پيارو خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(استاد پيارو خان کان چوريل)

استاد پيارو خان گواليار گهراڻي جو مشهور گائڪ، استاد بني خان جي گهراڻي مان هو. سندس شجرو سندس برصغير جي بادشاھ موسيقار تانسين سان وڃي ملي ٿو. استاد بنو خان بہ پنهنجي دؤر جو وڏو گويو ٿي گذريو آهي. درپڌ گائڪيءَ جو استاد گائڪ ليکيو وڃي ٿو. استاد پيارو خان تسنگ (امرتسر) جو رهاڪو هو. سنڌ جي سرهاڻ ۽ هتي جي ماڻهن جي مهڪ هن نوجوان موسيقار کي سنڌ ۾ آندو. سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري کيس سندس آواز تي موهت ٿي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. هن فن موسيقيءَ جي سکيا پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي هئي ۽ ان وقت به ڪماليت جي درجي تي پهتل هو. پوءِ خيال جي گائڪيءَ ۾ ممتاز مقام حاصل ڪيائين. جنهن ۾ سندس خاص گائڪي بلمپت هئي. سندس مقابلي ۾ گهڻو ڪري استاد عاشق علي خان ڳائيندو هو. ان وقت سندس پٽ استاد اميد علي خان اڃا ڇوڪراٽ هو، پر پوءِ بہ ڏاڍو سُريلو هو ۽ پيءُ سان جهيلي ٿي ڳائيندو هو.[1]

حوالا[سنواريو]