳواٽ طئي ٿيل 60 سالن جي عمر ۾ جوڙ ڪيا ويا . آدم جي طئي ٿيل عمر 1000 سال ھئي جيڪا پوءِ گھٽجي 960 سال ٿي وئي. آدم جي وفات وقت ان جي تدفين شيث نبي ملائڪن کان سکي پوء ڪئي.اھا به روايت آھي تہ ادم پنھنجي اولاد مان چار نسل ڏسڻ کان پوءِ فوت ٿيو.روايتن مطابق موت وقت ان جي اولاد جو تعداد 1400 ھيو. روايتن ۾ اھو بہ اچي ٿو تہ کيس مڪي ڀرسان ابو قبيس جبل Mount Abu Qubays تي ھڪ غار ۾ دفنايو ويو. ھڪ روايت مطابق آدم ۽ حوا جا لاش ڪڍائي نوح نبي ٻيڙي ۾ کنيا ھئا جيڪي ٻوڏ بعد جيروسلم ۾ دفنايا ويا. ھڪ روايت مطابق آدم جي جسم کي مختلف حصن ۾ ورھائي مختلف ھنڌن تي دفن ڪيو ويو جن مان ھڪ حصو ھيبرون ۾ دفن ٿيل آهي.[6] [7][8][9][10][11]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آدم%20عليه%20السلام
  2. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  3. جهمت لال بدايوني، لغات هيرا. ص 69 ۽ ص 497.
  4. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 70 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}
  5. [1]»»__سورہ البقرہ جو سنڌي ۾ ترجمو پڙھو.
  6. {The Quran: an Encyclopedia Edited by Oliver Leaman_First published 2006 by Routledge 2 Park Square, Milton Park, Abingdon, Oxon, OX14 4RN Simultaneously published in the USA and Canada By Routledge 270 Madison Avenue, New York, NY 10016, USA}
  7. {Abdel-Haleem, M. (1997) ‘Adam and Eve in the Quran and the Bible’, Islamic Quarterly 41: 255–69.}
  8. {Beck, E. (1976) ‘Iblis und Mensch, Satan und Adam: Der Werdegang einer koranische Erzahlung’, Le Muse´on 89: 195–244.}
  9. {Kister, M.J. (1993) ‘Adam: A Study of Some Legends in Tafsir and Hadith literature’, Israel Oriental Studies 13: 113–74.}
  10. {Schock, C. (1993) Adam im Islam: ein Beitrag zur Ideengeschichte der Sunna, Islamkundliche Untersuchungen 168, Berlin: K. Schwarz.}
  11. {Zwemer, S.M. (1937) ‘The Worship of Adam by Angels’, Muslim World 27: 115–27. Brannon Wheeler}

سانچو:آدم