ابو دلف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابو دلف- مسعر -بن- مهلهل بينوعي هڪ مشهور ۽ وڏو عرب سياح ٿي گذريو آهي. هي پهريون سياح آهي، جيڪو سنڌ ۽ هند ۾ خشڪيءَ جي رستي داخل ٿيو. هو -بغداد- کان ترڪستان آيو ۽ شاهه -بخارا-، نصر سامائي سان مليو. اتان هڪ چيني سفير سان گڏ چين ويو، اتي ڪجهه عرصو رهڻ بعد ترڪستان، ڪابل، -تبت- ۽ ڪشمير کان ٿيندو ملتان سنڌ آيو. سنڌ مان ٿي ڏکڻ هندستان جي ڪولم ٻيٽ تائين ويو. سندس سنڌ ۾ اچڻ جو زمانو 331ھ/942ع کان 377ھ/987ع تائين آهي. هن -ان- سفر دوران هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن سفر دوران پيش ايندڙ ڳالهين کي ڪتابي صورت ڏني، جنهن ۾ هن سنڌ جي -ان- وقت جي حالتن جو به عڪس ڏنو آهي. سندس -ان- ڪتاب جا ڪجهه حصا برلن ۾ 1845ع ڌاري لاطيني ٻوليءَ ۾ ڇپيا، -ان- کانسواءِ سندس هن سفر نامي جا ڪجهه خلاصا ابن ندام جي ڪتاب ”الفهرست ياقوت حموي“ جي ڪتاب ’موجهه البلدان‘ ۽ قرويني جي”آثار البلاء“ ۾ ڏنل آهن. -ابو دلف- پنهنجي سفرنامي ۾ سنڌ جي هڪ صوبي ملتان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”هتان جي -جامع مسجد- -بت- خاني جي قبي سان مليل آهي. ملتان ۾ اسلامي شان و شوڪت آهي.“ -ابو دلف- ملتان کان ٿي منصوره آيو هو. منصوره -ان- وقت سنڌ جو دارالخلافه، مشهور تجارتي شهر ۽ علم جو مرڪز هو. هت -امير- خاندان طرفان ناظم مقرر ٿيل هو. -ابو دلف- لکي ٿو ته: ”منصوره سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ اموي خليفو هت رهي ٿو، هو پنهنجي نالي جو خطبو به پڙهي ٿو ۽ شرعي حدود به -جاري- ڪري ٿو ۽ سڄي سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ آهي. سنڌ ۾ مٽيءَ جا اهڙا خوشبودار ٿانَوَ ٺهن ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ ۾ چيني ڄاڻائي وڪامجن ٿا ’پر اهي اصل ۾ چيني نه آهن‘ ڇو ته چين جي مٽي هتان جي مٽي کان سخت ٿئي ٿي ۽ -باهه- -ان- کي گهڻي حد تائين پچائي نه ٿي سگهي. هتان جي مٽيءَ جي ٿانوَن جو رنگ اڇو ۽ ٻين رنگن وارو هوندو آهي. -ابو دلف- جي سفرنامي ۾ سنڌ متعلق جيتوڻيڪ گهٽ معلومات ملي ٿي. پر اها بنيادي ۽ معياري ضرور آهي. گهٽ مواد ملڻ جو اهو به سبب آهي، جو سندس سفرنامي جو احوال ٻين سياحن جي ڪتابن ۾ گڏجي ويو آهي. سنڌ جو هي عرب سياح پنهنجي -ٿوري- احوال ۾ سنڌ بابت گهڻيون ڳالهيون ڪري ويو آهي، -جن- ۾ اسان جي -تاريخ- جو چڱو مواد موجود آهي.[1]

حوالا[سنواريو]