حوا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حوا
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 3760 ق م[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مڙس آدم عليہ السلام  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو spouse (P26) وڪي ڊيٽا تي
ٻار شيث عليہ السلام[2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
ويب سائٽ
IMDB تي صفحات  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

حوا آدم عليه السلام جي گھرواري، جيڪا قرآن جي نقطه نگاه مطابق حضرت آدم عليه السلام جي پاسراٽيءَ مان پيدا ڪئي وئي.

معني ۽ مطلب[سنواريو]

حوا جي معنيٰ آهي: اها عورت، جنهن جا لب ڪڻڪ رنگا هجن.[4]

عالمن جو خيال[سنواريو]

عالمن جو خيال آهي ته الله تعاليٰ حوا کي پيدا ڪرڻ جو هي طريقو انهي ڪري اختيار ڪيو ته جيئن دنيا ۾ ازدواجي زندگيءَ ۾ خوشگواري ۽ هم آهنگي پيدا ٿئي، سندس نالو حوا انهي ڪري رکيو ويو جو کين هڪ زندهه هستيءَ مان پيدا ڪيو ويو هو. ابن عباس جو خيال آهي ته ان کي حوا انهيءَ ڪري چيو ويو جو هوءَ هر بشر جي ماءُ آهي.

قرآن مجيد ۾[سنواريو]

قرآن پاڪ ۾ سندن قصي متعلق اچي ٿو ته: الله تعاليٰ حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي جنت ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو، پر کين هڪ وڻ جي ويجھو وڃڻ کان منع ڪئي ويئي. شيطان کين برغلائي ’شجرِ ممنوع‘ جو ميوو کائڻ تي آماده ڪيو. هنن ميوو کاڌو ۽ کين پنهنجي اوگھڙ جو احساس ٿيڻ لڳو، تڏهن هو جنت جي وڻن جي پنن سان پنهنجو جسم ڍڪڻ لڳا. ان کان پوءِ الله تعاليٰ آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا عليها السلام کي زمين تي موڪلي ڇڏيو.

روايتن ۾[سنواريو]

ابن سعد جي روايت موجب: حضرت آدمؑ هندستان (ان وقت هنڌ ۽ سنڌ ٻئي ملڪ هندستان سڏبا هئا.) جي سرزمين تي لٿو ۽ بيبي حوا جدي ۾ لٿي. ٻنهي جي ملاقات مزدلفه ۾ ٿي. بيبي حوا حضرت آدم عليه السّلام جي فوت ٿيڻ بعد ٻه سئو سالن کان پوءِ وفات ڪري وئي ۽ حضرت آدم عليه السّلام جي ڀر ۾ ئي دفن ٿي. دنيا جا انسان سندن اولاد آهن.[5] [6]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. مصنف: Mattis Kantor — صفحہ: 7 — ISBN 978-0-87668-229-6
  2. مصنف: Nikifor Bazhanov — عنوان : Иллюстрированная полная популярная библейская энциклопедия в 4-х выпусках
  3. chapter: 4 — عنوان : Genesis — باب: 25
  4. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  5. شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا ص 883
  6. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012