مواد ڏانھن هلو

الھڏنو نوناري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
الهڏنو نوناري
Allah Dino Noonari
پيدائش1885
سکر سکر ضلعو سنڌ
وفات1951(عمر 66)
سکر, سنڌ، پاڪستان
پيشوڪلاڪار
سَرگَرمُ سالَ1927–1985

استاد الهڏنو نوناري (انگريزي:Ustad Allah Dino Noonari) سنڌ جو مشهور ڪلاسيڪل راڳي هو.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

استاد الهڏنو نوناري، سر زمين سنڌ جو ممتاز گائڪ ٿي گذريو آهي، هن 1885ع ۾ سکر ويجهو ڳوٺ باگڙجي، هاڻوڪو شڪارپور ضلعو ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌ جو پهريون گائڪ هو، جنهن ديسي سنڌيءَ راڳ سان گڏ، ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ بہ ۾ُهارت حاصل ڪئي. خاص طور تي ”تان“ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. -استاد عاشق علي خان- جو شاگرد بڻيو ۽ گهڻي ڀاڱي سندس انداز ۾ ئي ڳائيندو هو ۽ اڪثر ساڻس گڏ ڳائيندو هو. سندس آواز، سنهو، اوچو ۽ لوچدار هو، جنهن ۾ عجيب ترنم ۽ سوز موجود هو. هن خاصيت سبب هُو ڪافيون ۽ مرثيا نهايت پرسوز انداز ۾ ڳائي سگهندو هو. هن کي ”تلنگ“ راڳ تي وڏي مهارت حاصل هئي، -ان- کان سواءِ -آسا- ۽ -ڀيروي- بہ ڪمال جي ڳائيندو هو. هن ممبئي، لکنئو ۽ مدراس ۾ بہ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهايو. سندس سوين ڪلام ريڪارڊ ٿيل آهن.[1][2]

وفات

[سنواريو]

هن 21 جولاءِ 1951ع تي وفات ڪئي.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. "استاد الهڏنو نوناري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2020-03-02.
  2. Aziz, Shaikh (2009-07-05). "The legendary maestro". DAWN.COM (in انگريزي). Retrieved 2020-03-02.
  3. "New Page 1". www.thekawish.com. Retrieved 2020-03-02.