ادراڪي اڀياس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ادراڪي اڀياس (اِدراڪِي اَڀياسُ، اردو: علم ادراک، انگريزي: Cognitive Science) جديد سائنس جو هڪ شعبو آهي جنهن ۾ ذهن ۽ ذهني صلاحيتن ۽ عملن کي سائنسي طريقي سان پرکيو وڃي ٿو. ان جو اهم موضوع ادراڪ ۽ فهم آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ڪاگنيشن چئبو آهي.

ادراڪي اڀياس هڪ گهڻ-شعبائي سائنسي شعبو آهي، جنهن ۾ هيٺين شعبن کان مدد ورتي وڃي ٿي.

ادراڪي اڀياس ۾ ذهن جي جن صلاحيتن کي پرکيو وڃي ٿو تِن ۾ اهم هيءَ آهن:

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن وقت ادراڪي اڀياس ۾ يونيورسٽيون ڊگري ڏين ٿيون. انهن ۾ بيچلر، ماسٽر ۽ ڊاڪٽري ڊگريون شامل آهن. انهن ملڪن ۾ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ شامل آهن. مسلم ملڪن ۾ ترڪي، مليشيا ۽ ايران[1] جي ڪجهه يونيورسٽين ۾ ادراڪي اڀياس ڊپارٽمينٽ موجود آهن. جڏهن ته پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ ادراڪي اڀياس جي تعليم نٿي ڏني وڃي.

ادراڪي اڀياس جي مشهور سائنسدانن ۾ هيءَ شامل آهن: هَربَرٽ سائِمن (نوبل انعام)، نوم چومسڪي، ڊيوِڊ چالمرس، اسٽيفن پارڪر، ماروِن مِنسڪي، پِيٽر ڪرُوٿرس، جِين پِياگيٽ.

حوالا[سنواريو]