ابو معشر سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ابو معشر سنڌي (Abu Muishar Sindhi) جو اصل نالو نجيح (Najeeh) هو ۽ ڪنيت ابو معشر هيس. اصل ۾ سنڌ جو رهاڪو هو، پوءِ مديني وڃي رهيو. ان ڪري کيس مدني ڪري سڏيو ويندو آهي. روايت آهي ته بنو اسد مديني ۾ کيس خريد ڪري نجيح نالو رکيو. هن حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي هڪ صحابي ابو امامہ اسعد بن سهل بن حنيف رضي الله عنہ کي ڏٺو هو، ان ڪري کيس تابعين ۾ ليکيو وڃي ٿو. وڏو عالم ۽ فاضل هو ۽ خاص طور معاني ۾ وڏو درڪ حاصل هئس.[1][2] [3] حديث جو مشھور راوي، جنھن جو پورو نالو ابو معشر نجيح -بن- عبدالرحمان السندي ھو، ڪنھن -جنگ- ۾ گرفتار ڪري آندو ويو، کيس حجاز ۾ ام موسيٰ خريد ڪيو ۽ پوءِ بنو ھاشم جي ميراث ۾ آيو. آخرڪار ھن مقرر ڪيل رقم ادا ڪري پاڻ کي آزاد ڪرايو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ھن تمام وڏو علمي رتبو حاصل ڪيو، ھن حديث ۽ فقه ۽ مغازي ۾ مھارت حاصل ڪئي. حديث سکڻ لاءِ ھن وقت جي عالمن کان تمام گھڻو پرايو، پوءِ ھن جا به ڪيترائي شاگرد ٿيا، سنڌي ھئڻ جي ڪري ھن جو لھجو ۽ سندس تلفظ جي ادائگي صحيح نه ھئي. کيس ابو معشر ’السندي‘ سڏيندا ھئا. ھو حافظي جو ڪجهه ڪمزور ھو. ھو خليفي مھديءَ جي ماءُ، ام موسيٰ جو غلام رھي چڪو ھو، -ان- ڪري کيس 160ھ777/ع ڌاري مديني مان عراق آندو ويو. ابو معشر السنديءَ جي -جنازي نماز- خليفي ھارون الرشيد پڙھائي.[4]. ابو معشر سنڌيءَ جو نالو سرفهرست آهي. حديث، مغازي ۽ فقهه ۾ ڪمال حاصل ڪيائين؛ خاص طرح مغازيءَ جي فن ۾ استاد ليکيو ويو آهي. سندس استادن مان محمد بن ڪعب، قرظي، سعيد بن ابي سعيد، مقيري، ابو برده بن ابي موسيٰ، هشام بن عروه، موسيٰ بن بشار، نافع، محمد بن قيس، وغيره آهن. ”جامع ترمذيءَ“ ۾ سندس روايت موجود آهي. سندس شاگردن ۾ جليل القدر عالمن ۽ فاضلن جا نالا آهن: جهروڪ محمد بن ابي معشر، عبدالرزاق، ابو نعيم، محمد بن بڪار، منصور بن ابي مزاحم، ليث بن سعد، عبدالله بن ادريس، هشيم، ابن مهدي، ابو نصر، هاشم بن قاسم، وڪيع، هوزه بن خليفه، عثمان بن عمرو، محمد بن سوا، محمد بن عمرو اقدي، ابو ضمره، سعيد بن منصور، عاصم، بن علي، ابو ربيع زهراني ۽ فن حديث ۽ فقهه جو مشهور امام سفيان ثوري. علامه ذهبيءَ، امام احمد بن حنبل، خطيب بغداديءَ، ابو نعيم خليليءَ سندس ذڪر ڪيو آهي. خليفو مهدي سندس علم ۽ فضل جو قدردان هو. سڀڪنهن کيس مغازيءَ جو امام مڃيو آهي. سندس تصنيفن مان ” المغازي“ تمام مشهور هئي. ابن نديم ” الفهرست“ ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. 1700هه ۾ وفات پاتائين. خليفي هارون رشيد سندس جنازي جي نماز پڙهائي. بغداد جي مقبره ڪبيره ۾ سنڌ جو هيءُ فخر مدفون ٿيو.[5]

لاڏاڻو[سنواريو]

سن170هه ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين. [6]

حوالا[سنواريو]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)
  2. سنڌي ادبي بورڊ ويب سائيٽ
  3. شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ، ص80
  4. ابو معشر السندي : (Sindhianaسنڌيانا)
  5. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
  6. عربي ادب ۾ سنڌ جو ڀاڱو رسالو الرحيم