استاد گامڻ خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد گامڻ خان- اصل ۾ فتح ڳڙهه چوڙيان مشرقي پنجاب جو باشندو ۽ -استاد- شادي خان جو ننڍو فرزند هو. مگر سنڌ جي سڳنڌ ۽ هتي جي مڻيادار ماڻهن جي قرب جي هاڪ ٻڌي، هتي ڪهي آيو، ۽ اهڙو قابو ٿي ويو، جو کيس اصل وطن به وسري ويو. آخر مٽي به سنڌ جي ماڻيائين. مشهور گائڪ شادي خان جو هي لائق پٽ، پنهنجي ڦوهه جوانيءَ واري زماني ۾ هتي آيو هو، سندس آواز ڏاڍو سُريلو ۽ ميٺاڄ ڀريل هو. سندس گائڪيءَ جو انداز ڌرپڌي هو. هي -استاد- بني خان جو شاگرد هو، ۽ خيال جي گائڪي کانئس سکيائين. هن شڪارپور شهر کي پنهنجي مستقل رهائش لاءِ منتخب ڪيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]