الھڏنو نوناري
| الهڏنو نوناري Allah Dino Noonari | |
|---|---|
| پيدائش | 1885 سکر سکر ضلعو سنڌ |
| وفات | 1951(عمر 66) سکر, سنڌ، پاڪستان |
| پيشو | ڪلاڪار |
| سَرگَرمُ سالَ | 1927–1985 |
استاد الهڏنو نوناري (انگريزي:Ustad Allah Dino Noonari) سنڌ جو مشهور ڪلاسيڪل راڳي هو.
زندگي جو احوال
[سنواريو]استاد الهڏنو نوناري، سر زمين سنڌ جو ممتاز گائڪ ٿي گذريو آهي، هن 1885ع ۾ سکر ويجهو ڳوٺ باگڙجي، هاڻوڪو شڪارپور ضلعو ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌ جو پهريون گائڪ هو، جنهن ديسي سنڌيءَ راڳ سان گڏ، ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ بہ ۾ُهارت حاصل ڪئي. خاص طور تي ”تان“ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. -استاد عاشق علي خان- جو شاگرد بڻيو ۽ گهڻي ڀاڱي سندس انداز ۾ ئي ڳائيندو هو ۽ اڪثر ساڻس گڏ ڳائيندو هو. سندس آواز، سنهو، اوچو ۽ لوچدار هو، جنهن ۾ عجيب ترنم ۽ سوز موجود هو. هن خاصيت سبب هُو ڪافيون ۽ مرثيا نهايت پرسوز انداز ۾ ڳائي سگهندو هو. هن کي ”تلنگ“ راڳ تي وڏي مهارت حاصل هئي، -ان- کان سواءِ -آسا- ۽ -ڀيروي- بہ ڪمال جي ڳائيندو هو. هن ممبئي، لکنئو ۽ مدراس ۾ بہ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهايو. سندس سوين ڪلام ريڪارڊ ٿيل آهن.[1][2]
وفات
[سنواريو]هن 21 جولاءِ 1951ع تي وفات ڪئي.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "استاد الهڏنو نوناري : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 02 مارچ 2020۔
- ↑ Aziz, Shaikh (05 جولاءِ 2009), "The legendary maestro", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 02 مارچ 2020۔
- ↑ "New Page 1", www.thekawish.com, حاصل ڪيل 02 مارچ 2020۔