احمد حسين اي قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد حسين قاضي 15 آگسٽ 1920ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. هن بمبئي يونيورسٽي مان ميٿميٽڪس ۽ قانون ۾ گريجوئيشن ڪئي. سندس تعلق پاٽ ضلعي دادو سان آهي. هو ڊاڪٽر علي احمد ميمڻ جو اڪيلو اولاد هو، جنهن لياقت ميڊيڪل اسڪول جو بنياد وڌو ۽ سول اسپتال ڪراچيءَ جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ رهيو. هو علامہ آءِ آءِ قاضي ۽ معيشت دان اي جي اين قاضي جو ويجهو مائٽ هو. احمد حسين قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڪالت شروع ڪئي پر ترت ئي 1944ع ۾ انڊين آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس ۾ هليو ويو.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ انڪم ٽيڪس کاتي ۾ مختلف عهدن تي فائز رهيو ۽ ڪمشنر انڪم ٽيڪس، ميمبر سينٽرل روينيو بورڊ پڻ رهيو. 1974ع کان 1978ع تائين پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ بئنڪ جو چيئرمين رهيو. کيس سرڪاري خدمتن جي عيوض تمغہ پاڪستان بہ ڏنو ويو هو. 7 جنوري 2007ع ۾ 86 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]